علي ابن ابي طالب عليه السلام

علي ابن ابي طالب عليه السلام: امير المومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جن جي ڪنيت ’ابوالحسن‘ ۽ ’ابو تراب‘ ۽ لقب ’حيدر‘ آهي. روايت آهي ته سڀ کان پهرين سندن والده سندن نالو’اسد‘ رکيو. سندن والد جو نالو حضرت عمران ۽ ڪنيت ابوطالب ۽ والده جو نالو بيبي فاطمه بنت اسد هو. حضرت علي رضي الله عنه جي نسب جو سلسلو هن ريت آهي: ”حضرت علي بن حضرت ابو طالب عمران بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبد مناف بن قصي بن ڪلاب بن مره بن ڪعب بن لوي.“ حضرت علي جي والد حضرت ابو طالب جي شادي پنهنجي چاچي جي ڌيءَ بيبي فاطمه بنت اسد سان ٿي، انهي ڪري حضرت علي ڏاڏاڻي توڙي ناناڻي ٻنهي طرفن کان هاشمي هو. پاڻ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو سئوٽ، رسول اڪرم صه جن جو چوٿون نامور خليفو، عظيم سپهه سالار، بي مثال خطيب، اسلامي تاريخ جو نامور هيرو، حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ کانپوءِ پهريون اسلام قبول ڪندڙ، عدل و انصاف ڪندڙ، فڪر و بصيرت جو صاحب ۽ ٻين ڪيترن ئي فضيلتن جو حامل هو. حضرت ابوطالب مڪي جي بااثر ۽ برسر اقتدار ماڻهن مان هڪ هو. پاڻ سڳورن صه جي، سندن والد حضرت عبدالله ۽ ڏاڏي حضرت عبدالمطلب جن جي وفات کانپوءِ حضرت ابو طالب پرورش ڪئي. حضرت ابو طالب جي صحبت ۾ ئي رهي ڪري پاڻ سڳورن تجارت جي پيشي ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ سان سندن نڪاح جو خطبو به حضرت ابو طالب ئي پڙهيو هو. پاڻ سڳورن جڏهن نبوت جو اعلان ڪيو ته انهن جي قدم قدم حمايت ۽ حفاظت ۾ حضرت ابوطالب ڪا به ڪسر نه ڇڏي ۽ دشمنن جي ظلم وستم کان سندن حفاظت ڪندو رهيو. سرور ڪائنات صه جي حمايت ۽ نصرت جي جرم ۾ بني هاشم جي خاندان کي شعب ابي طالب (هڪ پهاڙيءَ) تي ٽن سالن تائين محصور ڪيو ويو، ان وقت حضرت ابو طالب جرائتمنديءَ کان ڪم وٺندي ڪافرن جو مقابلو ڪيو. حضرت عبدالمطلب کي ڪيترائي پٽ هئا، پر حضرت عبدالله ۽ حضرت ابو طالب هڪ ئي ماءُ نالي فاطمه بنت عمرو مان هئا، خداوند عالم هڪ ڀاءُ کي خاتم النبين جهڙو فرزند عطا ڪيو، ته ٻئي ڀاءُ کي اميرالمومنين امام المتقين حضرت علي عليه السلام جهڙو فرزند عطا ڪيو. حضرت ابوطالب وڏو خطيب شاعر، قاضي ۽ سردار هو. حضرت علي عليه السلام جي ولادت باسعادت 13 رجب المرجب 30 عام الفيل/ 600ع ۾ بيبي فاطمه بنت اسد بن هاشم بن عبد مناف بن قصي جي بطن مان ڪعبة الله جي اندر ٿي. 30 عام الفيل ۾ جڏهن سرور ڪائنات پاڻ سڳورن صه جي عمر تقريبن ٽيهه سال هئي، تڏهن حضرت علي رضه جي ولادت تي تمام گهڻو خوش ٿيا، محبت جو هي عالم هو جو خود حضرت علي رضه جن فرمايو آهي ته، “آءٌ ٻار هئس ته رسول الله صه جن مون کي هنج ۾ کڻي پنهنجي سيني سان لڳائيندا هئا، پاڻ سان گڏ پنهنجي هنڌ تي سمهاريندا هئا، کاڌو پهرين پاڻ چٻاڙي پوءِ مون کي کارائيندا هئا. آءٌ آنحضرت سان گڏ ائين هئس، جيئن ڏاچيءَ جو ٻچوماءُ سان گڏ هوندو آهي. پاڻ هر سال ‘حرا’ جي پهاڙيءَ ۾ ويندا هئا ته اتي مون (حضرت علي) کان سواءِ کين ڪو به ڏسي نه سگهيو، جنهن وقت رسول اللهصه ۽ ام المومنين حضرت بيبي خديجه رضه جي گهر جي چار ديواريءَ کانسواءِ ڪنهن به گهر ۾ اسلام نه هو. ان وقت انهن ٻن ۾ ٽيون ڄڻو مان هئس.” حضرت ابو طالب وڏو سخي ۽ غريب پرور سردار هو. سندس سخاوت سبب نه دولت جمع ڪري سگهيو ۽ نه ڪو ٻيو خزانو- هڪ سال ڏڪار پيو. نتيجي ۾ ائين ٿيو جو حضرت ابو طالب ۽ مڪي وارا وڏي مشڪل ۾ ڦاسي پيا، ان وقت رسول الله صه پنهنجي چاچي حضرت عباس رضه سان مشورو ڪيو ته ابو طالب گهڻي اولاد وارو آهي. قحط به سخت آهي، اچو ته هن کان هڪ پٽ آءُ وٺان ۽ هڪ پٽ توهين وٺو ته جيئن چاچا ابو طالب هن قحط واري دور ۾ پريشان نه ٿئي. اهو مشورو ڪري هي ٻئي حضرت ابو طالب وٽ پهتا ۽ انهن سان اها ڳالهه ڪيائون، جنهن تي حضرت ابو طالب جواب ڏنو ته، آئون وڏا پٽ نٿو ڏئي سگهان، باقي ننڍن کي توهان وٺي وڃو، جنهن کانپوءِ حضرت عباس رضه پاڻ سان جعفر بن ابو طالب ۽ رسول الله صه پاڻ سان حضرت علي عه کي وٺي ويا. حضرت علي عه هر وقت پاڻ سڳورن صه جن سان هوندا هئا. بعثت جي ٽن سالن کانپوءِ پاڻ سڳورن کي خداوند عالم طرفان اسلام جي دعوت ڏيڻ جو حڪم مليو، ان کانپوءِ حضور پاڪ جن دعوت جو سلسلو شروع ڪيو، انهي کانپوءِ قريش جا سردار کلم کلا دشمنيءَ ۽ مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا ۽ پاڻ سڳورن ۽ سندن حامين کي مختلف قسمن جون اذيتون ڏيڻ لڳا، حضرت ابو طالب ۽ حضرت علي عه پاڻ سڳورن جي حفاظت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، آخر قريش جي سردارن پاڻ سڳورن کي شعب ابي طالب ۾ محصور ڪري ڇڏيو، جتي ٽن سالن تائين پاڻ سڳورن، بيبي خديجه، حضرت ابو طالب ۽ حضرت علي عه تڪليفون ۽ اذيتون برداشت ڪيون. انهي تڪليف مان نڪرڻ کانپوءِ هڪ عظيم سانحو پيش آيو، يعني ام المومنين بيبي خديجته الڪبريٰ ۽ پوءِ حضرت ابو طالب عليل ٿيا ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻئي رحلت ڪري ويا، انهي سال کي پاڻ سڳورن ‘عام الحزن’ قرار ڏنو. بيبي خديجه ۽ حضرت ابو طالب جي رحلت کانپوءِ ڪافرن پاڻ سڳورن جي مخالفت ۽ اذيتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، جنهن ڪري پاڻ سڳورا طائف ڏانهن هليا ويا. ڪافرن آخرڪار پاڻ سڳورن جي قتل جو منصوبو ٺاهيو، حضرت جبرائيل پاڻ سڳورن وٽ پيغام کڻي آيو ته، “اڄ توهان پنهنجي آرامگاهه (بستري) تي نه سمهجو، بلڪه مڪي مان هجرت ڪري وڃو.” پاڻ سڳورن صه خدا جو حڪم ملندي ئي حضرت علي رضه کي پنهنجي بستري تي سمهاريو ۽ پاڻ حضرت ابوبڪر رضه سان گڏ هجرت ڪري مڪي مان هليا ويا. ڪافر جڏهن قتل جي ارادي سان اندر آيا ۽ چادر هٽايائون، تڏهن اهي پاڻ سڳورن صه جن جي جڳهه تي حضرت علي عه کي ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويا. اسلام جي تاريخ ۾ حضرت علي رضه جي بي مثال اعزازن مان پهريون وڏو اعزاز ‘دعوت ذوالعشيره’ (پاڻ سڳورن جي سڀ کان پهرين ڪافرن کي گهر ۾ گهرائي ماني کارائي اسلام جي دعوت ڏيڻ) ۾ نصرت جو اعلان ڪرڻ آهي ۽ ٻيو اعزاز ‘ليلة المبيت’ (اها رات جڏهن حضور صه کي وحي نازل ٿي ته اوهان جلد مڪي مان هجرت ڪري وڃو، ڇو ته هتي ڪافر اوهان جي قتل جو منصوبو جوڙين پيا)، جنهن سبب پاڻ سڳورا اطمينان سان دشمنن جي گهيري مان هجرت ڪري ويا ۽ ٻئي ڏينهن علي عه قريشن ۽ مڪي وارن جون امانتون واپس ڪيون، جيڪي انهن پاڻ سڳورن صه وٽ رکيون هيون، ان کانپوءِ حضرت علي عه وڃي حضور جن سان مليا. مڪي مان هجرت ڪري مديني ۾ اچڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن هڪ مسجد تعمير ڪرائي، جنهن ۾ پاڻ سڳورن سان حضرت علي رضه پڻ شامل هئا. ٻيو مرحلو مهاجرن ۽ انصارن ۾ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ هو، جنهن لاءِ پاڻ سڳورن هڪ مدني (انصار) ۽ هڪ مڪي (مهاجر) چونڊي ڀاءُ ڪندا ويا ۽ آخر ۾ جڏهن صرف پاڻ سڳورا ۽ حضرت علي عه وڃي بچيا ته، پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته، اي علي! تون منهنجو ڀاءُ آهين. ڪجهه عرصي کانپوءِ خداوند عالم جي حڪم سان پاڻ سڳورن پنهنجي نياڻي بيبي فاطمه جو نڪاح حضرت علي عه سان ڪرايو. حضرت علي عليه السلام کي بيبي فاطمه جي بطن مان حضرت امام حسن عليه السلام، حضرت امام حسين عليه السلام، بيبي زينب سلام الله عليها، بيبي ام ڪلثوم سلام الله عليها ۽ حضرت محسن شهيد جو اولاد ٿيو. مڪي مان هجرت کانپوءِ مشرڪن ۽ مسلمانن جي دشمني تمام وڌي وئي، ابوجهل مڪي مان هڪ هزار مسلح سوار ۽ بي شمار ساز و سامان ۽ هٿيار کڻي اچي بدر جي ميدان ۾ لٿو، مسلمانن جو هي پهريون معرڪو هو. پاڻ سڳورن سان ٽي سئو تيرهن سپاهي هئا، جن مان صرف ستر ڄڻن وٽ اُٺ هئا، فوج جو سپهه سالار حضرت علي عه هو ۽ علم سندس هٿ ۾ هو. بدر جي جنگ ۾ حضرت علي وليد بن عتبه ۽ حضرت حمزه پنهنجي حريف شيبه کي قتل ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي لشڪرن ۾ سخت جنگ لڳي، انهي جنگ ۾ ڪيترائي مشرڪ مارجي ويا ۽ الله تعاليٰ مسلمانن کي عظيم فتح عطا فرمائي. غزوه احد ۾ به حضرت علي رضه کي اسلام جو جهنڊو ڏنو ويو ۽ مشرڪن سان جنگ ۾ پاڻ وڏي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريائين. جنگ ۾ وڙهندي وڙهندي حضرت عليءَ جي تلوار ٽُٽي پئي، جنهن کانپوءِ رسول اڪرم صه جن کين ‘ذوالفقارتلوار عطا ڪئي. مشرڪن ۽ يهودين پاڻ ۾ اتحاد ڪري مديني تي لشڪر ڪشي ڪئي. پاڻ سڳورا مديني جي ٻاهران خيما لڳائي ويٺا ۽ خندق کوٽائي ڇڏي ۽ لشڪر اسلام کي جبل سلع (مديني ۾ جنگ خندق جي مقام تي) ۾ قيام ڪرڻ جو حڪم فرمايائون. دشمن جڏهن مديني جي ويجهو پهتا ته خندق ڏسي پريشان ٿي ويا ۽ اتي ترسي پيا. تقريبن هڪ مهينو ٻئي لشڪر هڪٻئي جي آمهون سامهون رهيا. هڪ ڏينهن مشرڪن جي لشڪر مان عمرو بن عبدود (وڏو بهادر ۽ قداور)، عڪرمه بن ابي جهل ۽ هبيره کي وٺي خندق جو جائزو ورتو ۽ آخر عمرو بن عبدود خندق ٽپي آيو، جنهن سان مقابلي لاءِ پاڻ سڳورن دعائن ۽ وڏي اهتمام سان حضرت علي رضه کي موڪليو، حضرت علي وڙهندي وڙهندي عمرو بن عبدود کي قتل ڪري ڇڏيو. خيبر ۾ حضرت علي رضه جو جهاد پڻ بدر، احد ۽ خندق کان گهٽ نه هو. خيبر جي قلعي ۾ يهودي وڏي شان وشوڪت سان ويٺل هئا. خيبر جي جنگ اسلام دشمن عناصر لاءِ آخري معرڪو هئي. يهودين قلعو بند ڪري مسلمانن جو مقابلو ڪيو. ويهن ڏينهن تائين محاصرو جاري رهيو ۽ مسلمانن جي لشڪر جا ڪيترائي سپهه سالار بڻجي خيبر فتح ڪرڻ لاءِ ويا، پر دشمن پنهنجي جڳهه تان نه هٽيا. آخر پاڻ سڳورن جن اعلان ڪيو ته “سڀاڻي آءُ جهنڊو ان شخص کي ڏيندس، جنهن کي الله دوست رکي ٿو ۽ انهي (شخص) هٿان خيبر فتح ٿيندو.” ٻئي ڏينهن سرور ڪائنات جهنڊو حضرت علي عه کي ڏنو، حضرت علي عه قلعي تي حملو ڪيو ته، هوڏانهن مرحب (ڪافرن جو وڏو سردار ۽ بهادر) مقابلي لاءِ نڪري آيو، ٻنهي ۾ جنگ ٿي ۽ حضرت علي هڪ ئي وار سان مرحب کي ٻن ٽڪرن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو ۽ خيبر جي قلعي جي دروازي کي جڙ کان پٽي ڇڏيائون، اهڙي طرح مسلمانن کي فتح نصيب ٿي. حضرت علي عه جي شجاعت ۽ بهادري هر جهاد ۾ بي مثال هئي ۽ هر جنگ ۾ وڏا ڪارناما ڪري اعزاز حاصل ڪيائون. مشرڪ ۽ يهودي وڏي عرصي کان مسلمانن جو مقابلو ڪندي ڪندي عاجز ٿي پيا ۽ انهن جي پٺتي هٽڻ کانپوءِ عيسائي ميدان ۾ لهي آيا، انهن جو مرڪز نجران (اتر يمن ۾ هڪ نديءَ وارو علائقو) هو. نجران جا وڏا وڏا مذهبي رهنما پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ حاضر ٿي. مختلف مسئلن تي بحث ڪرڻ لڳا. پاڻ سڳورن کين وحيءَ مطابق ارشاد فرمايو ته، دليلن کان پوءِ به توهان نٿا مڃو ته پوءِ “اچو اسين ۽ توهين، پنهنجا پٽ، عورتون ۽ پيارا وٺي اچون ۽ پوءِ هڪٻئي کي بددعا ڪريون ۽ ڪوڙن تي الله کان لعنت جي طلب ڪريون.” ڏينهن مقرر ٿيڻ کانپوءِ پاڻ سڳورا پاڻ سان حضرت علي عه، جناب سيده بيبي فاطمه سلام الله عليها، حضرت امام حسن عه ۽ حضرت امام حسين عه کي وٺي آيا. نصارن (عيسائين) جي هڪ وڏي رهنما (جنهن جو نالو پادري لاٽ) پنجن تنن کي گڏ ايندي ڏسي هڪدم نصارن کي چيو ته، مان اهڙا پاڪ نوراني چهرا ڏسي رهيو آهيان، جن جي دعا جبلن کي پنهنجي جاءِ تان هٽائي سگهي ٿي، انهن سان مباهلو (مناظرو) نه ڪجو نه ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ ۽ هڪ به نصراني زمين تي باقي نه رهندو. پادري لاٽ جي ڳالهه ٻڌي نصارن مباهلو (مناظرو) ڇڏي ساليانو جزيو ڏيڻ قبول ڪيو. 10هه/ 631ع ۾ پاڻ سڳورن حج جا فرائض مڪمل ڪرڻ کانپوءِ غديرخم (مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ) جي ميدان ۾ سڀني مسلمانن کي گڏ ڪري خطبو ڏنو، انهي خطبي ۾ پاڻ سڳورن فرمايو ته، “ياد رکو جنهن جو موليٰ آءُ آهيان، ان جو هي علي به موليٰ آهي، خداوند! دوست رک ان کي، جيڪو عليءَ کي دوست رکي ۽ دشمن رک ان کي جيڪو عليءَ سان دشمني ڪري. ڏسو! مان (رسول خدا) توهان لاءِ ٻه گران قدر شيون ڇڏيو پيو وڃان، الله جو ڪتاب قرآن مجيد ۽ منهنجا اهلبيت، انهن سان وابسته رهندؤ ته ڪڏهن به گهمراهه نه ٿيندؤ.” 11 هه/ 632ع ۾ پاڻ سڳورن صه جن جو وصال ٿيو، نماز حضرت علي عه پڙهائي ۽ پاڻ ڪريمن کي حضرت عليءَ پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاٿو. واضح رهي ته سرورڪائنات حضور اڪرم صه جي وصال کانپوءِ سقيفة بني ساعده (بني ساعده وارن جي گڏجاڻيءَ واري جاءِ) ۾ حضرت ابوبڪر رضه جي بيعت ٿي وئي. پاڻ اسلام جو پهريون خليفو ٿيو ۽ پاڻ حضرت ابوبڪر رضه جي بيعت ڪيائين ۽ اتان حضرت علي عه جي زندگيءَ جو ٻيو دور شروع ٿيو. پاڻ سڳورن جي زندگيءَ ۾ حضرت علي رضه اسلام جي خدمتن ۾ سڀني کان اڳڀرو هو. مسجد ۽ گهر ۾ حافظ ۽ ڪاتب وحي هئا. ميدان جنگ ۾ ‘فاتح غزوات’، صلح ۾ ‘ڪاتب عهدنامه’، دعوت ذوالعشيره کان وٺي خم غدير جي يادگار خطبي تائين قرآني آيتن ۽ حديثن جي ذريعي حضرت علي عه جا فضائل ۽ مراتب بيان ٿيندا رهيا. خلافت حضرت ابوبڪر رضه کان وٺي حضرت عثمان رضه جي شهادت تائين لڳ ڀڳ چوويهه سال حضرت علي عه مديني ۾ بسر ڪيا. مديني ۽ ان جي آس پاس مختلف قسم جا مسئلا اڀري رهيا هئا، پر حضرت علي عه انهن سڀني مسئلن کي تمام سهڻي نموني حل ڪندو ويو پر انهن کي حل ڪرڻ دوران کين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. انهي عرصي ۾ حضرت علي عه اهم ترين ديني ڪمن ڏانهن به توجهه ڏنو، پاڻ قرآن مجيد جي منتشر ورقن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ ۽ ديـنـي تـعليمـات جـي تـوسيـع ۽ اشـاعـت ۾ مصـروف رهيا. ڪيترن غير مسلم عالمن ۽ مذهبي رهنمائن کي اسلام جو قائل ڪري مسلمان ڪيائون. حضرت عثمان جي شهادت کانپوءِ حضرت علي عه کي جنگ جمل ۽ جنگ صفين کي منهن ڏيڻو پيو، خلافت جي عهدي سنڀالڻ کانپوءِ وڏين مشڪلاتن ۽ اذيتن کي برداشت ڪيائون. اسلام جو قانون لاڳو ڪرڻ جي ڪري حضرت علي عه سان دشمني وڌي وئي ۽ وڏي سازش تحت کين قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ۽ آخر 19 رمضان 40هه/ 30 جنوري 661ع تي صبح جي نماز جي وقت عبدالرحمان ابن ملجم حالت نماز ۾ حضرت علي عه تي تلوار سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن سرمبارڪ زخمي ٿي پيو، تلوار زهر آلوده هئي، انهي ڪري زخمي ٿيڻ سان گڏوگڏ زهر به جسم ۾ ڦهلجي چڪو هو. آخر 21 رمضان 40 هه/ 1 فيبروري 661ع تي فجر جي وقت حضرت علي عليه السلام هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. تجهيز و تڪفين سندن فرزندن ڪري، نجف اشرف ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هاڻي عاليشان جڙائو ۽ سونو روضو آهي، لکين زيارتي ڪربلا جي زيارت سان گڏ نجف اشرف جي هن وڏي شان واري مرقد مبارڪ جي پڻ زيارت ڪندا آهن. اولاد: حضرت علي رضه جي اولاد جو تفصيل هن ريت آهي. (1) بيبي فاطمه زهرا بنت محمد صه مان حضرت امام حسن رضه، حضرت امام حسين رضه، بيبي زينب ڪبريٰ، بيبي زينب صغريٰ (ام ڪلثوم) ۽ حضرت محسن شهيد. (2) خوله بنت جعفر حنفيه مان، حضرت محمد بن حنفيه- حضرت علي رضه جي هيءَ گهر واري سنڌياڻي هئي. (3) ام النبين فاطمه بنت حزام مان حضرت ابوالفضل العباس رضي الله عنه، حضرت عثمان، حضرت جعفر ۽ حضرت عبدالله. (4) ام حبيب بنت ربيعه مان عمر ۽ رقيه. (5) ليليٰ بنت مسعود دارميه مان محمد اصغر ۽ عبيدالله. (6) اسما بنت خثعميه مان يحييٰ ۽ عون. (7) سعيد بنت عروه مان امام الحسن ۽ رمله. خصائص سيرت: حضرت علي عليه السلام وڏا بهادر هئا. سادي زندگي گذارڻ پسند ڪندا هئا ۽ سادو کاڌو يعني جَوَن جي ماني کائيندا هئا. غلامن ۽ ڪنيزن کي آزاد ڪرائيندا هئا. سوٽي ڪپڙي جو ٿلهو ڪڙتو، عبا ۽ عمامو پهريندا هئا، هر ڳالهه فيصله ڪن ۽ هر فيصلو عدل ۽ انصاف تحت ڪندا هئا. سندن علم بابت حديث نبويءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو: انا مدينة العلم و علي بابها (آءُ علم جو شهر آهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي.) حضرت علي عليه السلام سڄي رات خدا جي عبادت ۾ مصروف رهندا هئا ۽ اڪثر بارگاهه خدا ۾ اشڪبار ٿي هي جملا فرمائيندا هئا. سياست ۽ رياست: حضرت علي عليه السلام حضرت عثمان رضي الله عنه جي شهادت کانپوءِ خلافت جي پيشڪش منظور ڪئي. اهو فيصلو سياسي طور تي وڏي جرائت ۽ غير معمولي بصيرت جو مظهر هو. حضرت علي عه هڪ ئي وقت جنگي ماهر، قائد ۽ فاتح ۽ بي مثال خطيب ۽ ڪاتب پڻ هئا. عوام جي شورش، جنگ جا هنگاما ۽ مخالفن جا منصوبا سامهون هئا، پر پاڻ سدائين مضبوط ۽ ثابت قدم رهيا. حضرت علي عه جو مديني شهر مان نڪري ڪوفي کي مرڪز ڪرڻ سندن سياسي تدبر جو تمام وڏو ڪارنامو هو، ان سان حرمين شريفين جو احترام باقي ۽ برقرار رهيو، ڪوفي کي مرڪز ڪري حضرت جن ايران، عراق ۽ مصر تائين اسلامي اخلاق، اسلامي اقدار ۽ اسلامي تعليمات جو ضابطو جاري ڪيو، جيڪو مديني ۾ رهڻ سان نه ٿي سگهي ها. فتوحات: حضرت علي عه اسلام جي مجاهد طور سڀ کان وڌيڪ جهاد ڪيو، رسول خدا حضرت محمد صه جن جي عهد ۾ سڀ کان وڌيڪ جنگي معرڪن ۾ فتح جو سهرو سندن سر تي رهيو. پاڻ سڳورن صه کانپوءِ اندروني معرڪا سرڪيا ۽ بيروني فتحن جي سارسنڀال تي پورو توجهه ڏنو، سندن فوجون ايران، افغانستان، سنڌ جي ساحلي علائقن تائين ڦهليل هيون. سندن عهد ۾ شام لبنان تقريبن سڄو عرب ۽ ايران و خراسان جا اسلامي علائقا سندن نگرانيءَ ۾ رهيا ۽ ڪنهن به علائقي تي غير مسلمن جو پوري طرح تسلط نه ٿي سگهيو. تعميرات: حضرت علي عه جي عهد ۾ سندن نمائندن هر مرڪز ۾ مسجدون ۽ بيت المال ٺهرايا، خود حضرت علي رضه مديني ۽ يمن جي علائقن ۾ چشمن ۽ نهرن جو سلسلو جاري ڪيو، باغن ۽ موسمي فصلن کي ترقي ڏياري. سڪو: ‘تاريخ ڪوفه’ ۾ ڄاڻايل آهي ته حضرت علي رضه جي عهد جو هڪ سڪو دريافت ٿيو آهي، جنهن تي خط ڪوفي ۾ هڪ دائري جي اندر ‘ولي الله’ ۽ 37هه/657ع اڪريل آهي. تلوار: سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جي دعا سان خدا جي طرفان حضرت علي عه لاءِ ذوالفقار نالي تلوار آئي، جنهن تي هيءَ عربي عبارت اڪريل هئي: ’لافتيٰ الاعلي لاسيف الاذوالفقار‘ انهي عربي عبارت کي پوري عروضي وزن ۾ ڏسندي ڪنهن فارسي شاعر هڪ مصرع جوڙي پورو شعر مڪمل ڪيو، جيڪو هن ريت آهي: شاهه مردان شيريزدان قوت پروردگار، لافتيٰ الاعلي لاسيف الاذوالفقار. علمي آثار: (1) قرآن مجيد: هي قرآن مجيد حضرت جن آيتن ۽ سورتن جي نزول جي اعتبار سان مرتب ڪيو ۽ قرآن مجيد جي مختلف پهلوئن سان تفسير بيان فرمايو. (2) مسند علي عليه السلام: مستند روايتن مان ثابت آهي ته حضرت علي رضه حديثون ۽ احڪام قلمبند ڪندا هئا، انهي مجموعي جو نالو ‘الصحيفه’ هو. (3) غررالحڪم و دررالڪلم: هي حديثن تي مشتمل ڪتاب عبدالواحد تميمي 510هه/1116ع ۾ نقل ڪيو، جنهن قلمي نسخي تان اهو بمبئي مان 1280هه/1863ع ۾ شايع ٿيو ۽ 1914ع ۾ لاهور مان ان جو اردو ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي. (4) دستور معالم الحڪم: هن ڪتاب جو نقل ڪندڙ محمد بن سلامه قطباعي شافعي آهي ۽ اهو ڪتاب 1332هه/1904ع ۾ قاهره مان شايع ٿيو. (5) آيات جلي: هي ڪتاب حضرت علي عه جي اقوالن تي مشتمل آهي، جنهن جو فارسي منظوم ترجمو مولانا عبدالرحمان جامي 817هه/1414ع ۾ ڪيو هو ۽ اهو 1355هه/1936ع ۾ قلمي صورت ۾ وزيرآباد مان شايع ٿيو. (6) ديوان اميرالمومنين: هن ديوان جا ڪيترائي فارسي ۽ اردو منظوم ترجما ۽ شرحون شايع ٿي چڪيون آهن. (7) الحيفه العلويه والتحفة المرتضويه: هي روز مره جي دعائن ۽ مناجاتن تي مشتمل شاهڪار تصنيف ڪيترائي دفعا شايع ٿي چڪي آهي، هن جا فارسي اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن. (8) نهج البلاغة: هي ڪتاب سيدالشريف الرضي ابوالحسن محمد بن حسين الموسوي جمع ۽ تاليف ڪيو. مولف سيد رضي هن ۾ حضرت علي رضه جا 236 خطبا،71 خط ۽ 480 قول جمع ڪري، ان مجموعي کي ‘نهج البلاغة’ جو نالو ڏنو. هن ڪتاب ۾ سندن شخصيت، عظمت، بهادري، اوصاف واعمال، سياست ۽ زندگيءَ جي اصولن جو مڪمل عڪس نظر اچي ٿو. هن جو سنڌي ترجمو سنڌ جي نامور اديب، محقق، تاريخدان ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ ڪيو آهي، جيڪو 1991ع ۾ شايع ٿيو آهي.


لفظ علي ابن ابي طالب عليه السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو