علي شير آفريدي: صحافي ۽ سماجي ڪارڪن علي شير آفريدي، ڊسمبر 1954ع ۾ عالم شير آفريديءَ جي گهر، ڳوٺ ماڌو راجپوت (جئه پور) انڊيا ۾ جنم ورتو. پاڻ صغير هو ته سندس والدين هندستان مان لڏي سنڌ آيا ۽ جيڪب آباد جي مهاجر ڪيمپ ۾ رهڻ لڳا. هن جيڪب آباد جي مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪندي، جيڪب آباد جي ڊگري ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. هن 1979ع ۾ پرنٽنگ پريس قائم ڪئي. کيس خواجه غريب نواز اجمير واري سان گهڻو لڳاءُ هو، جنهن ڪري ان جي زيارت لاءِ هندستان به ويو. زيارت تان واپس اچڻ بعد ان بزرگ جي نسبت سان ’غريب نواز‘ نالي سان جيڪب آباد مان هفتيوار اخبار جاري ڪيائين، جيڪا سندس ادارت ۾ نڪرندي هئي. 1988ع ۾ روزانه ‘ستاره سنڌ’ نالي سان جيڪب آباد مان اخبار جاري ڪيائين. ان کان سواءِ روزانه ‘نواءِ وقت’ ڪراچيءَ جو نمائندو پڻ رهيو. صحافت سان گڏ سماجي تنظيمن سان پڻ وابسته رهيو. جيڪب آباد جي مسئلن جي حل لاءِ اخبارن ذريعي توڙي پارليامينٽرين جي در تي آواز اٿاريائين. هن 29 سيپٽمبر 1999ع تي جگر جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي. سندس ٻئي اخبارون هن وقت سندس پٽ عبدالرحمان جي ادارت ۾ جاري آهن.