عقيل بن ابي طالب رضہ: حضرت عقيل رضي ﷲ عنه جي ڪنيت ابو يزيد هئي. هي حضرت علي ۽ حضرت جعفر طيار رضي ﷲ عنهما جو وڏو ڀاءُ هو. بدر جي جنگ ۾ مسلمانن جي خلاف وڙهيو، جنهن ۾ پڪڙجي قيدي ٿيو. حضرت عباس عليہ السلام معاوضو ڀري کيس آزاد ڪرايو. صلح حديبيه کان پوءِ ان اسلام قبول ڪيو. 8 هجريءَ ۾ ان مديني شريف ڏانهن هجرت ڪئي. ڪيتري وقت تائين هو بيماريءَ جي بستري تي رهيو. ان ڪري جنگ موته کانپوءِ ڪنهن بہ غزوي ۾ سندس ذڪر نہ آيو آهي. هيءُ خوشحال انسان هو ۽ نوڪر چاڪر رکندڙ هو. لڳ ڀڳ سن 50 هجري/670ع ڌاري وفات ڪيائين ۽ مديني شريف ۾ دفن ٿيو. ان جا ڪيترائي پٽ هئا، جيڪي بعد ۾ حضرت امام حسين عالي مقام عليہ السلام سان (يزيد جي خلاف) جهاد ۾ گڏجي پيا هئا. انهن مان هڪ يعني حضرت مسلم کي ابن زياد شھيد ڪيو، باقي (ڇھہ يا نوَ) ڪربلا جي ميدان ۾ شھيد ٿيا. حضرت عقيل قريشن جي تاريخ ۽ علم الانساب ۾ پڪي سند ليکيو ويندو هو. هو نهايت سھڻو ڳالهائيندڙ، سٺي مزاج وارو ۽ کل مک ماڻهو هو.