عثمان ٻرڙو: هيءُ قنبر جو هڪ سٺو ليکڪ، فنڪار ۽ مولوي ٿي گذريو آهي، جنهن نہ صرف آتم ڪٿا لکڻ سميت پنج ڪتاب لکيا، پر قنبر ۾ ڪتابن جو دڪان بہ کوليو هو. هُو قنبر جي اديبن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، صحبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي جو ڏاڏو هو. محمد عثمان ولد محمد گلاب ٻرڙو ۱۸۶۵ع (۱۳۸۵ھہ) ۾ قنبر تعلقي جي ڳوٺ خيرپور جُوسي ۾، ناناڻن ۾، پيدا ٿيو، جڏهن تہ قنبر شھر جي نور شاھہ محلي (تڏهن سيد ڪامل شاھہ بخاري محلي) ۾ سندس رهائش هئي. ۱۸۷۲ع ۾ سندس والد وفات ڪئي، تہ کيس سندس چاچي علي محمد ٻرڙي پاليو. هن ۱۰ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۸۷۷ع ۾ سيد غلام حسين شاھہ وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو. باوجود بيحد غربت جي، هن پنھنجي شوق سبب پنجن درجن تائين تعليم پِرائي، پوءِ کيس پنھنجي چاچي علي محمد اسڪول مان ڪڍي، هارمونيم جو هنر سيکاريو، تڏهن بہ محمد عثمان لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيو. علي محمد هن کي ڪتابن جو دڪان بہ کولي ڏنو، جتي سندس سَوٽُ خير محمد بہ ويهندو هو. اتي ئي کيس ڪتابن پڙهڻ جو گهڻو موقعو مليو. کيس ۱۸۹۸ع ۾ علي محمد ڌار ڪيو، تہ هن قنبر جي ميونسپالٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي، جتي هُو صفائيءَ جو انسپيڪٽر بہ ٿيو، پر ۱۹۰۶ع ۾ عام ڏڪر سبب غريب ٿي پيو، تہ نوڪري ڇڏي هارمونيم وڄائي گذر سفر ڪرڻ لڳو.
محمد عثمان ٻرڙي خلافت تحريڪ (۱۹۲۱ع) ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو ۽ سندس لفظن ۾ ”دل وَ جان سان ڪم ڪيو“ ۽ مختلف ڪانفرنسن ۾ هميشہ شرڪت ڪئي. هن پير تراب علي شاھہ جي خطبن کي محفوظ رکيو. هُو اردو ٻوليءَ مان ڪچهريءَ ۾ ويٺلن کي مختلف مواد سڌو ترجمو ڪري ٻڌائيندو هو. هن قنبر ۾ آيل هڪ هندستانيءَ کان اردو سکي، جيڪو نجيب آباد جو ويٺل هو. محمد عثمان ٻرڙي وٽ ڪتابن، رسالن ۽ پمفليٽن جو سٺو ذخيرو هو، جيڪو سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ مواد جي ضايع ٿي ويو. هن ۶ ڪتاب لکيا، جن مان هڪ ڪتاب ڇپيو، ٻيا قلمي صورت ۾ موجود رهيا. سندس لکيل ڪتاب هي آهن:
1. تاريخ جھان في احوال رسول زمان (ميونسپالٽي ۾ نوڪريءَ دوران هي ڪتاب لکيائين.)
2. اسد اللھ الغالب في تاريخ علي بن ابو طالب (ڇپائيندڙ: قاضي الھہ ورايو خان ۽ الھہ ڏنو خان تاجر ڪتب لاڙڪاڻو. ڪتاب لاهور ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي ڪاپي ميسر ڪانهي.)
3. الحسن (امام حسن عليہ سلام جي زندگيءَ بابت)
4. تھذيب اخلاق ۽ گلشن اخلاق (هن ڪتاب ۾ پنهنجو نسب نامو بہ لکيائين ۽ شجرو بہ مرتب ڪيائين.)
5. خلافت: تقريرات، تحريرات و تصنيفات علماء هند
6. مجموع راڳ (غزلن، ڪافين، رباعين، بيتن ۽ مناقبات تي مشتمل)
محمد عثمان ٻرڙي کي ٽي پٽ: ڪريم بخش (8 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو)، محمد علي ۽ شوڪت علي پيدا ٿيا. شوڪت عليءَ پڻ هڪ ڪتاب ‘آزاد حقيقت’ لکيو. تاريخ ۽ ادب جي مطالعي سان دلچسپي رکندڙ محمد عثمان ٻرڙي کي پنھنجي پياري سَوٽ ۽ سالي خير محمد جي وفات (آگسٽ ۱۹۲۴ع) جو سخت صدمو رَسيو، جنهن کان پوءِ هُو بيحد بيمار ٿي پيو. سندس وفات ۱۳ جنوري ۱۹۲۵ع تي ٿي.