عظيم الدين عظيم ٺٽوي : سيد عظيم الدين ابن سيد يار محمد شڪرالله، سيد گهراڻي مان هو. مير علي شير ”قانع“ سندس چاچو هو. سن 1162هه (1749ع) ۾ جنهن ڏينهن محسن ٺٽويءَ وفات ڪئي، ان ڏينهن سندس ولادت ٿي هئي. مير علي شير ”قانع“ مير صاحب جي تاريخ پيدائش هن آيت مان ڪڍي آهي ”انا لَہُ الحافظون“ سيد عظيم کي پنهنجي چاچي مير علي شير قانع جي رهنمائيءَ ۾ اعليٰ علمي تربيت ملي، ان ڪري نظم ۽ نثر ۾ مهارت حاصل ڪيائين. عظيم ٺٽوي پهرين ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي درٻار سان وابسته رهيو. پر ٿوري عرصي يعني ڪلهوڙن جي شڪست کانپوءِ جڏهن مير فتح علي خان اقتدار تي ويٺو ته هن مير صاحب کي هڪ غزل جي صورت ۾ درخواست موڪلي، جنهن ۾ پنهنجي مايوسيءَ ۽ غربت جو اظهار ڪيائين. جنهن کان پوءِ هي ٽالپرن جي درٻار سان وابسته ٿيو. مير فتح علي خان جي درٻار سان وابسته رهڻ بعد پنهنجي زندگي نهايت خوشيءَ سان گذارڻ لڳو ۽ مير صاحب جي درٻار ۾ هڪ باڪمال شاعر جي حيثيت سان منصب ماڻيندو رهيو. سندس علمي قابليت ڏسي مير صاحب، عظيم ٺٽويءَ کي ”ملڪ الشعرا“ جي خطاب سان نوازيو. عظيم پنهنجي دور جي شاعرن ۾ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شعر ايران ۽ هندستان تائين مشهور هئا، هو پاڻ کي فردوسيءَ سان ڀيٽيندو هو ۽ سلطان محمود جي بي قدريءَ تي ڏک جو اظهار ڪري مير فتح علي خان جي قدرشناسيءَ تي ناز جو اظهار ڪندو هو. عظيم ٺٽويءَ جي ديوان ۾ تمام ٿورا اهڙا غزل ملندا، جيڪي تغزل جو ماحول رکن ٿا. ان کان سواءِ سندس ديوان جي غزلن ۾ حضرت علي عليه السلام ۽ پنهنجي محسنن، مير فتح علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي مدح ۾ شعر موجود آهن، جن جي مدح کانسواءِ عظيم ٺٽويءَ جي نظر ۾ غزل يا قصيدا بي معنيٰ آهن. هن طويل غزل به چيا. سيد عظيم جو هڪ غزل 28 شعرن تي مشتمل ملي ٿو ۽ قصيدو لڳي ٿو، هن جي ديوان ۾ غزلن کان سواءِ قصيدا، مرثيا، سلام، قطعا ۽ (تاريخ ولادت ۽ وفات) وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سندس ڪلام فارسي ۽ اردوءَ تي مشتمل آهي. سندس تصنيفات ۾ ديوان ’عظيم‘ کان سواءِ ”فتح نامه“ ۽ ”مثنوي سير دل“ به ملي ٿي، هيءَ مثنوي سن 1206 هه/ 1791ع ۾ تاليف ڪيائين ۽ مصنف خود ان جي تاريخ تصنيف چئي آهي. فتح نامه اصل ۾ ڪلهوڙن جي هار ۽ ٽالپرن جي فتح جي احوال تي مشتمل ڪتاب آهي ۽ هن ان کي شاهنامي فردوسيءَ واري بحر ۾ لکيو آهي. فتح نامي جي تاليف جو سبب بيان ڪندي مصنف پنهنجي فردوسيءَ سان ڀيٽ ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪاميابيءَ ۽ فردوسيءَ جي محروميءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هي ڪتاب سن 1209 هه/1794ع ۾ مڪمل ٿيو. هي مثنوي سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1962ع ۾ شايع ٿي چڪي آهي. سيد عظيم الدين ٺٽوي، مير ڪرم علي خان جي عهد ۾ 1229هه (1813ع) ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي ۽ جلوه گاهه امامين ٺٽي جي اڱڻ ۾ دفن ٿيو.
1749.00.00 عيسوي
سيد عظيم الدين ابن سيد يار محمد شڪرالله سن 1162هه ( 1749ع ) ۾ جنم ورتو
1813.00.00 عيسوي
سيد عظيم الدين ٺٽوي مير ڪرم علي خان جي عهد ۾ 1229هه ( 1813ع ) ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي