
علي گوهر (فلم)
علي گوهر (فلم): ڄاموٽ فلمز جي طرفان پيش ڪيل هيءَ سنڌي فلم 25 جولاءِ 1988ع تي رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي لکندڙ هدايتڪار شاهد وحيد، موسيقار غلام علي ۽ پروڊيوسر ايس.گل هو. هن فلم ۾ يار محمد شاھہ، سلمى جان، نسرين ناز، نواب محمدي، شهزادي، نور محمد لاشاري، صلاح الدين تنيو ۽ محمود صديقي اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم پيراڊائيز سئنيما سکر، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو، ميلوڊي سئنيما نوابشاھہ، افشان سئنيما ڪراچي، سھڻي سئنيما جيڪب آباد، ٽالپر ٽاڪيز سئنيما خيرپورميرس، منگيت ملير سئنيما ڪراچي، فردوس سئنيما حيدرآباد، شھباز سئنيما ٽنڊوالهيار، شاهين سئنيما شھدادپور ۽ شاھہ ٽاڪيز سئنيما ٽنڊوآدم ۾ هڪ ئي وقت رليز ڪئي وئي هئي.
هن فلم ۾ هڪ غريب هاريءَ تي وڏيري جي ظلمن ڪرڻ ۽ انهن ظلمن کان تنگ ٿي هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن پاران ڏوهن طرف راغب ٿيڻ وارو پهلو نمايان ڪيو ويو. هن فلم ۾ پرو ڌاڙيل جي ڀاءُ علي گوهر جي ڪردار کي فلمايو ويو هو. هيءَ فلم پنھنجي وقت ۾ بيحد مقبول ٿي.
1988.07.25 عيسوي
ڄاموٽ فلمز جي طرفان پيش ڪيل هيءَ سنڌي فلم علي گوهر 25 جولاءِ 1988ع تي رليز ٿي.