عرس: عرس اصل ۾ حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي آمد جي خوشيءَ ۾ ربيع الاول جي مهيني ۾ ملهايو وڃي ٿو، پر ان سان گڏ صوفي بزرگن يا مذهبي اڳواڻن جي مزارن تي هر سال سندن وفات جي موقعي تي جيڪو اجتماع ٿئي ٿو، تنهن کي ‘عرس’ بہ چون ٿا. عرس لفظ جي لغوي معنيٰ “ڪنهن اوليا يا بزرگ جي نالي ڪيل کاڌو، ڪنهن پير يا وليءَ جي ياد ۾ سندس ممتاتيءَ وارو ملهايل ڏينهن” وغيرہ آهي.عرس جي موقعي تي ڪن هنڌن تي قرآن خواني، ختم، درود وعظ ۽ تقريرن جون محفلون منعقد ڪري بزرگن جي روحن کي ثواب پھچايو وڃي ٿو ۽ ڪن هنڌن تي مزارن تي چادرون (پڙ) ۽ گل وڌا وڃن ٿا، مريدن ۽ معتقدن طرفان ننگر (نذر) نياز ڪيو وڃي ٿو ۽ باسون باسيون وڃن ٿيون ۽ راڳ رنگ (سماع) جون محفلون پڻ منعقد ٿينديون آهن، جن ۾ راڳي حمد، نعتون، مولود ۽ صوفياڻو ڪلام ڳائي ٻڌائين ٿا. پاڪستان ۾ حضرت علي هجويري المعروف داتا گنج بخش رحمة ﷲ عليہ (لاهور)، حضرت بابا فريد گنج شڪر رحمة ﷲ عليہ (پاڪ پتن)، سنڌ ۾ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحمة ﷲ عليہ (ڀٽ شاھہ)، حضرت لعل شھباز قلندر رحمة ﷲ عليہ (سيوهڻ شريف)، حضرت سچل سرمست رحمة ﷲ عليہ (درازا شريف) ۽ حضرت شاھہ عنايت شھيد (جهوڪ شريف) وغيرہ صوفين سڳورن جي مزارن تي هر سال ڌام ڌوم سان عرس منعقد ٿين ٿا، جن ۾ سنڌ ۽ هند جا هزارين معتقد شريڪ ٿين ٿا. حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة ﷲ عليہ (پير جو ڳوٺ)، حضرت سيد غلام حسين شاھہ صاحب (قمبر شريف) ۽ حضرت مشوري شريف وغيرہ سنڌ جي سداحيات بزرگن جون اهي درگاهون آهن، جتي عرس جي موقعن تي ڪا بہ غير شرعي ڳالھہ نہ ٿي ٿئي. ڇو تہ اتي عرس انهن بزرگن نہ بلڪہ حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي ولادت مبارڪ جي خوشيءَ ۾ ربيع الاول شريف جي مهيني ۾ ملهايا وڃن ٿا. هونءَ بہ سنڌ سان گڏ سڄي دنيا ۾ ربيع الاول شريف جو مهينو عرس (ميلاد) جو مهينو ليکيو وڃي ٿو ۽ مسلمان نہ فقط جلسن، جلوسن محفلن جي صورت ۾ نبي پاڪ جن جي آمد جي خوشي ملهائن ٿا. بلڪ هر گهر ۾ عرس ملهايو وڃي ٿو.عرس جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت مسلمانن جي طبقن ۾ اختلاف آهن. بزرگن جي معتقد ماڻهن جو خيال آهي تہ عرس بزرگن ۽ ﷲ تعالى جي پيارن ٻانهن سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار آهي. جڏهن تہ ٻيا ڪي ڌار مسلڪ وارا ماڻهو ان کي بدعت قرار ڏين ٿا. انهن جو چوڻ آهي تہ نذر نياز ۽ دعائون وغيرہ عبادت ۾ شامل نہ آهن ۽ عبادت فقط هڪ ﷲ تعالى جي هجڻ گهرجي. مزارن ۽ قبرن تي فقط ان لاءِ وڃڻ جي اجازت آهي، جو اتي وڃڻ سان موت ياد اچي ٿو، جنهن کان عبرت حاصل ڪجي.