
ترابي ، علامه رشيد
علامہ رشيد ترابي: علامہ رشيد ترابي هندستان ۽ پاڪستان جي وڏن مذهبي عالمن ۽ شاعرن ۾ سر فهرست ٿي گذريو آهي. علامہ رشيد ترابي 9 جمادي الثاني 1326ھہ/ 9 جولاءِ 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو مولوي شرف حسين خان هو. شروعاتي تعليم پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ مئٽرڪ حيدرآباد دکن مان پاس ڪري، شيعه ڪاليج لکنؤ ۾ داخلا ورتائين. گريجوئيشن عثمانيه يونيورسٽيءَ حيدرآباد دکن مان ۽ ايم. اي (فلاسافي) ۾ الھہ آباد يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ڪجهہ عرصو ملازمت اختيار ڪيائين. هن اردو ۽ فارسي ادب آغا محسن شيرازي، علي حيدر طباطبائي، علامہ ضامن ڪنتوري ۽ آغا محمد ڪرمانيءَ کان پڙهيا ۽ عربي ٻولي ۽ ادب آغا طاهر بن محمد ۽ مولانا صادق حسين کان پڙهيائين. اردو ۽ فارسي زبان جو بھترين شاعر هو ۽ سندس ڪلام شايع ٿيل آهي.علامہ رشيد ترابي جي علمي لياقت کي مد نظر رکندي، قائداعظم محمد علي جناح کيس انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو رڪن بنايو. علامہ رشيد، نواب بھادر يار جنگ سان گڏ مسلم ليگ لاءِ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ علامہ صاحب 1949ع ۾ پاڪستان (ڪراچي) ۾ اچي آباد ٿيو. هي عالم ۽ شاعر هئڻ سان گڏ ننڍي کنڊ جو ممتاز مقرر ۽ خطيب محمد و آل محمد عليہ السلام هو. سندس تصنيفن ۾ ”دستور طب معصومين“ تمام گهڻو مشھور آهي. هي اردوءَ سان گڏ فارسيءَ ۾ بہ مجلسون پڙهندو هو. هن پنجن هزارن کان مٿي تقريرون يادگار ڇڏيون آهن. جن مان ڪافي ڪتابي صورت ۾ موجود آهن. علامہ صاحب جو ڀاءُ ڊاڪٽر مظهر علي خان انگلش جو پروفيسر ۽ پشاور يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو ۽ علامہ صاحب جو پٽ علامہ عقيل ترابي پڻ هڪ وڏو عالم ۽ مقرر هو. علامہ رشيد ترابيءَ 22 ذيقعد 1393ھہ/ 18 ڊسمبر 1973ع ۾ وفات ڪئي.