عبدالرحيم صابر: نامور شاعر ۽ صحافي عبدالرحيم صابر، 1928ع ڌاري نوآباد، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس هڪ ڀاءُ محمد يوسف شاعر پنھنجي وقت جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. عبدالرحيم پهريان ‘نو آبادي’ جي تخلص سان لکڻ شروع ڪيو. ننڍيءَ عمر کان سنڌي پريس سان وابستہ ٿيو. هيءُ آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ وارين اخبارن: روزاني سنسار، سماچار، هندو سنسار، هندو، آزاد، قرباني، الوحيد ۽ هفتيوار آزاد اخبار ۾ ڪيترو وقت ڪم ڪري پنهنجو نالو ڪڍيو. هن ڪجهہ وقت اخبارن ۾ ڪمپازيٽر طور ڪم بہ ڪيو. عبدالرحيم زندگيءَ جي آخر ۾ روزاني هلال پاڪستان سان سلهاڙيل هو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ٿيندڙ ڪيترن ئي مشاعرن ۾ شرڪت پڻ ڪئي. سندس همعصر شاعرن ۾ محمد جمن هالو، علي محمد مجروح، ساجد سرشاري وغيرہ قابل ذڪر آهن. هيءُ بزم طالب الموليٰ سان پڻ وابستہ رهيو. هن 12 سيپٽمبر 1985ع تي وفات ڪئي.
1985.09.12 عيسوي
عبدالرحيم صابر، 1928ع ڌاري نوآباد، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.هن 12 سيپٽمبر 1985ع تي وفات ڪئي.