علي نواز استاد

علي نواز، استاد: استاد علي نواز جو جنم 1944ع ۾ جمال شاهه جو پڙ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو عيسيٰ خان هو. شروعاتي سکيا استاد علم الدين خان کان حاصل ڪيائين، جيڪو خانصاحب حاجي خير محمد خان جو وڏو شاگرد هو. جنهن کيس پهريون دنگل مشهور درگاهه، سخي تاج محمد شاهه طريل تي وڄرايو. هن استاد فدا حسين کان پڻ سکيا حاصل ڪئي ۽ آخر ۾ مشهور سارنگي نواز مرحوم استاد سليم خان (ميواتي) جي شاگرديءَ ۾ گهڻو ڪجهه پرائي سموري ملڪ ۾ ڪلاسيڪل سولو، هامونيم نواز جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو. علي نواز خان موسيقيءَ جي هڪ محفل ۾ 56 ماترن جي ڄار ۾ 14 ماترن جي تال آڙو چؤتالو ۾ سولو هارمونيم پيش ڪيو، انهيءَ ميڙاڪي ۾ موسيقيءَ جي وڏن عالمن ۽ پارکن طرفان کيس ‘شير سنڌ’ جو لقب ڏنو ويو. علي نواز خان ڏهه سال پي. ٽي. وي جي پروگرامن ۾ هارمونيم جا جوهر ڏيکاريندو رهيو آهي. هن ريشمان، عابده پروين، امير علي خان'>استاد امير علي خان، حميره چنا، شفيع محمد جمن ۽ پاڪستان جي اٽڪل سمورن فنڪارن سان هارمونيم تي ساٿ سنگت ڪئي آهي. وفات کان ڪجهه وقت اڳ روهڙيءَ ۾ مشهور فنڪاره رخسانه بيبيءَ وٽ رهيو، جتي سندس سنگت سينگار علي سليم، چراغ خان، برڪت ڀٽ، غلام علي سنڌيلو، مختيار شيدي ۽ ٻين سان پڻ رهي. استاد علي نواز خان، رخسانه بيبيءَ کي تعليم به ڏيندو رهيو ۽ هارمونيم تي ڪيترو وقت ساٿ سنگت به ڪندو رهيو. استاد علي نواز خان جي سڳي ٻڌل شاگردن ۾ صنم ماروي، ديبا سحر، ارشاد يوسف، عروج تبسم وارثي، وارث علي، ديبا ڪنول، ماروي سنڌو، صائمه منظور ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو