عقد: عقد جي لغوي معنيٰ آهي “ڳنڍ، ڳانڍاپو، لاڳاپو، ٻنڌڻ، نڪاح، ٻول” وغيرہ. هي شاديءَ جي اصطلاح طور بہ ڪم اچي. جنهن کي ڳنڍجڻ لاءِ قول ڪرڻ پڻ چئبو آهي. اهو شعر جنهن ۾ قرآن مجيد جي آيت يا حديث يا ڪنهن جي مشھور قول جو ٽڪرو نظم ڪيل هجي، پر اهو ضروري آهي تہ اهو ٽڪرو انهيءَ ڳالھہ ڏانهن اشارو ڪندو هجي تہ هي قرآن جي ڪنهن آيت يا حديث يا وري ڪنهن جي مشھور قول جو ٽڪروآهي.