علي حسن خان هڪڙو

علي حسن خان هڪڙو

علي حسن خان هڪڙو

علي حسن خان هڪڙو: مشھور سياستدان علي حسن خان ولد خانبهادر دوست محمد خان هڪڙو 21 ڊسمبر 1951ع تي قنبر شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پنھنجي وقت جو ناليوارو سياستدان ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي تعليم سينٽ فرانس گرئم اسڪول ڪوئيٽا ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر 1969ع ۾، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، 1973ع ۾ بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان، 1977ع ۾ ايم. اي سياسيات ۾ 1992ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. علي حسن ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان آرمي ۾ پنجاب ريجمينٽ ۾ ڪمپني ڪمانڊر مقرر ٿيو. جتي ڇھن مهينن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1977ع ڌاري سياست ۾ آيو ۽ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي قنبر جي تڪ تان ايم. پي. اي طور ڪامياب ٿيو. 1979ع کان 1983ع تائين قنبر ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. علي حسن پنھنجي سياسي ڪيريئر ۾ مختلف پارٽين پ پ پ، مسلم ليگ (جوڻيجو)، سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس، مسلم ليگ (ق) ۾ رهيو. 2005ع کان پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪيائين.
علي حسن هڪڙو سياست کان سواءِ ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر رهيو آهي. قنبر شھر ۾ لطيف ادبي سنگت جو 1980ع دوران سرپرست پڻ رهيو. منشيات خلاف سرڪاري وفد جي ميمبر طور آمريڪا پڻ ويو. هن لنڊن ۽ دبئيءَ جا سفر پڻ ڪيا آهن. کيس ڪولمبس او هائيو جي آنرري شھريت مليل آهي. پاڻ قنبر ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.12.21  عيسوي

مشهور سياستدان علي حسن خان ولد خانبهادر دوست محمد خان هڪڙو 21 ڊسمبر 1951ع تي قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن پٽ رڪن الدين خطاط
ارشاد علي جلالاڻي صوفي فقير
سيد خير شاھہ
تاجل بيوس
مولانا محمد شيدا چنجڻي
دريانو مل
عبدالوهاب ناظم طيباڻي
قاسم ڪيهر
ڀائي گُرداس
تھمينه سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون