عثمان غني رضہ: اسلام جو ٽيون خليفو حضرت عثمان رضي ﷲ عنھ. سندن نسب جو سلسلو هن ريت آهي: عثمان بن عفان بن ابو العاص بن اميھ عبد شمس بن عبد مناف. خلفاءِ راشدين ۾ پاڻ ٽيون نمبر خليفو هو. سندس واسطو قريش جي مشھور شاخ بنو اميه سان هو. جاهليت جي دور ۾ قريش جو قومي جهنڊو ‘عقاب’ جنگ جي ڏينهن ۾ انهيءَ خاندان جي هٿ ۾ هوندو هو. حضرت عثمان رضہ جي نسب جو سلسلو پنجين پيڙهيءَ ۾ عبد مناف تائين حضرت رسول ﷲ صہ سان وڃي ملي ٿو. سندس والدہ جو نالو ‘اروي’ بنت ڪريز آهي ۽ عبدالمطلب جي ڌيءُ ام حڪيم البيضاء سندس ناني هئي، جيڪا پاڻ ڪريمن صہ جن جي سڳي پڦي هئي. حضرت عثمان رضہ جي ولادت ‘عام الفيل’ جي ڇھن سالن کان پوءِ 576ع ۾ ٿي. اهڙيءَ ريت هو پاڻ ڪريم صہ جن کان ڇھہ سال عمر ۾ ننڍو هو. پاڻ ننڍپڻ ۾ لکڻ پڙهڻ سکيو ۽ جاهليت جي دور ۾ بہ لکيل پڙهيل ماڻهن ۾ ڳڻجڻ لڳو. پاڻ اسلام کان اڳ واري زندگيءَ ۾ پڻ خرابين ۽ گندگين کان پاڪ ۽ اعليٰ اخلاق ۽ شرم و حياء جو مالڪ ۽ نهايت نيڪ فطرت انسان هو. جوانيءَ ۾ هن اهلِ قريش وانگر واپار جو ڌنڌو اختيار ڪيو، پنھنجي سچائي ۽ ايمانداري جي ڪري واپار ۾ وڏي ڪاميابي ماڻيائين. پاڻ مڪي جي سماج ۾ هڪ دولتمند واپاري مشھور هو ۽ ‘غني’ جي لقب سان کيس سڏيو ويندو هو. حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ عنھ سان سندس گهاٽو واسطو هو، ان جي ئي تبليغ ۽ دعوت سان ان اسلام قبول ڪيو. بعثت نبويءَ جي شروعات ۾ ئي پاڻ ڪريم صہ جي دعوت تي هي لبيڪ چئي پنھنجي جان ۽ مال دولت سان اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ۾ جنبي ويو. خود حضرت عثمان رضہ فرمائين ٿا تہ آءٌ اسلام قبول ڪندڙ چئن منجهان چوٿون هوس. پاڻ ابوبڪر صديق رضه، حضرت علي شير خدا رضہ ۽ حضرت بن حارث رضہ'>زيد بن حارث رضہ کان پوءِ اسلام آڻڻ وارو پهريون شخص هو. پاڻ سڳورن حضرت عثمان رضہ کي وحي لکڻ تي مقرر فرمايو. اهڙيءَ طرح پاڻ وحيءَ جي ڪاتبن ۾ پڻ ڳڻيا وڃن ٿا ۽ ان پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي ڪاتب طور بہ فرض نڀايو.قريشن جي معزز شخصيت هجڻ جي باوجود پاڻ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سختين ۽ تڪليفن کي منهن ڏنائين. سندس چاچو حڪم بن ابي العامي کيس رسن سان ٻڌي مارون ڏيندو هو، تڏهن بہ حضرت عثمان رضي ﷲ عنه جي استقلال ۾ فرق نہ آيو. هن جي شادي پاڻ ڪريم صہ جي نياڻي رقيهرضه سان ٿي. بعثت نبويءَ جي پنجين سال حبشه ڏانهن هجرت ڪرڻ وارن ۾ حضرت عثمان رضہ بہ ونيءَ سوڌو شامل هو. هي اسلام جي سڀ کان پهرين هجرت هئي. انهيءَ لحاظ سان حضرت عثمان رضہ اول المهاجرين پڻ هو. حبشه ۾ رهندي حضرت عثمان رضہ کي عبدالله نالي پٽ بہ ٿيو، جنهنڪري پاڻ پنھنجي ڪنيت ابو عبدالله رکيائين. ٻي هجرت پاڻ مديني شريف ڏانهن ڪيائين. هتي پاڻ ڪريم صہ جن هن جي ڀائپي حضرت حسان بن ثابت انصاريءَ جي ڀاءَ اوس بن ثابت رضہ سان ڪرائي. ان ڳانڍاپي جي ڪري ٻنهي گهراڻن ۾ محبت ۽ قرب وڌي ويو، ان ڪري جڏهن حضرت عثمان رضہ جي شهادت ٿي تہ حضرت حسان بن ثابت رضہ ان جي وڇوڙي تي هڪ دردناڪ مرثيو چيو ۽ پوءِ سڄي حياتي انهي حادثي تي ڏک ڪندو رهيو.پاڻ عھد نبويءَ جي سڀني جنگين ۾ شامل رهيو. بدر جي جنگ وقت ان جي گهر واري حضرت رقيه رضہ بيمار هئي، پاڻ ڪريم صہ جن کيس ان سان گڏ رهڻ لاءِ فرمايو ۽ وڌيڪ فرمايائون تہ توکي جنگ ۾ شريڪ ماڻهن جيترو ثواب ۽ غنيمت جي مال مان حصو ملندو. ان بيماريءَ دوران ئي حضرت بي بي رقيه وصال فرمائي ويئي. غزوه ذات الرقاع ۽ غزوه بني غطفان ٻنهي موقعن تي پاڻ ڪريم صہ جن سان گڏ هئا. حضور پاڪ صہ جن بيبي رقيه جي وصال کان پوءِ پنھنجي ٻي نياڻي حضرت ام ڪلثوم رضہ جو نڪاح حضرت عثمان رضہ سان ڪرايو. شعبان 9 هجريءَ ۾ ام ڪلثوم رضہ جي وفات تي پاڻ ڪريم صہ جن فرمايو تہ: جيڪڏهن منهنجي ڪا ٻي نياڻي هجي ها تہ حضرت عثمانرضه کي پرڻائي ڏيان ها. حضرت عثمان رضہ جي زندگيءَ جو هڪ اهم واقعو اهو بہ آهي تہ: پاڻ ڪريم صہ ان کي ذوالقعد 6 هجريءَ ۾ مڪي وارن ڏانهن پنهنجو سفير ڪري موڪليو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ‘بيعت رضوان’ ۽ ‘صلح حديبيه’ جا واقعا پيش آيا. حضرت عثمان رضہ پهرين خليفي حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ جو مشير هو ۽ ڪجهہ ٻين اصحابن سڳورن سان گڏ فتويٰ ڏيڻ جي خدمت بہ سندس حوالي هئي ۽ ڪاتب جي حيثيت ۾ فرض نڀائيندو رهندو هو. حضرت امير عمر رضہ جي خلافت جي دور ۾ پاڻ مجلس شوريٰ جي ممتاز ميمبرن ۾ شامل هو. ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضہ جي وفات کان پوءِ ٽين ڏينهن محرم 24 هجري/ 644 عيسويءَ تي حضرت عثمانرضه کي مسلمانن جو ٽيون خليفو چونڊيو ويو. حضرت عثمان رضہ جي خلافت لڳ ڀڳ ٻارهن سال رهي، جنهن ۾ اسلام کي تمام گهڻيون سوڀون نصيب ٿيون ۽ اسلامي جاگرافيائي سرحدن ۾ وڏي واڌ آئي ۽ ان جون سرحدون سنڌ کان اندلس تائين وڃي پهتيون. اسلامي فوجن انهيءَ دور ۾ بحري قوت بہ حاصل ڪئي ۽ قبرس ۽ روڊس جا جزيرا فتح ڪيا، هڪ وڏو بحري ٻيڙو تيار ڪيو ويو ۽ عھد عثمانيرضه ۾ مسلمانن لڳ ڀڳ پنجاھہ بحري جنگيون وڙهيون ۽ مسلمان فوجون بحر اسود تائين وڃي پهتيون. اهڙيءَ طرح حضرت عمر رضہ جي دور جي فتح ڪيل ڪيترن ئي ملڪن بغاوت ڪئي تہ انهن جي بغاوت کي چٿي ٻيهر اسلام جو تابع بڻايو ويو ۽ ٻئي طرف طرابلس (ليبيا)، تيونس، الجزائر، مراڪش، اندلس، جرجان ۽ خراسان فتح ڪيا ويا. ان کان سواءِ سوات، ڪابل، سجستان، نيشاپور ۽ ان جي اردگرد جي علائقن کي تابع ڪيو ويو. حضرت عثمان رضہ جي ئي دور خلافت ۾ مسلمانن هندستان ڏانهن بہ واجهايو ۽ گجرات جي ساحلي علائقن تائين وڃي پهتا. هنن فتحن جو سمورو سلسلو فقط ڇھن سالن ۾ مڪمل ٿيو. ان مان حضرت عثمان رضہ جي سياسي بصيرت ۽ پرجوش ديني خدمت جو پتو پوي ٿو. سندس دور ۾ تھذيب ۽ تمدن، ڪاريگري ۽ هنر، واپار، علم ۽ فن کي ترقي ملي، دولت ۽ خوشحاليءَ جو دور آيو. اصحابن سڳورن مديني شريف ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ سهڻيون عمارتون جوڙايون، قديم بازارن جي رونق وڌڻ سان گڏ نيون بازارون بہ جڙيون. قريش جا معزز حجاز کان نڪري ڏورانهن ملڪن تائين وڃي پهتا. حضرت عثمان رضہ جي اسلامي خدمتن جو ذڪر ڊگهو آهي. انهن منجهان هڪ خدمت مسجد الحرام جي توسيع آهي ۽ مسجد نبويءَ جي تعمير کان سواءِ سندن سڀ کان وڏو ڪارنامو آهي، جو ان قرآن شريف کي لکرايو ۽ سڀني اسلامي ملڪن ۾ ان کي شايع ڪرائي عالمِ اسلام کي ان جي هڪ قرات تي متفق ڪيو. جنهن سبب ‘جامع القرآن’ سندس لقب مشھور ٿيو.عھد عثمانيءَ جي انهن نسخن مان چار نسخا (مديني شريف، استنبول، مصر ۽ ماسڪو) ۾ هن وقت بہ محفوظ آهن. سندس خلافت جو پهريون دور نهايت پرسڪون رهيو. فتحن جي گهڻائي سبب غنيمت جي مال ۽ محصولات ۾ واڌارو ٿيو. واپار ۽ زراعت ۾ ترقي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ معاشري ۾ خوشحالي پيدا ٿي. ان سان گڏ معاشري ۾ فساد ۽ بگاڙ بہ پيدا ٿيندو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي عناصرن جو هٿ هو ۽ ڪجهہ غير مسلم يهودين ۽ عيسائين جون سازشون جن وڏي فتني کي جنم ڏنو. هي بہ سمجهيو وڃي ٿو ته، حضرت عثمان رضہ جي فطري تحمل ۽ بردباري بہ سازشين ۽ فتني بازن جو مَن وڌايو. حضرت عثمان رضہ جي خلاف ٻرندڙ انهيءَ باھہ جو مرڪز ڪوفو، بصره ۽ مصر هئا. انهيءَ بغاوت جا ڪيترائي سبب هئا. آخرڪار سن 35 هجريءَ ۾ باغي مديني شريف وڃي پهتا، جڏهن حج جو موقعو هجڻ سبب مدينو شريف گهڻي ڀاڱي خالي هو، انهن گهيرو ڪري حضرت عثمان رضہ جو مسجد نبويءَ ڏانهن اچڻ وڃڻ بند ڪيو، بعد ۾ گهيرو وڌائي کيس گهر ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو، جيڪو چاليهن ڏينهن تائين برقرار رهيو. انهيءَ دوران پاڻ پنھنجي گهر جي ڇت تي چڙهي ڪيترائي ڀيرا باغين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ڪو بہ فائدو نہ ٿيو ۽ باغي خلافت تان هٿ کڻڻ واري مطالبي تي اٽل رهيا. ڪجهہ صحابين کيس مدينو شريف ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻ جي صلاح ڏني، جن کي جواب ڏنائين تہ مون کان محبوب صہ جي شھر جي جدائي برداشت نہ ٿيندي. ان دوران ڪجهہ اڪابر اصحابن پنھنجي جوان فرزندن کي حضرت عثمان رضہ جي گهر جي ٻاهران حفاظت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هو. انهن ۾ حضرت امام حسن عليہ السلام، حضرت امام حسين عليہ السلام، حضرت عبدالله بن زبير رضہ ۽ حضرت بن عمر رضہ'>عبدالله بن عمر رضہ شامل هئا. ان کان سواءِ گهڻو تعداد همدردن جو اتي موجود هو، جن باغين جي مقابلي ڪرڻ جي اجازت گهري تہ پاڻ سڀني کي وڙهڻ کان روڪي ڇڏيائين. آخر باغين سندس گهر جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ پٿر هڻي گهر کي باھہ ڏيئي ڇڏيائون. پر پاڻ انهي سڄي صورتحال جو وڏي استقلال سان مقابلو ڪيائين. ڪيترن کي پنھنجي حمايت ۾ ڪنهن بہ قدم کڻڻ کان روڪي ڇڏيائين، کيس شهادت جو يقين ٿي ويو. آخري رات هن حضور نبي ڪريم صہ جن کي خواب ۾ ڏٺو، پاڻ ڪريم صہ جن فرمائين پيا تہ: اي عثمان رضہ اسان سان گڏ روزو اچي کول، تان جو 18 ذوالحج 35ھہ جي ڏينهن ڪجهہ باغي سندس گهر ۾ گهڙي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اسلامي دنيا جي ٽئين خليفي کي هن حال ۾ وڃي شھيد ڪيائون، جو پاڻ روزي سان قرآن مجيد جي تلاوت فرمائي رهيو هو. شهادت وقت سندس عمر 80 سالن کان مٿي هئي. حضرت عبدالله بن سلام فرمايو تہ: حضرت عثمان رضہ جي قتل سان جيڪو فتنن ۽ فسادن جو در کليو آهي، سو قيامت تائين بند نہ ٿيندو ۽ ٻين ڪيترن ئي اصحابن حضرت عثمان رضہ جي شهادت تي گهڻو ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. حضرت حسان بن ثابت رضہ کان سواءِ ڪعب بن مالڪ رضه، حميد بن ثور الهلالي رضه، قاسم بن اميته بن صامت رضہ ۽ زينب بن عوام خليفي جي وفات تي دردناڪ مرثيا لکيا. حضرت عثمان رضہ کان 146 حديثون روايت ٿيل آهن، جن مان سڀئي متفق عليہ آهن.