عبدالحليم شرر

عبدالحليم شرر : اديب ۽ عالم عبدالحليم شرر، لکنؤ ۾ 1860ع ۾ پيدا ٿيو. لکنؤ، ڪلڪتي، دهلي ۽ حيدرآباد ۾، روايتي تعليم سان گڏ عربي زبان، حديث جو علم ۽ انگريزي ٻولي به سکيائين.علمي زندگيءَ جو آغاز لکنوءَ مان 1882ع ۾ ‘دلگداز’ رسالي جاري ڪري ڪيائين. بعد ۾ ‘مهذب’ جريدو به ڪڍيائين. 1891ع ۾ رسالو بند ڪري حيدرآباد دکن ملازمت لاءِ پهتو. اتان سرڪاري خرچ تي انگلنڊ ويو ۽ واپس موٽيو ته نِت نوان خيال کڻي آيو. 1907ع ۾ دکن ۾ نائب ناظم تعليمات مقرر ٿيو. حيدرآباد ۾ کيس 600 روپيه ماهوار وظيفو ڏئي تاريخ اسلام لکڻ جو ڪم سونپيو ويو. بعد ۾ هن کي اجازت ملي ته لکنوءَ ۾ رهندي ڪم جو پورائو ڪري. آخر ۾ کيس حيدرآباد اچڻ کان منع ڪئي وئي. هن ٻه سال تڪليف ۾ گذاري، 24 ڊسمبر 1926ع تي وفات ڪئي. ان وقت هن جي عمر 66 سال هئي. ڊاڪٽر سليم اختر موجب، هن ڪل 102 ڪتاب لکيا، جن ۾ 28 تاريخي ناول، 21 سوانح عمريون، 15 تاريخي ڪتاب، 14 خيالي عنوان، 6 ڊراما ۽ منظومات ۽ 18 متفقه (اردو ادب ڪي مختصر ترين تاريخ، ص 210، لاهور 1983ع) شامل آهن. سنڌ جي حوالي سان مولانا صاحب تاريخ سنڌ (اردو) ٻن جلدن ۾ لکي. جلد اول 1907ع، ۽ ٻيو جلد 1909ع ۾ ڇپيو. ٻنهي جلدن کي گڏ سٽي بُڪ پوائنٽ ڪراچي 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي. شرر پنهنجي هن ڪتاب ۾ ان دور جي مدنظر، سنڌ بابت گهڻي ۽ نئين ڄاڻ مهيا ڪئي آهي، جيڪا هتي (سنڌ ۾) لکيل ڪتابن ۾ نه ٿي ملي. استاد اشرف علي سمي ان جو ترجمو ڪيو ۽ سنڌي زبان ۾ هي تاريخي ڪتاب، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2005ع ۾ ڇپيو آهي. سنڌي ترجمي تي مقدمي ذريعي عبدالحليم شرر ۽ سندس ڪتاب ‘تاريخ سنڌ’ جي سوانح ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. مقدمه نگار ڊاڪٽر غلام محمد لاکو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو