علي گوهر لاهوري
علي گوهر لاهوري: تحريڪ پاڪستان جو نامور اڳواڻ ۽ سياستدان علي گوهر لاهوري ولد نواب حاجي اميد علي خان لاهوري، 12 آڪٽوبر 1912ع تي لاهوري محلي، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پنهنجي وقت جو نامور سياستدان ۽ وڏيرو هو. علي گوهر ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ 1927ع ۾ ڪرنل بوائونس اسڪول دهر (يو پي، انڊيا) ۽ 1929ع ۾ گرامر اسڪول ڪـوئـيٽا ۾ پـڙهيـو. انـڊيا ۾ پـڙهـڻ دوران رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، خان عبدالولي خان ۽ خانبهادر دوست محمد هڪڙو سندس هم ڪلاسي رهيا. نواب علي گوهر لاهوري تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هيءُ مسلم ليگ لاڙڪاڻي جو 1937ع ۾ پهريون صدر منتخت ٿيو. هن قائداعظم جي قيادت ۾ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مسلمانن لاءِ وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪئي، ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مسلم ليگ کي عوام ۾ مقبول ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. علي گوهر لاهوري 18 آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ جي صوبائي ڪائونسل ڪراچي جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. علي گوهر انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جو 1941ع کان 1943ع تائين ميمبر رهيو. ان کان سواءِ اينگلو عربڪ ڪاليج اجميري گيٽ دهليءَ جي تاريخي اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. مسجد منزل گاهه واري واقعي ۾ مسلمانن جي ڀرپور مدد ڪيائين ۽ سندن مالي سهائتا پڻ ڪئي. هيءُ سنڌ مدرسي لاڙڪاڻي جي انتظامن هلائڻ واري ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن به رهيو، ۽ نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪرڻ، تعليم جي واڌاري لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتائين. علي گوهر لاهوري لاڙڪاڻي ميونسپالٽي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو لڳاتار 20 سال ميمبر رهيو ۽ شهر جي ترقي ۽ عوام جي خدمت ۾ پاڻ ملهايائين. هيءُ سياست، تعليم جي شعبن کان سواءِ راندين ۾ پڻ سنڌ سطح جو ڪرڪيٽيئر ۽ ٽينس جو رانديگر رهيو. 1951ع تائين ڪيترائي ڪپ، تمغا ۽ انعام حاصل ڪيائين.علي گوهر لاهوري تقرير جو وڏو ماهر ۽ انگريزي ادب سان دلچسپي رکندو هو. هن اردو ٻوليءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي، ۽ سندس تخلص ‘يڪتا’ هو. علي گوهر بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو صدر به رهيو. ضلعي اندر مشاعرن جي واڌاري ۾ ڪوششون ورتائين. هن 1925ع ۾ عراق، ايران جا دورا پڻ ڪيا. لاڙڪاڻي شهر جو علي گوهر آباد محلو به سندس نالي سان آباد آهي. هن 6 ڊسمبر 1943ع ۾ وفات ڪئي.
1912.10.12 عيسوي
تحريڪ پاڪستان جو نامور اڳواڻ ۽ سياستدان علي گوهر لاهوري ولد نواب حاجي اميد علي خان لاهوري، 12 آڪٽوبر 1912ع تي لاهوري محلي، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
1943.12.06 عيسوي
علي گوهر لاهوري 6 ڊسمبر 1943ع ۾ وفات ڪئي.