عنايت الله مهيسر ميان

عنايت الله مهيسر، ميان:ناميارو عالم ميان عنايت الله مهيسر، درگاهه شريف ڪمالديري جو سجاده نشين ۽ سنڌ جي مشهور بزرگ علامه ميان غلام محمد مهيسر جو فرزند هو. سندس جنم 1321هه/1903ع ڌاري ڪمال ديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. ابتدائي تدريس کان وٺي فارغ التحصيل ٿيڻ تائين سموري تعليم پنهنجي والد کان ورتائين. پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جي ماهر هجڻ سان گڏ سنڌي مضمون نويسي، خط و ڪتابت، تقرير ۽ تحرير جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. سندس روحاني تربيت به سندس والد جي سرپرستيءَ هيٺ ٿي ۽ سندس ئي نقش قدم تي هلندي انسان ذات جي خدمت ۾ مشغول رهيو. پنهنجي والد طرفان ڇڏيل مثالي ڪتبخانو نه صرف سنڀاليائين، پر ان ۾ وڏي تعداد ۾ واڌارو به ڪيائين. سندس ڪوشش جي ڪري تقريباً هڪ صديءَ جو رڪارڊ محفوظ ٿيو، جنهن ۾ اهم قلمي نسخا، خط، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب شامل آهن. سندس علمي ذوق اهڙو هوندو هو، جو سعدي، فردوسي ۽ روميءَ جي شاعري کيس برزبان ياد هوندي هئي، جيڪا مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان بيان ڪندو هو.پا ڻ سنڌي شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪيائين.
مولوي عنايت الله مهيسر جو شمار خيرپور رياست جي ‘اُمراءَ’ ۾ ٿيندو هو. سندس خانداني پسمنظر، سماجي خدمتن ۽ علمي توڙي روحاني مرتبي جي ڪري خيرپور رياست جي درٻار ۾ کيس ڪرسي مليل هوندي هئي. پاڻ جن اهم موقعن تي شريڪ ٿيو، تن ۾ ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جو خيرپور اسيمبليءَ کي خطاب، هزهائينس مير علي مراد خان ٽالپر جي شاديءَ جو جشن،پير ڳوٺ ۾پير شاهه مردان شاهه (سڪندر شاهه) پير صاحب پاڳاري جي تاج پوشيءَ جي رسم ۽ ٻيا اهم موقعا شامل آهن. هو جيتوڻيڪ باضابطه طور ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو، پر خدمت جي جذبي تحت محدود پئماني تي سياست ۾ به حصو ورتائين. 1943ع ۾ جڏهن حر تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي، تڏهن انگريز سرڪار سورهيه بادشاهه سان ذاتي تعلق جي ڪري کيس گرفتار ڪري لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ نظربند ڪيو. سنڌ جي تڏهوڪي وزير خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي مداخلت بعد کيس آزاد ڪيو ويو. ميان عنايت الله 1952ع ۾ حج لاءِ اسهيو ۽ ان سفر ۾ مخدوم شفيع محمد درگاهه مخاديم کهڙا ۽ پير سيد محمد شاهه (سيد غلام مرتضى شاهه جو فرزند) پير آف گنبٽ، جيڪو سندس گهرو دوست هو سندس همسفر هئا.سندس رفيقن ۽ دوستن جو حلقو تمام وسيع هو، جن ۾ پير محمد شاهه،مخدوم شفيع محمد، ميان عبدالحليم، درگاهه شهدادڪوٽ، مولانامحمد قاسم مشوري شريف، پير جان جانان (سجاده نشين درگاهه رحمتپورلاڙڪاڻو)، مولوي نور محمد منڱله، سيد حسين شاهه لڪياري، سيد ثابت علي شاهه، نواب خان کيمٽيو، پير حسام الدين شاهه راشدي، علي محمد شاهه راشدي'>پير علي محمد شاهه راشدي ۽ سڪندر علي ڀٽو (شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ڀاءُ) قابلِ ذڪر آهن.
ميان عنايت الله مهيسر، 09 ذوالقعد 1391هه/ 27 ڊسمبر 1971ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو