عثمان غني رضي ﷲ عنه

عثمان غني رضي ﷲ عنه : اسلام جو ٽيون خليفو حضرت عثمان رضي ﷲ عنه عن سندن نسب جو سلسلو هن ريت آهي: عثمان بن عفان بن ابو العاص بن اميھ عبد شمس بن عبد مناف. خلفاءِ راشدين ۾ پاڻ ٽيون نمبر خليفو هو. سندس واسطو قريش جي مشھور شاخ بنو اميه سان هو. جاهليت جي دور ۾ قريش جو قومي جهنڊو ‘عقاب’ جنگ جي ڏينهن ۾ انهيءَ خاندان جي هٿ ۾ هوندو هو. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي نسب جو سلسلو پنجين پيڙهيءَ ۾ عبد مناف تائين حضرت رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم سان وڃي ملي ٿو. سندس والدہ جو نالو ‘اروي’ بنت ڪريز آهي ۽ عبدالمطلب جي ڌيءُ ام حڪيم البيضاء سندس ناني هئي، جيڪا پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي سڳي پڦي هئي. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي ولادت ‘عام الفيل’ جي ڇھن سالن کان پوءِ 576ع ۾ ٿي. اهڙيءَ ريت هو پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کان ڇھہ سال عمر ۾ ننڍو هو. پاڻ ننڍپڻ ۾ لکڻ پڙهڻ سکيو ۽ جاهليت جي دور ۾ بہ لکيل پڙهيل ماڻهن ۾ ڳڻجڻ لڳو. پاڻ اسلام کان اڳ واري زندگيءَ ۾ پڻ خرابين ۽ گندگين کان پاڪ ۽ اعليٰ اخلاق ۽ شرم و حياء جو مالڪ ۽ نهايت نيڪ فطرت انسان هو. جوانيءَ ۾ هن اهلِ قريش وانگر واپار جو ڌنڌو اختيار ڪيو، پنھنجي سچائي ۽ ايمانداري جي ڪري واپار ۾ وڏي ڪاميابي ماڻيائين. پاڻ مڪي جي سماج ۾ هڪ دولتمند واپاري مشھور هو ۽ ‘غني’ جي لقب سان کيس سڏيو ويندو هو. حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ عنه سان سندس گهاٽو واسطو هو، ان جي ئي تبليغ ۽ دعوت سان ان اسلام قبول ڪيو. بعثت نبويءَ جي شروعات ۾ ئي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي دعوت تي هي لبيڪ چئي پنھنجي جان ۽ مال دولت سان اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ۾ جنبي ويو. خود حضرت عثمان رضي ﷲ عنه فرمائين ٿا تہ آءٌ اسلام قبول ڪندڙ چئن منجهان چوٿون هوس. پاڻ ابوبڪر صديق رضي ﷲ عنه، حضرت علي شير خدا رضي ﷲ عنه ۽ حضرت زيد بن حارث رضي ﷲ عنه کان پوءِ اسلام آڻڻ وارو پهريون شخص هو. پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم حضرت عثمان رضي ﷲ عنه کي وحي لکڻ تي مقرر فرمايو. اهڙيءَ طرح پاڻ وحيءَ جي ڪاتبن ۾ پڻ ڳڻيا وڃن ٿا ۽ ان پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي ڪاتب طور بہ فرض نڀايو.قريشن جي معزز شخصيت هجڻ جي باوجود پاڻ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سختين ۽ تڪليفن کي منهن ڏنائين. سندس چاچو حڪم بن ابي العامي کيس رسن سان ٻڌي مارون ڏيندو هو، تڏهن بہ حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي استقلال ۾ فرق نہ آيو. هن جي شادي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي نياڻي رقيه رضي ﷲ عنها سان ٿي. بعثت نبويءَ جي پنجين سال حبشه ڏانهن هجرت ڪرڻ وارن ۾ حضرت عثمان رضي ﷲ عنه بہ ونيءَ سوڌو شامل هو. هي اسلام جي سڀ کان پهرين هجرت هئي. انهيءَ لحاظ سان حضرت عثمان رضي ﷲ عنه اول المهاجرين پڻ هو. حبشه ۾ رهندي حضرت عثمان رضي ﷲ عنه کي عبدالله نالي پٽ بہ ٿيو، جنهنڪري پاڻ پنھنجي ڪنيت ابو عبدالله رکيائين. ٻي هجرت پاڻ مديني شريف ڏانهن ڪيائين. هتي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن هن جي ڀائپي حضرت حسان بن ثابت انصاريءَ جي ڀاءَ اوس بن ثابت رضي ﷲ عنه سان ڪرائي. ان ڳانڍاپي جي ڪري ٻنهي گهراڻن ۾ محبت ۽ قرب وڌي ويو، ان ڪري جڏهن حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي شهادت ٿي تہ حضرت حسان بن ثابت رضي ﷲ عنه ان جي وڇوڙي تي هڪ دردناڪ مرثيو چيو ۽ پوءِ سڄي حياتي انهي حادثي تي ڏک ڪندو رهيو.پاڻ عھد نبويءَ جي سڀني جنگين ۾ شامل رهيو. بدر جي جنگ وقت ان جي گهر واري حضرت رقيه رضي ﷲ عنها بيمار هئي، پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کيس ان سان گڏ رهڻ لاءِ فرمايو ۽ وڌيڪ فرمايائون تہ توکي جنگ ۾ شريڪ ماڻهن جيترو ثواب ۽ غنيمت جي مال مان حصو ملندو. ان بيماريءَ دوران ئي حضرت بي بي رقيه وصال فرمائي ويئي. غزوه ذات الرقاع ۽ غزوه بني غطفان ٻنهي موقعن تي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن سان گڏ هئا. حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن بيبي رقيه جي وصال کان پوءِ پنھنجي ٻي نياڻي حضرت ام ڪلثوم رضي ﷲ عنها جو نڪاح حضرت عثمان رضي ﷲ عنه سان ڪرايو. شعبان 9 هجريءَ ۾ ام ڪلثوم رضي ﷲ عنها جي وفات تي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو تہ: جيڪڏهن منهنجي ڪا ٻي نياڻي هجي ها تہ حضرت عثمان رضي ﷲ عنه کي پرڻائي ڏيان ها. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي زندگيءَ جو هڪ اهم واقعو اهو بہ آهي تہ: پاڻ ڪريمصلي ﷲ عليہ وسلم ان کي ذوالقعد 6 هجريءَ ۾ مڪي وارن ڏانهن پنهنجو سفير ڪري موڪليو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ‘بيعت رضوان’ ۽ ‘صلح حديبيه’ جا واقعا پيش آيا. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ عنه جو مشير هو ۽ ڪجهہ ٻين اصحابن سڳورن سان گڏ فتويٰ ڏيڻ جي خدمت بہ سندس حوالي هئي ۽ ڪاتب جي حيثيت ۾ فرض نڀائيندو رهندو هو. حضرت امير عمررضي ﷲ عنه جي خلافت جي دور ۾ پاڻ مجلس شوريٰ جي ممتاز ميمبرن ۾ شامل هو. ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه جي وفات کان پوءِ ٽين ڏينهن محرم 24 هجري/ 644 عيسويءَ تي حضرت عثمان رضي ﷲ عنه کي مسلمانن جو ٽيون خليفو چونڊيو ويو. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي خلافت لڳ ڀڳ ٻارهن سال رهي، جنهن ۾ اسلام کي تمام گهڻيون سوڀون نصيب ٿيون ۽ اسلامي جاگرافيائي سرحدن ۾ وڏي واڌ آئي ۽ ان جون سرحدون سنڌ کان اندلس تائين وڃي پهتيون. اسلامي فوجن انهيءَ دور ۾ بحري قوت بہ حاصل ڪئي ۽ قبرس ۽ روڊس جا جزيرا فتح ڪيا، هڪ وڏو بحري ٻيڙو تيار ڪيو ويو ۽ عھد عثماني رضي ﷲ عنه ۾ مسلمانن لڳ ڀڳ پنجاھہ بحري جنگيون وڙهيون ۽ مسلمان فوجون بحر اسود تائين وڃي پهتيون. اهڙيءَ طرح حضرت عمر رضي ﷲ عنه جي دور جي فتح ڪيل ڪيترن ئي ملڪن بغاوت ڪئي تہ انهن جي بغاوت کي چٿي ٻيهر اسلام جو تابع بڻايو ويو ۽ ٻئي طرف طرابلس (ليبيا)، تيونس، الجزائر، مراڪش، اندلس، جرجان ۽ خراسان فتح ڪيا ويا. ان کان سواءِ سوات، ڪابل، سجستان، نيشاپور ۽ ان جي اردگرد جي علائقن کي تابع ڪيو ويو. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي ئي دور خلافت ۾ مسلمانن هندستان ڏانهن بہ واجهايو ۽ گجرات جي ساحلي علائقن تائين وڃي پهتا. هنن فتحن جو سمورو سلسلو فقط ڇھن سالن ۾ مڪمل ٿيو. ان مان حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي سياسي بصيرت ۽ پرجوش ديني خدمت جو پتو پوي ٿو. سندس دور ۾ تھذيب ۽ تمدن، ڪاريگري ۽ هنر، واپار، علم ۽ فن کي ترقي ملي، دولت ۽ خوشحاليءَ جو دور آيو. اصحابن سڳورن مديني شريف ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ سهڻيون عمارتون جوڙايون، قديم بازارن جي رونق وڌڻ سان گڏ نيون بازارون بہ جڙيون. قريش جا معزز حجاز کان نڪري ڏورانهن ملڪن تائين وڃي پهتا. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي اسلامي خدمتن جو ذڪر ڊگهو آهي. انهن منجهان هڪ خدمت مسجد الحرام جي توسيع آهي ۽ مسجد نبويءَ جي تعمير کان سواءِ سندن سڀ کان وڏو ڪارنامو آهي، جو ان قرآن شريف کي لکرايو ۽ سڀني اسلامي ملڪن ۾ ان کي شايع ڪرائي عالمِ اسلام کي ان جي هڪ قرات تي متفق ڪيو. جنهن سبب ‘جامع القرآن’ سندس لقب مشھور ٿيو.عھد عثمانيءَ جي انهن نسخن مان چار نسخا (مديني شريف، استنبول، مصر ۽ ماسڪو) ۾ هن وقت بہ محفوظ آهن. سندس خلافت جو پهريون دور نهايت پرسڪون رهيو. فتحن جي گهڻائي سبب غنيمت جي مال ۽ محصولات ۾ واڌارو ٿيو. واپار ۽ زراعت ۾ ترقي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ معاشري ۾ خوشحالي پيدا ٿي. ان سان گڏ معاشري ۾ فساد ۽ بگاڙ بہ پيدا ٿيندو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي عناصرن جو هٿ هو ۽ ڪجهہ غير مسلم يهودين ۽ عيسائين جون سازشون جن وڏي فتني کي جنم ڏنو. هي بہ سمجهيو وڃي ٿو ته، حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي فطري تحمل ۽ بردباري بہ سازشين ۽ فتني بازن جو مَن وڌايو. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي خلاف ٻرندڙ انهيءَ باھہ جو مرڪز ڪوفو، بصره ۽ مصر هئا. انهيءَ بغاوت جا ڪيترائي سبب هئا. آخرڪار سن 35 هجريءَ ۾ باغي مديني شريف وڃي پهتا، جڏهن حج جو موقعو هجڻ سبب مدينو شريف گهڻي ڀاڱي خالي هو، انهن گهيرو ڪري حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جو مسجد نبويءَ ڏانهن اچڻ وڃڻ بند ڪيو، بعد ۾ گهيرو وڌائي کيس گهر ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو، جيڪو چاليهن ڏينهن تائين برقرار رهيو. انهيءَ دوران پاڻ پنھنجي گهر جي ڇت تي چڙهي ڪيترائي ڀيرا باغين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ڪو بہ فائدو نہ ٿيو ۽ باغي خلافت تان هٿ کڻڻ واري مطالبي تي اٽل رهيا. ڪجهہ صحابين کيس مدينو شريف ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻ جي صلاح ڏني، جن کي جواب ڏنائين تہ مون کان محبوب صلي ﷲ عليہ وسلم جي شھر جي جدائي برداشت نہ ٿيندي. ان دوران ڪجهہ اڪابر اصحابن پنھنجي جوان فرزندن کي حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي گهر جي ٻاهران حفاظت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هو. انهن ۾ حضرت امام حسن عليہ السلام، حضرت امام حسين عليہ السلام، حضرت عبدالله بن زبير رضي ﷲ عنه ۽ حضرت عبدالله بن عمر رضي ﷲ عنه شامل هئا. ان کان سواءِ گهڻو تعداد همدردن جو اتي موجود هو، جن باغين جي مقابلي ڪرڻ جي اجازت گهري تہ پاڻ سڀني کي وڙهڻ کان روڪي ڇڏيائين. آخر باغين سندس گهر جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ پٿر هڻي گهر کي باھہ ڏيئي ڇڏيائون. پر پاڻ انهي سڄي صورتحال جو وڏي استقلال سان مقابلو ڪيائين. ڪيترن کي پنھنجي حمايت ۾ ڪنهن بہ قدم کڻڻ کان روڪي ڇڏيائين، کيس شهادت جو يقين ٿي ويو. آخري رات هن حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺو، پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمائين پيا تہ: اي عثمان رضي ﷲ عنه اسان سان گڏ روزو اچي کول، تان جو 18 ذوالحج 35ھہ جي ڏينهن ڪجهہ باغي سندس گهر ۾ گهڙي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اسلامي دنيا جي ٽئين خليفي کي هن حال ۾ وڃي شھيد ڪيائون، جو پاڻ روزي سان قرآن مجيد جي تلاوت فرمائي رهيو هو. شهادت وقت سندس عمر 80 سالن کان مٿي هئي. حضرت عبدالله بن سلام فرمايو تہ: حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي قتل سان جيڪو فتنن ۽ فسادن جو در کليو آهي، سو قيامت تائين بند نہ ٿيندو ۽ ٻين ڪيترن ئي اصحابن حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي شهادت تي گهڻو ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. حضرت حسان بن ثابت رضي ﷲ عنه کان سواءِ ڪعب بن مالڪ رضه، حميد بن ثور الهلالي رضي ﷲ عنه، قاسم بن اميته بن صامت رضي ﷲ عنه ۽ زينب بن عوام خليفي جي وفات تي دردناڪ مرثيا لکيا. حضرت عثمان رضي ﷲ عنه کان 146 حديثون روايت ٿيل آهن، جن مان سڀئي متفق عليہ آهن.


لفظ عثمان غني رضي ﷲ عنهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو