ارشد عبدالحڪيم

ارشد عبدالحڪيم

عبدالحڪيم ارشد

عبدالحڪيم ارشد : سنڌيءَ ٻوليءَ جو نامور شاعر عبدالحڪيم ارشد ولد حاجي يار محمد لکمير، 13 جون 1939ع تي ڳوٺ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نواب شاھہ (بينظير آباد) ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ اديب سنڌي ۽ اديب مولوي جا امتحان ڏئي، 1964ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 28 ڊسمبر 1998ع تي رٽائر ٿيو. عبدالحڪيم ارشد 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ڪهنه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي عنصر وڌيڪ نمايان آهي. ان کان سواءِ سندس شعر ۾ رومانوي رنگ بہ ڪمال جو آهي. عبدالحڪيم ارشد، پنھنجي همعصر راشد مورائيءَ وانگر اسٽيج جو اهم شاعر آهي. سندس شاعري سنڌ جي مشھور فنڪارن وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي. عبدالحڪيم ارشد جي هڪ گيت ’چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ‘ وحيد علي جي آواز ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي، سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’ڏيئا ڏات جا‘ 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي نواب شاھہ 1995ع شايع ڪيو. جڏهن تہ سندس قومي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ’آجپي جي گيت جهڙي شاعريڊسمبر 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، سندس شاعريءَ تي محمد ابراهيم جويي، مير محمد پيرزادي، پروفيسر عبدالله مگسي، تاج جويي، عبدالرحمان منگي، راشد مورائيءَ تفصيلي طرح لکيو آهي کيس جديد دؤر جي اهم شاعرن ۾ شمار ڪيو آهي. عبدالحڪيم ارشد 6 فيبروري 2018غ تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.06.13  عيسوي

عبدالحڪيم ارشد 13 جون 1939ع تي ڳوٺ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه ( بينظير آباد ) ۾ پيدا ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مشتاق بخاري
پرويز سجاد حيدر
عثمان احساني
انورشاھہ
سلطان باهو
عبداللطيف قيصر
انور منصور مڱريو
مينگهو فقيرشر
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
ساره شگفتہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون