عبدالقادر انڍڙ مولانا

عبدالقادر انڍڙ، مولانا: نامور ديني عالم مولانا عبدالقادر انڍڙ قاسم پور، تعلقي پني عاقل جي عالم گهراڻي ۾ محمد انڍڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن خاندان ستن پيڙهين کان ديني خدمت ۾ ر هيو. هن علم جي تحصيل خليفي مولانا محمد يعقوب همايوني وٽ ڪئي، جتي مولانا عبدالرحمان سکر وارو، مولانا عبدالله سومراڻي، مولانا عبدالستار رستمي ۽ مولانا عبدالستار خانڳڙھہ وارو سندس هم سبق هئا. مولانا تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي ڳوٺ قاسم پور ۾ پڙهائيندو رهيو، جتان بعد ۾ سيد بزرگن جي خواهش تي پنهواريءَ واري مدرسي ۾ پڙهائڻ لاءِ اچي رهيو. باقي زندگي اتي پڙهائيندي گذاريائين. مولانا تاج محمود امروٽي، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻوي، مولانا احمد ٿريچاڻوي، مولانا غلام حيدر شاھہ، مولانا حڪيم قائم الدين مھر ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا عالم سندن شاگرد رهيا. مولانا جي علمي بصيرت سبب وقت جا عالم ۽ بزرگ تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. پير پاڳارو شاھہ مردان شاھہ ‘اول’ پڻ وٽس ايندو هو ۽ خط پڻ لکندو هو. مولانا عبدالقادر جو باطني سلسلو سرهندي خاندان سان هو. پاڻ خواجہ نظام الدين شڪارپوريءَ جو مريد هو، کيس طب جي علم ۾ وڏي ڄاڻ هوندي هئي. سندس شمار وقت جي بھترين طبيبن ۾ ٿيندو هو. ان کانسواءِ پاڻ سٺو شاعر بہ هو. سندس شاعري فارسيءَ ۾ آهي. سندس تصنيفن ۾ ‘بيان زرد’، پنھنجي زندگي ۾ پڙهيل ڪتابن جو وچور آهي، جيڪو ستن جلدن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ٻين علمن سان گڏ علم جعفر ۽ علم نجوم بہ ڏنل آهن. ان کانسواءِ ٽي ڪتاب طب جي موضوع تي ‘خلاصه حدود امرابن’، ‘فرهنگ ڪبير’ ۽ ‘خلاصه الاوزان’ شامل آهن، جيڪي سمورا قلمي صورت ۾ پونيئرن وٽ محفوظ آهن. مولانا عبدالقادر 04 ذوالحج 1328ھہ/ 06 ڊسمبر 1910ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو