علي مراد ٽانوري

علي مراد ٽانوري

علي مراد ٽانوري

علي مراد ٽانوري: براڊڪاسٽر ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر، علي مراد ٽانوري، 13 جولاءِ 1971ع تي ڳوٺ گُجو ٽانوري، تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول پنھنجي ڳوٺ مان ، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪالج ٺُل مان 1990ع ۾، ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1997ع تي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دفاعي کاتي ۾ انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيو. ست سال سروس ڪرڻ کان پوءِ پهرين ڊسمبر 2001ع تي ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر طور نوڪري اختيار ڪيائين. پاڻ ريڊيو پاڪستان اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، مٺي، ڪراچيءَ تي پنھنجي خدمتون ڏيئي چڪو آهي. هن وقت لاڙڪاڻو ريڊيو جو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي. هي ريڊيو تي ڪيترائي سنڌي، اردو ڊراما، نغما، مختلف فيچر ۽ دستاويزي پروگرام پيش ڪري چڪو آهي. سندس ڪامياب پروگرامن ۾ روح رهاڻ، ستارن جي دنيا، ادبي پروگرام رسالو، مهڪار، مهراڻ رنگ، لطيف رنگ ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام شامل آهن. براڊڪاسٽنگ جي شعبي بابت هُن وائيس آف امريڪا، پاڪستان پريس فائونڊيشن، وائيس آف جرمني، چائنا ريڊيو انٽرنيشنل ۽ دعويٰ اڪيڊمي اسلام آباد ۽ ٻين تنظيمن پاران مختلف وقتن جي تربيتي پروگرامن ۾ حصو ورتو آهي. هُن ريڊيو پاڪستان تي ڪيترن صداڪارن، فنڪارن، ڪمپيئرن، انائونسرن ۽ سگهڙن کي متعارف ڪرايو آهي.
کيس ‘ملوڪ عباسي اوارڊ’، ‘بھترين پروڊيوسر اوارڊ’، ‘سلات اورڊ’، پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن پاران ڪيترائي ڀيرا ڪارڪردگي سرٽيفيڪيٽ کان سواءِ سماجي ۽ ادبي تنظيمن طرفان شيلڊون مليل آهن. نوڪريءَ سانگي سچل ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ علي مراد ٽانوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.07.13  عيسوي

براڊڪاسٽر ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر، علي مراد ٽانوري، 13 جولاءِ 1971ع تي ڳوٺ گُجو ٽانوري، تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀارواڻي وشنداس
ابل فقير مهڪاڻي
اقليدس
ڏاهري ﷲ ڏنو
انيس الدين ڀٽي
ڏهراج حاجي غلام نبي
رجب علي سومرو
امام بخش عاصم
بولچند تيرٿداس نارواڻي
آسيو سوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون