شهيد عبدالغني

شهيد عبدالغني

عـبدالغـنـي شهـيـد

عـبدالغـنـي، شهـيـد: مشھور پوليس آفيسر عبدالغني ولد ميان علـي گـوهر صديقي 24 ڊسمبر 1950ع ۾ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. 1974ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڊي. ايس. پي طور ڀرتي ٿيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي سيڪيورٽي آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ضياءُ الحق جي مارشل لا لڳڻ کان پوءِ شھيد ڀُٽي جي قريبي ساٿين کي پڻ عتاب ڏسڻو پيو. ڀُٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو عبدالغني کي 70 ڪلفٽن تي پارٽي معاملن کي سنڀالڻ جون ذميواريون سونپيون. پاڻ مختلف وقتن تي اٽڪل پنج سال جيل ۾ نظربند رهيو. آر ڊي'>ايم آر ڊي کي آرگنائيز ڪرڻ جون خدمتون سرانجام ڏيڻ جي عيوض کيس سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1988ع ۾ جيئن ئي پيپلز پارٽيءَ اقتدار ۾ آئي تہ عبدالغني وزيراعظم پاڪستان جو مشير مقرر ڪيو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ سندس 11 سالن جي سينيارٽي بحال ڪري کيس ايس ايس پي اينٽي ڪرپشن طور ڪراچيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو. 4 جنوري 1993ع تي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج اوڀر ڪراچي بشير احمد، جنهن تي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ ڪنهن درخواست ڪئي هئي. هن ڪورٽ ۾ وڃي ڇاپو هنيو. جنهن بعد ڪورٽن ۾ بائيڪاٽ ڪيو ويو. کيس ڪراچيءَ مان هٽائي ايس. ايس. پي نوشهرو مقرر ڪيو ويو. ڪجهہ وقت اتي رهڻ بعد بدلي ڪري کيس اي ڊي آءِ جي سنڌ ريزرو پوليس ڪراچي طور مقرر ڪيو ويو. عبدالغني 22 جولاءِ 1994ع تي پنھنجي ٻارن سان ڪوئيٽا وڃي رهيو هو تہ قلات ڀرسان سندس گاڏيءَ جو آئل ٽئنڪر سان ٽڪر ٿيو. جنهن سبب پاڻ سندس گهر واري رفعت غني، 2 نياڻيون شمائلا ۽ نوشين ۽ ٽي پٽ شهريار، بلال ۽ طلال شھيد ٿيا. ستن ئي لاشن کي ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي، صحافي ڪالوني حيدرآٻاد جي احاطي ۾ دفنايو ويو. 1994ع ۾ شھيد جي وارثن A3 مسلم سوسائٽيءَ جي شاهراھہ تي شھيد عبدالغنيءَ جي نالي پٺيان سندس ياد ۾ غني ٽرسٽ اسپتال قائم ڪئي، جنهن جو مقصد عوام جو ڀلو هو، اها ٽرسٽ 22 اپريل 1997ع ۾ رجسٽرڊ ڪرائي وئي. ان جا اعزازي ۽ مستقل ميمبر هي آهن: (1) مولانا عبدالجبار صديقي (اعزازي ميمبر)، (2) عبدالستار صديقي (جنرل سيڪريٽري)، (3) ڊاڪٽر عبدالشڪور (مستقل ميمبر)، (4) سعيده صديقي (اعزازي ميمبر)، (5) ڪليم صديقي (اعزازي ميمبر)، (6) مخدوم سليم صديقي (مستقل ميمبر)، (7) ڊاڪٽر شيراز (ميمبر) (8) علي صديقي (ميمبر).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.24  عيسوي

پوليس آفيسر عبدالغني ولد ميان علـي گـوهر صديقي 24 ڊسمبر 1950ع ۾ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو.


1994.07.22  عيسوي

عبدالغني 22 جولاءِ 1994ع تي پنهنجي ٻارن سان ڪوئيٽا وڃي رهيو هو ته قلات ڀرسان سندس گاڏيءَ جو آئل ٽئنڪر سان ٽڪر ٿيو. جنهن سبب پاڻ سندس گهر واري رفعت غني، 2 نياڻيون شمائلا ۽ نوشين ۽ ٽي پٽ شهريار، بلال ۽ طلال شهيد ٿيا. ستن ئي لاشن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، صحافي ڪالوني حيدرآٻاد جي احاطي ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خفيف III
رمضان سٻاهيو ڊاڪٽر
ابوالحسن ڪبير سنڌي
شيخ عبدالوهاب
ظھير مهدي
احمد سلطان چانڊيو
بخاري مستور فاطمہ
حافظ غلام محمد ڏاهري ڊاڪٽر
ولي سروري
حسن ناصر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون