
زنگيجو، عنايت الله
عنايت ﷲ زنگيجو : مشھور اديب حاجي عنايت ﷲ زنگيجو، 1937ع ڌاري ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ٽالهي اولڊ مسلم اسڪول، تعلقي عمرڪوٽ مان ورتائين. ساڳئي اسڪول ۾ 1953ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. انهيءَ اسڪول جي هيڊ ماستر مرحوممحمد امين چانڊئي کان اسلامي تعليم ۽ عربي فارسي زبانن جي چڱيءَ واقفيت حاصل ڪيائين.ايس. وي فاضل، ايم. اي ۽ پي. ٽي جا امتحان پاس ڪري پهرين پوزيشن کنيائين. سندس پهريون ڪتاب ’لاڙاين جون لاتيـون‘ 1970ع ۾ شايع ٿيو جو نہ فقط اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت يونيورسٽي ڪورس (ايم. اي. فائنل) لاءِ بہ منظور ٿيو. هي والي بال جو بہ سٺو رانديگر ھو. کيس اسلامي تعليم سان شروع کان وٺي دلچسپي رهي. اهو ئي سبب آهي جو سٺو مولود خوان قرآن پاڪ جو قاري پڻ ھو. هيءُ ريڊيي تي آرٽسٽ طـور بہ ڪم ڪندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:’مـرد مـؤمـن‘ قــاضــي سلطان جي سوانح عمري (1973ع) ۾ اسلامي تعليم تي مبني هڪ ڪتاب ’ايمانيات‘ جو سنڌيڪار پڻ رھيو. جنهن جو اصل ليکڪ مفتي ڪفايت ﷲ آهي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو دعوة اڪيڊمي 1987ع ۾ ڇپايو. عنايت ﷲ زنگيجو سنڌ جي ناميارن استادن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ وڏو عرصو استاد رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪائونٽي گرلس ڪاليج ۽ ٻين خانگي ادارن ۾ پڙهائيندورھيو. ڪجهہ عرصي لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سنڌي ڪلاسن ۾ اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي پڻ پڙهائي مشھور اديب حاجي عنايت ﷲ زنگيجو، 1937ع ڌاري ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ٽالهي اولڊ مسلم اسڪول، تعلقي عمرڪوٽ مان ورتائين. ساڳئي اسڪول ۾ 1953ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. انهيءَ اسڪول جي هيڊ ماستر مرحوممحمد امين چانڊئي کان اسلامي تعليم ۽ عربي فارسي زبانن جي چڱيءَ واقفيت حاصل ڪيائين.ايس. وي فاضل، ايم. اي ۽ پي. ٽي جا امتحان پاس ڪري پهرين پوزيشن کنيائين. سندس پهريون ڪتاب ’لاڙاين جون لاتيـون‘ 1970ع ۾ شايع ٿيو جو نہ فقط اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت يونيورسٽي ڪورس (ايم. اي. فائنل) لاءِ بہ منظور ٿيو. هي والي بال جو بہ سٺو رانديگر آهي. کيس اسلامي تعليم سان شروع کان وٺي دلچسپي رهي. اهو ئي سبب آهي جو سٺو مولود خوان قرآن پاڪ جو قاري پڻ رھيو. هيءُ ريڊيي تي آرٽسٽ طـور بہ ڪم ڪندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:’مـرد مـؤمـن‘ قــاضــي سلطان جي سوانح عمري (1973ع) ۾ اسلامي تعليم تي مبني هڪ ڪتاب ’ايمانيات‘ جو سنڌيڪارھو. جنهن جو اصل ليکڪ مفتي ڪفايت ﷲ آهي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو دعوة اڪيڊمي 1987ع ۾ ڇپايو. عنايت ﷲ زنگيجو سنڌ جي ناميارن استادن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ وڏو عرصو استاد رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪائونٽي گرلس ڪاليج ۽ ٻين خانگي ادارن ۾ پڙهائيندورھيو. ڪجهہ عرصو ھن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سنڌي ڪلاسن ۾ اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي پڻ پڙهائي. عنايت ﷲ زنگيجو 3 ڊسمبر 2017غ تي وفات ڪئي.