اچڪزئي، عبدالصمد خان

اچڪزئي، عبدالصمد خان

عبدالصمد خان اچڪزئي

عبدالصمد خان اچڪزئي : بلوچستان جي سرحدي علائقي چمن جي اچڪزئي قبيلي سان تعلق رکندڙ مشھور سياستدان، خان عبدالصمد خان انگريز دور ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان سياست جي شروعات ڪئي. ڊسمبر 1932ع ۾ آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين. 29 جنوري 1934ع تي ڪراچيءَ جي هڪ عام جلسي ۾ تقرير ڪرڻ ۽ اخبارن ۾ مضمون شايع ڪرائڻ جي الزام هيٺ کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. 1937ع ۾ ’انجمن وطن پارٽيءَ‘ جو بنياد وڌائين. ان عرصي دوران هڪ اخبار بہ شايع ڪيائين 1952ع ۾ ’ور ور پشتون‘ نالي پارٽيءَ جو بنياد وڌائين. 1955ع ۾ ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ سبب کيس جيل موڪليو ويو. 1956ع ۾ ’پاڪستان نيشنل پارٽيءَ‘ جي قيام ۾ حصو ورتائين ۽ 1957ع ۾ هن پارٽيءَ جو نالو تبديل ڪري نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) رکيو ويو. 1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ 10 سالن تائين هو جيل ۾ رهيو. مارچ 1968ع ۾ آزاديءَ کان پوءِ خان عبدالولي خان سان اختلاف جي ڪري ’نعپ‘ کان ڌار ٿي پختونخوا نيشنل عوامي پارٽيءَ جو بنياد رکيائين. هن 1973ع ۾ ڀٽي طرفان ’نعپ‘ ۽ جمعيت جي قائم ڪيل مخلوط حڪومت کي ختم ڪرڻ جي حمايت ڪئي. خان عبدالصمد خان اچڪزئي 2 ڊسمبر 1971ع تي سندس گهر ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان رکيل بم ڦاٽڻ سبب شھيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.29  عيسوي

عبدالصمد خان اچڪزئي 29 جنوري 1934ع تي ڪراچيءَ جي هڪ عام جلسي ۾ تقرير ڪرڻ ۽ اخبارن ۾ مضمون شايع ڪرائڻ جي الزام هيٺ کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو.


1971.12.02  عيسوي

عبدالصمد خان اچڪزئي 2 ڊسمبر 1971ع تي سندس گهر ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان رکيل بم ڦاٽڻ سبب شهيد ٿي ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيلاني، سيد محمد صالح شاھہ ثاني
چانڊيو ڀرڪيو شاهاڻي
شيخ ارشاد
تحوتمش III
اي ڊي خواجہ
ٽھل ايسرداس ڪيسواڻي
ڀوڄواڻي
شاهد خاقان عباسي
شاھہ محمد نابينا
عبدالڪريم لوڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون