عمرڪوٽ

عمرڪوٽ

عمرڪوٽ

عمرڪوٽ

اڪبر بادشاھ  جي ڄمڻ جو ھنڌ

اڪبر بادشاھ جي ڄمڻ جو ھنڌ

عمرڪوٽ قلعو

عمرڪوٽ قلعو

عمرڪوٽ

عمرڪوٽ 1 (ضلعو): عمرڪوٽ ضلعو ايراضيءَ جي لحاظ کان سنڌ جو نائون نمبر وڏو ضلعو آهي. جنهن جي پکيڙ 5608 چورس ڪلوميٽر آهي. جاگرافيائي طور هي ضلعو 25°22′12″ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69°43′48″اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي واقع آهي. هن ضلعي جي اتر ۾ ضلعي سانگهڙ، اولھہ ۾ ضلعي ميرپورخاص، ڏکڻ اوڀر ۾ ضلعي ٿرپارڪر ۽ اوڀر اتر طرف کان ڀارت جي صوبي راجسٿان جون حدون ملن ٿيون. هن ضلعي جو هيڊڪوارٽر سنڌ جي تاريخي شھر عمرڪوٽ ۾ آهي. انگريزن جي دور حڪومت ۾ 1882ع ڌاري ٿرپارڪر ضلعو قائم ٿيو. جنهن جو هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ ۾ قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ ست تعلقا: عمرڪوٽ، نارو، سانگهڙ، مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر شامل هئا. 1906ع ۾ ضلعي جو هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ مان منتقل ڪري ميرپورخاص ۾ رکيو ويو. جنهن ۾ چئن ٻين تعلقن کي شامل ڪيو ويو ۽ عمرڪوٽ بہ تعلقي جي حيثيت سان ٿرپارڪر ضلعي ۾ شامل رهيو. اڳتي هلي پاڪستان حڪومت جي انتظام ۾ سانگهڙ کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي. جنهن تحت ٿرپارڪر ضلعي مان سانگهڙ سميت ڪجهہ تعلقا ڌار ڪيا ويا. بعد ۾ ٿرپارڪر ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ميرپورخاص کي الڳ ضلعو قائم ڪيو ويو. ٿرپارڪر کي مٺي، ڇاڇري، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر تعلقن کي مشتمل الڳ ضلعو قائم ڪيو ويو. جنهن دوران عمرڪوٽ تعلقي جي حيثيت سان ميرپورخاص ضلعي ۾ شامل رهيو.
1992ع ۾ ميرپورخاص ضلعي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري عمرڪوٽ کي ضلعي جي حيثيت ڏني وئي. جنهن ۾ عمرڪوٽ، سامارو، پٿورو ۽ ڪنري تعلقن کي شامل ڪيو ويو. ضلعي جو هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ ۾ رکيو ويو. 1999ع ۾ عمرڪوٽ جي ضلعي واري حيثيت ختم ڪري ٻيهر ميرپورخاص ضلعي جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي وئي. جنهن بعد سياسي سماجي ۽ ادبي ڌرين پاران عمرڪوٽ ضلعي جي بحاليءَ لاءِ احتجاج ڪري تحريڪ هلائي وئي. نيٺ عوامي جدوجھد رنگ لاٿو ۽ 2004ع ۾ ٻيهر عمرڪوٽ جِي ضلعي واري حيثيت بحال ڪئي وئي. هن وقت عمرڪوٽ ضلعو چئن تعلقن عمرڪوٽ، ڪنري، سامارو ۽ پٿورو تي مشتمل آهي.
ضلعي ۾ ڪل 42 يونين ڪائونسل، 6 ٽائون ڪاميٽي ۽ هڪ ميونسپل ڪميٽي آهي. جن مان عمرڪوٽ تعلقي ۾ هڪ ميونسپل ڪاميٽي، ٻہ ٽائون ڪاميٽي ۽ 17 يونين ڪائونسل، تعلقي ساماري ۾ هڪ ٽائون ڪاميٽي، 9 يونين ڪائونسل، تعلقي پٿوري ۾ ٻہ ٽائون ڪاميٽي، 6 يونين ڪائونسل ۽ تعلقي ڪنري ۾ هڪ ٽائون ڪاميٽي ۽ 10 يونين ڪائونسل شامل آهن.
2017ع جي آدمشماري رپورٽ مطابق ضلعي جي ڪل آبادي 1073146 آهي. ضلعي عمرڪوٽ جي معيشيت جو وڏو ذريعو زراعت آهي. زرعي انگ اکرن موجب ضلعي جي چوٿين حصي زمين جا 700 وڏا زميندار مالڪ آهن. جڏهن تہ باقي زرعي زمين 65 هزار ننڍن آبادگارن جي ملڪيت آهي. ضلعي جي ايراضيءَ جو 20 سيڪڙو ٿر ۾ اچي ٿو. ضلعي جي ٿر واري ڀاڱي جا اڪثر ماڻهو چوپائي مال ۽ برسات تي ٿيندڙ زرعي فصلن تي گذارو ڪن ٿا. عمرڪوٽ ضلعو زراعت جي حوالي سان بہ اڳڀرو رهيو آهي. 2000ع جي زراعت شماري ۾ عمرڪوٽ ضلعي ۾ 1635ع باغ ڄاڻايل آهن، جيڪي مختلف ميون جا آهن. عمرڪوٽ جي ناري واري پَٽ کي نارا ڪئنال مان نڪرندڙ ڇوڙ واھہ، ٿر واھہ، ڪوٽ واھہ، نبي سر واھہ ۽ نور واھہ سميت ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون شاخون آباد ڪن ٿيون.
نارا ڪئنال تي آباد ٿيڻ سبب عمرڪوٽ جي بئراجي ايريا کي نارو يا نارا پَٽ سڏيو ويندو آهي. ضلعي جي اڪثر ماڻهن جي روزگار جو ذريعو زراعت آهي. آدمشماريءَ جي لحاظ کان هر سئو مان 10 ماڻهو بيروزگار آهن. جڏهن تہ 63 سيڪڙو ماڻهو زراعت سان، 13 سيڪڙو ماڻهو سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين ۾ ۽ 14 سيڪڙو ماڻهو مزدوري، مال چارڻ ۽ ذاتي ڪاروبار سان وابستہ آهن.
عمرڪوٽ ضلعو سنڌ جي وچولي علائقي ۾ آهي. هتان جي موسم سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ گرم رهي ٿي. گرمين جي اڪثر درجه حرارت 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان بہ وڌيڪ ۽ سياري ۾ 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي ٿي. هتي ساليانو 16 سينٽي ميٽر مينهن پوي ٿو. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ وڌيڪ مينهن پوندو آهي. مارچ کان آڪٽوبر تائين ڏکڻ اولھہ جون هوائون لڳن ٿيون. جڏهن تہ سياري ۾ نومبر کان فبروري تائين اتر جون ٿڌيون هوائون لڳن ٿيون. هتي جي آبهوا عام طور خشڪ رهي ٿي. هن ضلعي ۾ ڪڻڪ، وونئڻ، سرنهن، مرچ، اسپنگر، مڪئي، سورج مکي، ڪمند ۽ ڀاڄين ۽ ميون وارا فصل ڪثرت سان ٿين ٿا. ٿر واري حصي ۾ برسات تي ٻاجهر، گوار، تر، موٺ ۽ مڱ کان سواءِ ڇانھہ ۽ گدرا بہ ٿين ٿا.
ضلعو عمرڪوٽ علم ۽ ادب جي حوالي سان ڏاڍو زرخيز رهيو آهي. نالي وارن اديبن ۽ شاعرن جو وڏو حلقو ضلعي جي مختلف علائقن سان تعلق رکي ٿو. جنهن ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر، نامور محقق معمور يوسفاڻي، انقلابي شاعر حليم باغي، جمن دربدر، حاجي ساند، خليل ڪنڀار، خطائي ٿيٻو، مير حسن آريسر، علي نواز آريسر، لجپت راءِ مظلوم، سيد سردار علي شاھہ، محمود مل پلي، سيد علي محمد شاھہ ‘عاجز’، اشرف پلي، پير عطا جان سرهندي، عباس ‘ساٿي’ ڀنڀرو، غلام حيدر شاھہ ‘حيدر’ ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن تہ صوفي شاعر ۽ بزرگ صوفي محمد صديقصادق فقير’ جو تعلق پڻ هن ضلعي سان آهي. نامور راڳي شفيع فقير ۽ شادي فقير پڻ هن ضلعي سان واسطو رکن ٿا. عمرڪوٽ ضلعي ۾ هڪ قومي اسيمبلي ۽ 3 صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون آهن. جن تان هن وقت نواب محمد يوسف ٽالپر قومي اسيمبليءَ لاءِ ۽ نواب تيمور ٽالپر، سيد سردار علي شاھہ ۽ سيد علي مردان شاھہ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ چونڊيل آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ هندن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل لال مالهيءَ جو تعلق بہ عمرڪوٽ سان آهي. عمرڪوٽ ضلعي جو هن وقت چيئرمئن ڊاڪٽر سيد نور علي شاھہ ۽ وائيس چيئرمئن حاجي بقا پلي آهن. جڏهن تہ اڳوڻي بلدياتي سيٽ اپ ۾ فقير مگهن مڱريو ضلعي ناظم ۽ راڻا هميرسنگهہ نائب ناظم رهي چڪا آهن. هن ضلعي جي قومي ۽ صوبائي تڪن تان نواب يوسف ٽالپر، سيد علي مردان شاھہ، سيد سردار علي شاھہ، نواب تيمور ٽالپر، دوست محمد ميمڻ، سيد مظفر حسين شاھہ، حاجي علي مراد راڄڙ، پير نور محمد شاھہ جيلاني ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. جڏهن تہ ضلعي سان تعلق رکندڙ راڻا چندر سنگهہ، راڻا همير سنگهہ، راجوير سنگهہ، لال مالهي، خانصاحب عبدالڪريم پلي، فقير جادم مڱريو پارلياماني سياست ۾ اڳڀرا رهيا آهن. جڏهن تہ عبدالواحد آريسر قومي سياست ۾ گهڻو پاڻ موکيو اٿس.
هي ضلعو قديم ماڳن سبب تاريخ جي حوالي سان خاص سڃاڻپ رکي ٿو. جن ۾ عمرڪوٽ جو قلعو (جتي سومرن جي دور ۾ وقت جي بادشاھہ عمر سومري مارئي کي کڻي اچي قيد ڪيو)، اڪبراعظم جو جنم هنڌ، مومل جي ماڙي، پدمات جا پڊ، روحل فقير جو آستان، صوفي جا ڀڙا، پير پٿورو، شِو مندر، ڏيول ديويءَ جو ٿانَ، صوفي صادق فقير جي درگاھہ، نماڻي شاھہ جي درگاھہ، گجر راڻي جي درگاھہ، قديم درگاھہ ۽ قبرستان نصرالله ولي، رام جاڳو جو قبرستان، اصحابيءَ جو قبرستان (ڊيبو)، ميين جان محمد جي درگاھہ، عمرڪوٽ شھر ۾ مير باگي جي مزار وغيرہ شامل آهن.
عمرڪوٽ 2 (شھر): عمرڪوٽ، سنڌ جو تمام آڳاٽو شھر ۽ گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. هي شھر 25 21' 47" اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69 37' 76" اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي موجود آهي. هي شھر سنڌ ۽ مارواڙ جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپي جو شھر هو ۽ ريگستاني علائقي جو هڪ تجارتي ۽ جنگي شھر هو. هن جي قدامت بابت چون ٿا ته، “سڪندر مقدوني هتان لانگاهو ٿيو ۽ 621ع ۾ جڏهن چيني سياح يانگ چوانگ سنڌ ۾ آيو تہ هو هتان ٽپيو هو. ان لحاظ سان هي شھر تمام قديم آهي. عمرڪوٽ جو شهر، سرڳواسي رائچند چيلهار جي لفظن ۾ نڪي امر سنگهہ جو ٻڌايل آهي ۽ نڪي عمر سومري جو ٻڌايل آهي. اهو شھر انهن ٻنهي حڪومتن کان آڳاٽو آهي ۽ اموره سومري جو ٻڌايل آهي، جنهنڪري امرڪوٽ سڏبو هو، جيڪو اڪبر جي دور تائين الف سان لکبو هو ۽ پوءِ ڦري ع سان عمرڪوٽ ٿيو.
عمرڪوٽ سومرن ۽ راڻن جي دور ۾، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. خاص ڪري راڻن جي راڄ ۾ هن شھر جو ستارو چمڪيو. ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته، راڻي سوڍي جي ماضيءَ کي ٿرپارڪر تائين ڦهلائجي، ان ڪري هو وڏو لشڪر سنبرائي، عمرڪوٽ تي ڪاهي آيو. اها جنگ 1126ع ۾ لڳي ۽ عمرڪوٽ راڻن جي هٿ ۾ آيو. ان وقت هت هڪ ڪچو قلعو هو، جيڪو سوڍن جي لڙائيءَ وقت سومرن جي هٿ ۾ هو ۽ حاڪمن جا ديرا، ان قلعي اندر هوندا هئا. سوڍن جنگ کٽڻ کانپوءِ عمرڪوٽ کي گاديءَ جو هنڌ بنائي، ٿر جي ٻين ڀاڱن کي بہ فتح ڪري پنھنجي حڪومت سان ڳنڍي ڇڏيو، ۽ سومرا صرف پراڻ جي الهندي طرف وڃي رهيا. راڻي جون چار پيڙهيون، عمرڪوٽ ۾ رهيون، پر پوءِ حڪومت ورهائي ويئي. جيئن تہ راڻو درجن سنگهہ وڏو هو، ان ڪري اهو عمرڪوٽ ۾ رهيو. باقي ٻيا مٺيءَ ۽ ڇاڇري طرف ويا. اهڙيءَ طرح حڪومت جي انتظام رکڻ لاءِ اتي هنن پنهنجا صوبا مقرر ڪيا ۽ پوءِ وقت بہ وقت عمرڪوٽ ۾ اچي گادي نشين راڻي جو سلام ڀريندا هئا ۽ گهرج مھل مدد ڪندا هئا. پائر، کائڙ ۽ ڍٽ جا ڀاڱا سڀ عمرڪوٽ جي راڻن جي هٿ ۾ هئا ۽ عمرڪوٽ سندن گاديءَ جو هنڌ هو.
عمرڪوٽ تي راڻن ڪيترائي سال حڪومت ڪئي. اهي جيتوڻيڪ پنهنجن معاملن ۾ خودمختيار هئا، پر قانوني طور سنڌ جي حڪمرانن جي تابع هوندا هئا، ۽ جڏهن سنڌ تي دهليءَ جا سلطان يا مغل حڪومت ڪندا هئا تہ ان وقت اهي کين خراج ادا ڪندا هئا. جڏهن ڪو بہ راڻو گاديءَ تي ويهندو هو تہ اهو ان جي اجازت مغل بادشاھہ کان يا ٺٽي جي گورنر کان وٺندو هو.
عمرڪوٽ جي مرڪزي حڪومت ۾ ڍلن جو رواج ڪونه هو، جنهن کي جيتري زمين گهربي هئي، سو تيتري وڃي پوکيندو هو. هن حڪومت وٽ ڪو فوجي سپاھہ پگهار تي رکيل ڪونه هو. هو جنهن بہ راجپوت کي سڏ ڪندا هئا، سو امالڪ اچي حاضر ٿيندو هو. انصاف تمام سستو هو، جنهن کي ڪا دانهن ڪوڪ ڪرڻي هوندي هئي، سو گادي نشين راڻي يا هن جي صوبي سان ڪندو هو ۽ ان دم ئي هنجو داد ٿيندو هو. عوام ۽ رعيت حڪمران طبقي مان ڏاڍي خوش هئي ۽ شادي وهانءَ تي اٺ، گهوڙا، ڳايون، مينهون ۽ زيور نذراني ۾ ڏيندي هئي ۽ پاڻمرادو ڪاٺيون ۽ ڏڌ تحفي ۾ ڏيندا هئا.عمرڪوٽ جي هاڪ هندستان جي هاڪاري حاڪم اڪبراعظم جي هت پيدا ٿيڻ ڪري بہ ٿي، جيڪو 949 ھہ مطابق 1512ع جو زمانو هو. هتان جي راڻي بادشاھہ لاءِ قلعو خالي ڪرايو ۽ ان جي اميرن لاءِ ٻاهر رهائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ همايون کي رڍون ۽ ٻڪريون تحفي ۾ ڏنيون ۽ اهو اڪبر وڏو ٿي جڏهن حڪمران ٿيو، تڏهن هن عبدالرحيم خان خانان کي تمام وڏو لشڪر ڏيئي، سنڌ تي چاڙهي موڪليو. جنهن جي گهوڙن ۽ سنبن هن عظيم شهنشاھہ جي جنم ڀومي کي لتاڙيو ۽ ليٿاڙيو ۽ سندس ڄمڻ واري هنڌ ماروئڙن جو خون وهايو.ترخان دور حڪومت ۾ ابوالقاسم بيگلار کي عمرڪوٽ جو والي بڻايو ويو. جنهن پنھنجي زماني ۾ سوڍن جو تعاون حاصل ڪيو. 1559ع ۾ مرزا محمد باقي ۽ محمد صالح جي وچ ۾ جنگ لڳي. محمد باقي شڪست کائي ونگ منجهان عمرڪوٽ ۾ آيو. 1599ع ۾ ابو القاسم سلطان ولد شاھہ قاسم ارغون، سوڍن سان وڙهي عمرڪوٽ ورتو.
جڏهن نادر شاھہ سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن هو ميان نور محمد جو پيڇو ڪندو عمرڪوٽ بہ آيو، ۽ هتان ئي نادرشاھہ جا امير، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙجي ويا. جڏهن ڪلهورا حڪمران سنڌ ۾ مضبوط ٿي ويا، تڏهن هنن عمرڪوٽ کي، سنڌ ۾ شامل ڪري سوڍن کي هتان ڀڄائي ڪڍيو. مشھور مؤرخ ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو ته، سوڍن جو قبيلو جڏهن عمرڪوٽ شھر مان هليو ويو، تہ ان سان گڏ ئي شھر جي رونق هلي وئي. سوڍو راڻو ٿر ۾ وڃي آباد ٿيو ۽ اهو قبيلي جو بهرحال سردار رهيو ۽ کيس ڍل برابر ملندي رهندي هئي. محمد مرادياب خان ڪلهوڙي کي حڪمرانيءَ جو پروانو عمرڪوٽ ۾ مليو. 1779ع ۾ مير بجار خان هت اچي رهيو ۽ کوسن کي اتان ڀڄائي ڇڏيو. 1781ع ۾ ميان عبدالنبي، مير بجار کي مارائڻ جي عيوض ۾ جوڌپور جي راجا بجيسنگهہ کي عمرڪوٽ تحفي ۾ ڏيئي ڇڏيو. جوڌپور جي راجا ٻہ هزار ماڻهو آڻي عمرڪوٽ ۾ ويهاريا ۽ سوڍن کي قلعو ڏيئي ڇڏيو. ان کانپوءِ عمرڪوٽ جوڌپور جو هڪ پرڳڻو بڻجي ويو ۽ هتان جو حاڪم راڻو، جوڌپور جي راجا کي ساليانو خراج پهچائڻ لڳو. 1813ع ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ شھر جوڌپور جي راجا کان کسي ورتو. جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو، تڏهن سر چارلس نيپيئر ‘فٽز گيرالڊ’ کي ميرپور کان عمرڪوٽ موڪليو تہ ان تي قبضو ڪري ۽ پوءِ کيس عمرڪوٽ جو انچارج بنايو ويو. سنڌ جي فتح کانپوءِ، جوڌپور جي راجا، انگريزي حڪومت تي زور ڀريو تہ عمرڪوٽ سندس حڪومت جو حصو آهي، ان ڪري کيس ڏنو وڃي. پر چارلس نيپيئر ان کي سنڌ سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ حيدرآباد ڊويزن جو حصو بڻايو. 1859ع ۾ عمرڪوٽ جي راڻن ۽ مقامي زميندارن برطانوي حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ انهن ٽيليگراف آفيس تي حملو ڪري ڪجهہ سپاهين کي قتل ڪيو ۽ شھر تي قبضو ڪيو، ليڪن انگريزن هن آزاديءَ جي جنگ کي چند غدارن ۽ پئسي تي ضمير وڪڻندڙن جي معرفت جلد ڪچلي ڇڏيو ۽ حريت پسند سوڍن کي سختيون ڏيئي ماري ڇڏيو. جن مان روپلي ڪولهيءَ جو ڪردار امر ٿي ويو ۽ سنڌ جي سورمن ۾ پنهنجو نالو لکرائي ويو ۽ عمرڪوٽ جي سرزمين کي زندھہ جاويد بڻائي ويو. ان وقت سنڌ جي ڪمشنر اي. ڊي. رابرٽ عمرڪوٽ ۾ هڪ درٻار گهرائي، چند اميرن کي خطاب ڏئي خوش ڪيو.عمرڪوٽ قلعو: موجودہ عمرڪوٽ کي قديم زماني ۾ امرڪوٽ سڏيو ويندو هو. امرڪوٽ جي آباد ٿيڻ بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. اڪثر محققن جي راءِ موجب هي شھر يارهين صديءَ کان بہ اڳاٽو آهي. ‘تاريخ ريگستان’ ۾ رائچند هريجن، امرڪوٽ جي تاريخ بابت ‘امرڪوٽ جو اتهاس’ ۽ ‘ٽاڊ راجستان’ ڪتابن جا حوالا ڏيندي ڄاڻايو آهي تہ “امرڪوٽ جي پراچين اتهاس جي پوري خبر ڪانهي، پر ڪن اتهاسن ۾ ٿورو احوال آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي تہ ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري اتي پرمارن جي حڪومت هئي. لدروي ۽ پونگل جي يادوونسي راجا منڊم راءِ، امرڪوٽ جي پرمار راجا سسوڍ جي ڪنيا سان وهانءُ ڪيو. سن 997ع/ 1054 سنبت ۾ مارواڙ جي راجا ڌرڻي براھہ، پرما ماروار جي نون قلعن جي ورهاست پنهنجن نون ڀائرن ۾ ڪئي. ان وقت امرڪوٽ جوگراج پرمار کي حصي ۾ مليو... جيسلمير جي اتهاس ۾ آيل حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ يارهين صديءَ جي شروعات ۾ بہ امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت هئي.”
عمرڪوٽ قلعي جي تعمير هڪ تحقيق موجب پرمار سوڍي ڪرائي هئي، جنهن تي پوءِ ڪجهہ عرصو سومرن جو ۽ 1226ع ڌاري سوڍن جو قبضو رهيو. سومرن جي دور ۾ عمر سومري ٿر مان مارئيءَ کي کڻي عمرڪوٽ قلعي ۾ بند ڪيو هو. انگريزن جي دور ۾ راڻي رتن سنگهہ کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ ڦاسي ڏني وئي.
بيهڪ ۽ بناوٽ: هي قلعو 25022 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.47 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي عمرڪوٽ شھر ۾ واقع آهي. دفاعي لحاظ کان هي قلعو ريگستان جي ڇيڙي تي جوڌپور کان حيدرآباد ايندڙ مک شاهراھہ تي قائم آهي. عمرڪوٽ جي چوڌاري هڪ خندق جا آثار بہ ڏٺا ويا آهن. قلعي جي دروازي جي حفاظت لاءِ ٻنهي پاسن کان برج ٺهيل آهن. دروازي مٿان سورج مکيءَ جي گل جهڙو هڪ نشان ٺهيل آهي. ڪن محققن اهڙو نشان عمر سومري جي منڊيءَ تي بہ ڄاڻايو آهي، پر تيجسنگهہ سولنڪيءَ جو خيال آهي تہ اهو نشان ‘سورج ونسي’ راجپوتن جو ٺهرايل سمجهڻ گهرجي. هنن برجن ۽ لنگهہ وٽ استعمال ٿيل گهڙيل پٿر، ڪنهن ٻئي هنڌ جا آهن، پر هتي مرمت طور لڳايا ويا آهن.
امرڪوٽ، مستطيل شڪل جو ڪوٽ آهي، جنهن کي چئني ڪنڊن کان برج ڏنل آهن. قلعي جي ڀت ڪافي ويڪري آهي، جنهن تي ٻہ گهوڙي سوار هلي سگهن ٿا. اتر واري ڀت 14.8 فوٽ ويڪري ۽ 922 فوٽ ڊگهي آهي. اولھہ واري ڀت ۾ ڏيڍ فوٽ جون سرون استعمال ٿيل آهن. ڏکڻ واري ڀت سڄي ڪچين سرن جي آهي، جيڪا 950 فوٽ ڊگهي آهي. اوڀر واري ڀت 740 فوٽ ڊگهي آهي، جڏهن تہ ڀتين جي اوچائي 40 فوٽ آهي، پڪ سرا
6 برج اڏيل آهن. ڪوٽ جي وچ تي سرن جو ٺهيل هڪ شاهي برج (Watch Tower) پڻ ٺهيل آهي، جنهن تي هن وقت بہ 6 توپون رکيل نظر اينديون. ڪوٽ اندر اٺن ٿنڀن تي بيٺل هڪ ڇٽيءَ هيٺان هڪ قبر موجود آهي، جيڪا انگريز ڊپٽي ڪمشنر مسٽر واٽسن جي چئي وڃي ٿي. هن ڪوٽ اندر ميوزيم پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جتي مغل دور ۽ موجودہ ٿر جي ثقافت جون شيون رکيل آهن. تازو ويراواھہ- ننگرپارڪر رستي لاءِ کوٽائي ڪندي ويراواھہ مان نڪتل ٻڌ جون مورتيون بہ آڻي هن ميوزيم ۾ رکيون ويون آهن. مشھور داستان ‘عمر مارئيءَ’ جي نسبت بہ هن ئي علائقي سان آهي، جڏهن تہ مشھور مغل بادشاھہ جلال الدين اڪبر جي پيدائش بہ امرڪوٽ ۾ ٿي هئي. بهرحال هن وقت قلعي جو نالو ‘عمرڪوٽ’ عمر نالي ڪنهن سومري حاڪم جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. تازو (2017ع) سنڌ حڪومت جي ثقافت، نوادرات، سياحت کاتي، قلعي جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ۽ 2018ع ۾ هي ڪم مڪمل ڪيو ويو. جنهن قلعي جي کاڌل ڀتين ۾ نيون سرون هڻايون ويون آهن. جنهنڪري قلعو مضبوط ٿيو آهي.


لفظ عمرڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو