عطر خان ڪلهوڙو

عطر خان ڪلهوڙو: هي سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد خان جو پٽ هو. هن جو پورو نالو ميان محمد خان ڪلهوڙو'>عطر خان ڪلهوڙو هو پر هي عطر خان جي نالي سان مشهور هو. 12 صفر 1167هه/ 7 ڊسمبر 1753ع ۾ جڏهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي وفات ڪئي، تڏهن هڪدم ميان محمد مراد ياب سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو. هي ڏاڍو ظالم ۽ عياش حاڪم هو انهي ڪري ارڪان سلطنت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ 13 ذوالحج 1170هه/ 28 آگسٽ 1757ع تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌ جي حڪومت جي تخت تي وِهاريو ويو. ان وقت عطر خان افعاني درٻار ۾ يرغمال طور موجود هو. هن جڏهن ميان مرادياب جي معزوليءَ جو ٻڌو ته هڪدم افغاني درٻار مان پنهنجي نالي سنڌ جي حڪومت جو پروانو ورتو.
ميان غلام شاهه وٽ سمورا سرائي سردار موجود هئا، انهن جڏهن اهو ٻڌو ته احمد شاهه ابدالي سنڌ جي حڪومت جو پروانو عطر خان جي نالي جاري ڪيو آهي، تڏهن اهي سمورا ميان غلام شاهه جي ملازمت ڇڏي ڀڄڻ لڳا، هي حال ڏسي 25 صفر 1171هه/8 نومبر 1757ع تي غلام شاهه حڪومت ڇڏي جيسلمير هليو ويو. ميان عطر خان جڏهن سنڌ جو رخ ڪيو تڏهن عام خيال هي هو ته هن مرادياب کي ٻيهر مسند تي وِهاريندو. جڏهن ميان محمد عطر خان آيو، تڏهن هن مرادياب سان ملڻ کانسواءِ ئي حڪم ڏئي ڇڏيو ته هن (مرادياب) کي خدا آباد ۾ ئي رهڻ گهرجي. هن حرڪت جي ڪري سڀ خاموش رهيا، ڇو ته هو شاهي فرمان مطابق حاڪم بنيو هو. ميان عطر خان حاڪم ته بنجي ويو، پر هو ملڪ جو نظام درست نه ڪري سگهيو. هي پڻ غافل ۽ ظالم حاڪم هو.
اهڙين نازڪ حالتن ۾ سنڌ جي حڪومت جي اميرن ۽ وزيرن مخفي طور ميان غلام شاهه کي عهدناما موڪليا ۽ حڪومتي نظام سنڀالڻ لاءِ عرض ڪيو. ميان عطر خان حالتن کي مد منظر رکندي وڃي پنهنجي ڀائرن ميان مرادياب خان ۽ ميان احمد يار خان سان مليو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي بهاولپور جي رياست جي حاڪم محمد مبارڪ خان جي مدد سان لشڪر تيار ڪيو ۽ روهڙيءَ طرف ڪوچ ڪيو. هيڏانهن ميان عطر خان ۽ ميان احمديار خان سنڌ جي سموري لشڪر سان مقابلي لاءِ روهڙيءَ طرف روانا ٿيا. آخرڪار 30 رمضان المبارڪ 1171هه/ 7 جون 1758ع تي روهڙيءَ کان ٻاهر ‘امرڪس واهه’ جي ڪناري تي ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان سان ميان غلام شاهه خونريزي واري جنگ ڪئي. گهمسان جي جنگ ۾ ميان عطر خان جا هزارين سپاهي مارجي ويا ۽ ميان غلام شاهه جي ڌر مان راڄو ليکيءَ جو ڀاءُ راجا حمزو ليکي مارجي ويو، هلندڙ جنگ دوران مير بهرام خان ٽالپر پنهنجي عزيزن سميت اچي ميان غلام شاهه جي سلامي ڀري ۽ مخالفن سان وڙهڻ شروع ڪيائين. ميان غلام شاهه لشڪر جي ٿورائيءَ جي باوجود به ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار کي نهايت بري شڪست ڏني. فتح کان پوءِ ميان غلام شاهه عيدالفطر روهڙيءَ ۾ ڪئي ۽ پوءِ اتان روانو ٿي سيوهڻ پهچي ويو.
پهرين شوال 1171هه/ 8 جون 1758ع ۾ ميان غلام شاهه ٻيهر سنڌ جو حاڪم بڻيو. هوڏانهن ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان شڪست کائي سڌا قلات ۾ پهچي ويا. قلات جو حاڪم مير محمد نصير خان بروهي، ميان غلام شاهه جو دوست هو. تنهن ميان عطر خان ۽ ميان احمديار کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو. ديوان گدومل سنڌ جي حڪومت طرفان شاهي دربار ۾ وڪيل هو. تنهن ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار کي آزاد ڪرائن جون ڪوششون شروع ڪيون. انهي وڄ ۾ افغاني لشڪر قلات جو گهيرو ڪيو، ڇو ته محمد نصير خان شاهي لشڪر جي مدد نه ڪئي. نصير خان پنهنجي ڏوهه جي معافي ورتي، ان موقعي تي ديوان گدومل ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان کي آزاد ڪرائي شاهي لشڪر ۾ شامل ڪرايو. ديوان گدو مل جي ئي ڪوشش سان شاهي فرمان صادر ٿيو ته، افعان سردار، ميان عطر خان کي پاڻ سان وٺي وڃي سنڌ جي مسند تي ويهاري، باقي احمديار خان درٻار ۾ رهَي. شاهي لشڪر ميان عطر خان سان سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ جتان جتان هي افعانن جو لشڪر گذريو اتي وڏي ڦرمار ڪيائون. شاهي لشڪر ۽ ميان غلام شاهه جي لشڪر ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون. ميان عطر کي جڏهن ڪاميابي جي ڪا به صورت نظر نه آئي، تڏهن هڪدم ميان غلام شاهه ڏانهن صلح جو پيغام موڪليائين. گفتگو کانپوءِ ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو جنهن مان هڪ حصو (شاهه ڳڙهه کان نصرپور تائين ۽ ٺٽو) ميان غلام شاهه کي ۽ باقي ٻه حصا عطر خان ۽ احمديار خان جي حوالي ٿيا. هي حادثو ربيع الثاني 1172هه/ ڊسمبر 1758ع ۾ پيش آيو.
1172هه/1759ع جي آخر ۾ ميان عطر خان ۽ ميان احمديار خان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيو. آخرڪار افغاني درٻار ۾ اها حقيقت واضح ٿي وئي ته ميان عطر خان ملڪي انتظام سنڀالي نٿو سگهي. احمد يار خان صورتحال مان فائدو وٺندي سنڌ جي مسند جو پروانو پنهنجي نالي حاصل ڪيو.
ميان غلام شاهه کي جڏهن انهيءَ سڄي صورتحال جي خبر پئي تڏهن لشڪر تيار ڪري جنگ لاءِ نڪري پيو. ميان عطر خان هي احوال ڏسي هوش حواس وڃائي ويٺو ۽ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. هوڏانهن احمد يار خان به اڃا سنڌ نه پهتو هو، انهي ڪري ميان غلام شاهه سڄي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.
هوڏانهن ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان پنهنجا اختلاف ختم ڪري سنڌ مان نڪري وڃي خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي ۽ اختيار خان مدواڻي وٽ پهتا، جيڪي بهاولپور جي اولاهين حصي جا سردار هئا. بهادر خان ميان عطر خان سان مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيو. اوٻاوڙي ۾ ميان غلام شاهه ۽ خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي جي وچ ۾ زبردست جنگ لڳي. بهادر خان جنگ هارائي ويو ۽ انهي اڀاوڙي واري جنگ ۾ مارجي ويو. اهو لقاء ڏسي ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان ميدان مان ئي پيرين اگهاڙا ڀڄي ويا. اها اڀاوڙي واري جنگ محرم 1173هه/ سيپٽمبر 1759ع ۾ لڳي.
ميان عطر خان ان کانپوءِ به وقتاً بوقتاً چرچون ڪندو رهيو پر هن کي وريو ڪجهه به ڪو نه ۽ ڀڄندو وتندو هو. 1178هه/1764ع ۾ عطر خان جو سڀني کان وڏو ساٿي ۽ صلاحڪار مقصودو فقير مري ويو. اهو ئي مقصودو فقير ميان عطر خان کي بار بار ڀڙڪائيندو هو. مقصودي فقير جي موت کانپوءِ ميان عطر خان پشيمان ٿي ڀاءُ جي خدمت ۾ پهتو ميان غلام شاهه هن جي عزت ۽ احترام ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي.
ميان عطر خان پوءِ سڪون سان ڀاءُ ميان غلام شاهه سان گڏجي رهڻ لڳو. ميان عطر ميان سرفراز خان جي دؤر تائين جيئرو رهيو. جڏهن ميان سرفراز خان بيگناهه مير بهرام خان ٽالپر ۽ مير صوبدار خان ٽالپر کي شهيد ڪرايو تڏهن کيس معزول ڪري ميان غلام النبي کي تخت تي ويهاريو. ميان غلام النبي تخت نشين ٿيندي ئي ميان سرفراز خان، ان جي پٽ ميان مير محمد خان، ڀاءُ محمود خان ۽ چاچي ميان عطر خان کي حيدرآباد جي قلعي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو. جڏهن لانياريءَ واري جنگ ۾ تاجو ليکي ميان غلام النبيءَ کي ماري ڇڏيو، تڏهن مير بجار خان سڀ ڪجهه وساري ميان سرفراز خان کي قيد مان ڪڍي تخت نشين ڪرڻ لاءِ سوچي ئي رهيو هو، جو ميان عبدالنبيءَ تخت جي لالچ ۾ ميان سرفراز خان، ان جي پٽ ميان مير محمد ڀاءُ ميان محمود خان ۽ چاچي ميان عطر خان جا سر قلم ڪرائي ڇڏيا. انهي ظلم تي سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي. مير بجار خان مجبوراً ميان عبد النبيءَ کي تخت نشين ڪيو.ميان عطر خان ڪلهوڙي کي وڏي ڄمار ۾ سندس ڀاءُ ميان عبدالنبيءَ حيدرآباد جي قلعي ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو هو. هڪ ئي سال ۾ ميان غلام نبي، ميان سرفراز خان، ميان مير محمد، ميان محمود خان ۽ ميان عطر خان پنجن ڄڻن جي شهادت تي ڪنهن شاعر هيٺين ماده تاريخ چئي:
پنج ڪم از “گل باغ عباسي”1191=5-1196 اهو واقعو 1191هه/ 1777ع ۾ پيش آيو


لفظ عطر خان ڪلهوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو