عثمان راهوڪڙو

عثمان راهوڪڙو

عثمان راهوڪڙو

عثمان راهوڪڙو: مشھور محقق ۽ شاعر عثمان ولد احمد راهوڪڙو 01 جون 1966ع تي ڳوٺ متو راهوڪڙو، ضلعي بدين ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول جمالي ڦڙدو ۽ اسماعيل راهوڪڙو، جڏهن تہ مئٽرڪ 1984ع ۾ مير غلام محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي، سندس ادبي تخلص ”ستايل“ هو. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب ۽ صحافت سان دلچسپي هئي. 1991ع کان ڪاوش اخبار جو ٽنڊي باگي لاءِ رپورٽر ٿيو. هو مختلف وقتن تي پريس ڪلب ٽنڊي باگي جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر رهيو. هو صحافين جي ضلعي سطح تي ڪم ڪندڙ تنظيم ايوان صحافت ۾ ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر بہ رهيو. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي باگي شاخ جو سيڪريٽري، سگا ٽنڊي باگي جو جنرل سيڪريٽري ۽ ايريا واٽر بورڊ بدين جو 2009ع کان 2014ع تائين ميمبر رهيو. هن آر ڊي'>ايم آر ڊي تحريڪ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو.
سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيل آهن، ڇپيل ڪتابن ۾: سُڪو سنڌوءَ ڪنارا رُنا (نثر ۽ شاعري: مارچ 2014ع)، مٽي جا مور ماڻهو (خاڪا: فيبروري 2015ع)، سون سريکيون عورتون (تحقيق: 2017ع)، سنڌوءَ ۽ ھاڪڙي جا وھڪرا (تحقيق: 2019ع) شامل آهن. هن گڙدن جي تڪليف سبب حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 27 ڊسمبر 2021ع تي 56 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.06.01  عيسوي

مشهور محقق ۽ شاعر عثمان ولد احمد راهوڪڙو 01 جون 1966ع تي ڳوٺ متو راهوڪڙو، ضلعي بدين ۾ ڄائو.


2021.12.27  عيسوي

عثمان راهوڪڙو 27 ڊسمبر 2021ع تي 56 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو حاجي لطف ﷲ سانوڻي هالائي
سوامي گوالانند مهراج
جتوئي آصف مصطفيٰ
چندرا ڪشنداس آڏواڻي
عبدالقادر لغاري مولوي
جسوڌڻ
ڪريم ڏنو راڄپر
غلام رسول شاھه1
ڀٽي مخدوم احمد
ڄام سيف ﷲ ڌاريجو:
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون