عثمان غني رضه: اسلام جو ٽيون خليفو حضرت عثمان رضي الله عنھ. سندن نسب جو سلسلو هن ريت آهي: عثمان بن عفان بن ابو العاص بن اميھ عبد شمس بن عبد مناف. خلفاءِ راشدين ۾ پاڻ ٽيون نمبر خليفو هو. سندس واسطو قريش جي مشهور شاخ بنو اميه سان هو. جاهليت جي دور ۾ قريش جو قومي جهنڊو ‘عقاب’ جنگ جي ڏينهن ۾ انهيءَ خاندان جي هٿ ۾ هوندو هو. حضرت عثمان رضه جي نسب جو سلسلو پنجين پيڙهيءَ ۾ عبد مناف تائين حضرت رسول الله صه سان وڃي ملي ٿو. سندس والده جو نالو ‘اروي’ بنت ڪريز آهي ۽ عبدالمطلب جي ڌيءُ ام حڪيم البيضاء سندس ناني هئي، جيڪا پاڻ ڪريمن صه جن جي سڳي پڦي هئي. حضرت عثمان رضه جي ولادت ‘عام الفيل’ جي ڇهن سالن کان پوءِ 576ع ۾ ٿي. اهڙيءَ ريت هو پاڻ ڪريم صه جن کان ڇهه سال عمر ۾ ننڍو هو. پاڻ ننڍپڻ ۾ لکڻ پڙهڻ سکيو ۽ جاهليت جي دور ۾ به لکيل پڙهيل ماڻهن ۾ ڳڻجڻ لڳو. پاڻ اسلام کان اڳ واري زندگيءَ ۾ پڻ خرابين ۽ گندگين کان پاڪ ۽ اعليٰ اخلاق ۽ شرم و حياء جو مالڪ ۽ نهايت نيڪ فطرت انسان هو. جوانيءَ ۾ هن اهلِ قريش وانگر واپار جو ڌنڌو اختيار ڪيو، پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري جي ڪري واپار ۾ وڏي ڪاميابي ماڻيائين. پاڻ مڪي جي سماج ۾ هڪ دولتمند واپاري مشهور هو ۽ ‘غني’ جي لقب سان کيس سڏيو ويندو هو. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنھ سان سندس گهاٽو واسطو هو، ان جي ئي تبليغ ۽ دعوت سان ان اسلام قبول ڪيو. بعثت نبويءَ جي شروعات ۾ ئي پاڻ ڪريم صه جي دعوت تي هي لبيڪ چئي پنهنجي جان ۽ مال دولت سان اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ۾ جنبي ويو. خود حضرت عثمان رضه فرمائين ٿا ته آءٌ اسلام قبول ڪندڙ چئن منجهان چوٿون هوس. پاڻ صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه، حضرت علي شير خدا رضه ۽ حضرت بن حارث رضه'>زيد بن حارث رضه کان پوءِ اسلام آڻڻ وارو پهريون شخص هو. پاڻ سڳورن حضرت عثمان رضه کي وحي لکڻ تي مقرر فرمايو. اهڙيءَ طرح پاڻ وحيءَ جي ڪاتبن ۾ پڻ ڳڻيا وڃن ٿا ۽ ان پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ڪاتب طور به فرض نڀايو.قريشن جي معزز شخصيت هجڻ جي باوجود پاڻ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سختين ۽ تڪليفن کي منهن ڏنائين. سندس چاچو حڪم بن ابي العامي کيس رسن سان ٻڌي مارون ڏيندو هو، تڏهن به حضرت عثمان رضي الله عنه جي استقلال ۾ فرق نه آيو. هن جي شادي پاڻ ڪريم صه جي نياڻي رقيهرضه سان ٿي. بعثت نبويءَ جي پنجين سال حبشه ڏانهن هجرت ڪرڻ وارن ۾ حضرت عثمان رضه به ونيءَ سوڌو شامل هو. هي اسلام جي سڀ کان پهرين هجرت هئي. انهيءَ لحاظ سان حضرت عثمان رضه اول المهاجرين پڻ هو. حبشه ۾ رهندي حضرت عثمان رضه کي عبدالله نالي پٽ به ٿيو، جنهنڪري پاڻ پنهنجي ڪنيت ابو عبدالله رکيائين. ٻي هجرت پاڻ مديني شريف ڏانهن ڪيائين. هتي پاڻ ڪريم صه جن هن جي ڀائپي حضرت حسان بن ثابت انصاريءَ جي ڀاءَ اوس بن ثابت رضه سان ڪرائي. ان ڳانڍاپي جي ڪري ٻنهي گهراڻن ۾ محبت ۽ قرب وڌي ويو، ان ڪري جڏهن حضرت عثمان رضه جي شهادت ٿي ته حضرت حسان بن ثابت رضه ان جي وڇوڙي تي هڪ دردناڪ مرثيو چيو ۽ پوءِ سڄي حياتي انهي حادثي تي ڏک ڪندو رهيو.پاڻ عهد نبويءَ جي سڀني جنگين ۾ شامل رهيو. بدر جي جنگ وقت ان جي گهر واري حضرت رقيه رضه بيمار هئي، پاڻ ڪريم صه جن کيس ان سان گڏ رهڻ لاءِ فرمايو ۽ وڌيڪ فرمايائون ته توکي جنگ ۾ شريڪ ماڻهن جيترو ثواب ۽ غنيمت جي مال مان حصو ملندو. ان بيماريءَ دوران ئي حضرت بي بي رقيه وصال فرمائي ويئي. غزوه ذات الرقاع ۽ غزوه بني غطفان ٻنهي موقعن تي پاڻ ڪريم صه جن سان گڏ هئا. حضور پاڪ صه جن بيبي رقيه جي وصال کان پوءِ پنهنجي ٻي نياڻي حضرت ام ڪلثوم رضه جو نڪاح حضرت عثمان رضه سان ڪرايو. شعبان 9 هجريءَ ۾ ام ڪلثوم رضه جي وفات تي پاڻ ڪريم صه جن فرمايو ته: جيڪڏهن منهنجي ڪا ٻي نياڻي هجي ها ته حضرت عثمانرضه کي پرڻائي ڏيان ها. حضرت عثمان رضه جي زندگيءَ جو هڪ اهم واقعو اهو به آهي ته: پاڻ ڪريم صه ان کي ذوالقعد 6 هجريءَ ۾ مڪي وارن ڏانهن پنهنجو سفير ڪري موڪليو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ‘بيعت رضوان’ ۽ ‘صلح حديبيه’ جا واقعا پيش آيا. حضرت عثمان رضه پهرين خليفي حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه جو مشير هو ۽ ڪجهه ٻين اصحابن سڳورن سان گڏ فتويٰ ڏيڻ جي خدمت به سندس حوالي هئي ۽ ڪاتب جي حيثيت ۾ فرض نڀائيندو رهندو هو. حضرت امير عمر رضه جي خلافت جي دور ۾ پاڻ مجلس شوريٰ جي ممتاز ميمبرن ۾ شامل هو. ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضه جي وفات کان پوءِ ٽين ڏينهن محرم 24 هجري/ 644 عيسويءَ تي حضرت عثمانرضه کي مسلمانن جو ٽيون خليفو چونڊيو ويو. حضرت عثمان رضه جي خلافت لڳ ڀڳ ٻارهن سال رهي، جنهن ۾ اسلام کي تمام گهڻيون سوڀون نصيب ٿيون ۽ اسلامي جاگرافيائي سرحدن ۾ وڏي واڌ آئي ۽ ان جون سرحدون سنڌ کان اندلس تائين وڃي پهتيون. اسلامي فوجن انهيءَ دور ۾ بحري قوت به حاصل ڪئي ۽ قبرس ۽ روڊس جا جزيرا فتح ڪيا، هڪ وڏو بحري ٻيڙو تيار ڪيو ويو ۽ عهد عثمانيرضه ۾ مسلمانن لڳ ڀڳ پنجاهه بحري جنگيون وڙهيون ۽ مسلمان فوجون بحر اسود تائين وڃي پهتيون. اهڙيءَ طرح حضرت عمر رضه جي دور جي فتح ڪيل ڪيترن ئي ملڪن بغاوت ڪئي ته انهن جي بغاوت کي چٿي ٻيهر اسلام جو تابع بڻايو ويو ۽ ٻئي طرف طرابلس (ليبيا)، تيونس، الجزائر، مراڪش، اندلس، جرجان ۽ خراسان فتح ڪيا ويا. ان کان سواءِ سوات، ڪابل، سجستان، نيشاپور ۽ ان جي اردگرد جي علائقن کي تابع ڪيو ويو. حضرت عثمان رضه جي ئي دور خلافت ۾ مسلمانن هندستان ڏانهن به واجهايو ۽ گجرات جي ساحلي علائقن تائين وڃي پهتا. هنن فتحن جو سمورو سلسلو فقط ڇهن سالن ۾ مڪمل ٿيو. ان مان حضرت عثمان رضه جي سياسي بصيرت ۽ پرجوش ديني خدمت جو پتو پوي ٿو. سندس دور ۾ تهذيب ۽ تمدن، ڪاريگري ۽ هنر، واپار، علم ۽ فن کي ترقي ملي، دولت ۽ خوشحاليءَ جو دور آيو. اصحابن سڳورن مديني شريف ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ سهڻيون عمارتون جوڙايون، قديم بازارن جي رونق وڌڻ سان گڏ نيون بازارون به جڙيون. قريش جا معزز حجاز کان نڪري ڏورانهن ملڪن تائين وڃي پهتا. حضرت عثمان رضه جي اسلامي خدمتن جو ذڪر ڊگهو آهي. انهن منجهان هڪ خدمت مسجد الحرام جي توسيع آهي ۽ مسجد نبويءَ جي تعمير کان سواءِ سندن سڀ کان وڏو ڪارنامو آهي، جو ان قرآن شريف کي لکرايو ۽ سڀني اسلامي ملڪن ۾ ان کي شايع ڪرائي عالمِ اسلام کي ان جي هڪ قرات تي متفق ڪيو. جنهن سبب ‘جامع القرآن’ سندس لقب مشهور ٿيو.عهد عثمانيءَ جي انهن نسخن مان چار نسخا (مديني شريف، استنبول، مصر ۽ ماسڪو) ۾ هن وقت به محفوظ آهن. سندس خلافت جو پهريون دور نهايت پرسڪون رهيو. فتحن جي گهڻائي سبب غنيمت جي مال ۽ محصولات ۾ واڌارو ٿيو. واپار ۽ زراعت ۾ ترقي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ معاشري ۾ خوشحالي پيدا ٿي. ان سان گڏ معاشري ۾ فساد ۽ بگاڙ به پيدا ٿيندو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي عناصرن جو هٿ هو ۽ ڪجهه غير مسلم يهودين ۽ عيسائين جون سازشون جن وڏي فتني کي جنم ڏنو. هي به سمجهيو وڃي ٿو ته، حضرت عثمان رضه جي فطري تحمل ۽ بردباري به سازشين ۽ فتني بازن جو مَن وڌايو. حضرت عثمان رضه جي خلاف ٻرندڙ انهيءَ باهه جو مرڪز ڪوفو، بصره ۽ مصر هئا. انهيءَ بغاوت جا ڪيترائي سبب هئا. آخرڪار سن 35 هجريءَ ۾ باغي مديني شريف وڃي پهتا، جڏهن حج جو موقعو هجڻ سبب مدينو شريف گهڻي ڀاڱي خالي هو، انهن گهيرو ڪري حضرت عثمان رضه جو مسجد نبويءَ ڏانهن اچڻ وڃڻ بند ڪيو، بعد ۾ گهيرو وڌائي کيس گهر ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو، جيڪو چاليهن ڏينهن تائين برقرار رهيو. انهيءَ دوران پاڻ پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهي ڪيترائي ڀيرا باغين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ڪو به فائدو نه ٿيو ۽ باغي خلافت تان هٿ کڻڻ واري مطالبي تي اٽل رهيا. ڪجهه صحابين کيس مدينو شريف ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻ جي صلاح ڏني، جن کي جواب ڏنائين ته مون کان محبوب صه جي شهر جي جدائي برداشت نه ٿيندي. ان دوران ڪجهه اڪابر اصحابن پنهنجي جوان فرزندن کي حضرت عثمان رضه جي گهر جي ٻاهران حفاظت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هو. انهن ۾ حضرت امام حسن عليه السلام، حضرت امام حسين عليه السلام، حضرت عبدالله بن زبير رضه ۽ حضرت بن عمر رضه'>عبدالله بن عمر رضه شامل هئا. ان کان سواءِ گهڻو تعداد همدردن جو اتي موجود هو، جن باغين جي مقابلي ڪرڻ جي اجازت گهري ته پاڻ سڀني کي وڙهڻ کان روڪي ڇڏيائين. آخر باغين سندس گهر جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ پٿر هڻي گهر کي باهه ڏيئي ڇڏيائون. پر پاڻ انهي سڄي صورتحال جو وڏي استقلال سان مقابلو ڪيائين. ڪيترن کي پنهنجي حمايت ۾ ڪنهن به قدم کڻڻ کان روڪي ڇڏيائين، کيس شهادت جو يقين ٿي ويو. آخري رات هن حضور نبي ڪريم صه جن کي خواب ۾ ڏٺو، پاڻ ڪريم صه جن فرمائين پيا ته: اي عثمان رضه اسان سان گڏ روزو اچي کول، تان جو 18 ذوالحج 35هه جي ڏينهن ڪجهه باغي سندس گهر ۾ گهڙي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اسلامي دنيا جي ٽئين خليفي کي هن حال ۾ وڃي شهيد ڪيائون، جو پاڻ روزي سان قرآن مجيد جي تلاوت فرمائي رهيو هو. شهادت وقت سندس عمر 80 سالن کان مٿي هئي. حضرت عبدالله بن سلام فرمايو ته: حضرت عثمان رضه جي قتل سان جيڪو فتنن ۽ فسادن جو در کليو آهي، سو قيامت تائين بند نه ٿيندو ۽ ٻين ڪيترن ئي اصحابن حضرت عثمان رضه جي شهادت تي گهڻو ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. حضرت حسان بن ثابت رضه کان سواءِ ڪعب بن مالڪ رضه، حميد بن ثور الهلالي رضه، قاسم بن اميته بن صامت رضه ۽ زينب بن عوام خليفي جي وفات تي دردناڪ مرثيا لکيا. حضرت عثمان رضه کان 146 حديثون روايت ٿيل آهن، جن مان سڀئي متفق عليه آهن.