علي حسن خان هڪڙو

علي حسن خان هڪڙو

علي حسن خان هڪڙو

علي حسن خان هڪڙو: مشهور سياستدان علي حسن خان ولد خانبهادر دوست محمد خان هڪڙو 21 ڊسمبر 1951ع تي قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پنهنجي وقت جو ناليوارو سياستدان ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي تعليم سينٽ فرانس گرئم اسڪول ڪوئيٽا ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر 1969ع ۾، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، 1973ع ۾ بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان، 1977ع ۾ ايم. اي سياسيات ۾ 1992ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. علي حسن ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان آرمي ۾ پنجاب ريجمينٽ ۾ ڪمپني ڪمانڊر مقرر ٿيو. جتي ڇهن مهينن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1977ع ڌاري سياست ۾ آيو ۽ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي قنبر جي تڪ تان ايم. پي. اي طور ڪامياب ٿيو. 1979ع کان 1983ع تائين قنبر ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. علي حسن پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ مختلف پارٽين پ پ پ، مسلم ليگ (جوڻيجو)، سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس، مسلم ليگ (ق) ۾ رهيو. 2005ع کان پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪيائين.
علي حسن هڪڙو سياست کان سواءِ ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر رهيو آهي. قنبر شهر ۾ لطيف ادبي سنگت جو 1980ع دوران سرپرست پڻ رهيو. منشيات خلاف سرڪاري وفد جي ميمبر طور آمريڪا پڻ ويو. هن لنڊن ۽ دبئيءَ جا سفر پڻ ڪيا آهن. کيس ڪولمبس او هائيو جي آنرري شهريت مليل آهي. پاڻ قنبر ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.12.21  عيسوي

مشهور سياستدان علي حسن خان ولد خانبهادر دوست محمد خان هڪڙو 21 ڊسمبر 1951ع تي قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاستري لال بهادر
بچل شاهه جيلاني
جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي
عبدالسلام ڊاڪٽر
اشرف بلوچ 2
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
رحيم خان پرانگ
چانڊيو احمد علي ’صابر‘
ام ابي هريره رضه
ثمينه پيرزاده
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون