عنايت ﷲ مهيسر، ميان:ناميارو عالم ميان عنايت ﷲ مهيسر، درگاھہ شريف ڪمالديري جو سجادہ نشين ۽ سنڌ جي مشھور بزرگ علامہ ميان غلام محمد مهيسر جو فرزند هو. سندس جنم 1321ھہ/1903ع ڌاري ڪمال ديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. ابتدائي تدريس کان وٺي فارغ التحصيل ٿيڻ تائين سموري تعليم پنھنجي والد کان ورتائين. پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جي ماهر هجڻ سان گڏ سنڌي مضمون نويسي، خط و ڪتابت، تقرير ۽ تحرير جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. سندس روحاني تربيت بہ سندس والد جي سرپرستيءَ هيٺ ٿي ۽ سندس ئي نقش قدم تي هلندي انسان ذات جي خدمت ۾ مشغول رهيو. پنھنجي والد طرفان ڇڏيل مثالي ڪتبخانو نہ صرف سنڀاليائين، پر ان ۾ وڏي تعداد ۾ واڌارو بہ ڪيائين. سندس ڪوشش جي ڪري تقريباً هڪ صديءَ جو رڪارڊ محفوظ ٿيو، جنهن ۾ اهم قلمي نسخا، خط، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب شامل آهن. سندس علمي ذوق اهڙو هوندو هو، جو سعدي، فردوسي ۽ روميءَ جي شاعري کيس برزبان ياد هوندي هئي، جيڪا مھل ۽ موقعي جي مناسبت سان بيان ڪندو هو.پا ڻ سنڌي شاعريءَ ۾ بہ طبع آزمائي ڪيائين.
مولوي عنايت ﷲ مهيسر جو شمار خيرپور رياست جي ‘اُمراءَ’ ۾ ٿيندو هو. سندس خانداني پسمنظر، سماجي خدمتن ۽ علمي توڙي روحاني مرتبي جي ڪري خيرپور رياست جي درٻار ۾ کيس ڪرسي مليل هوندي هئي. پاڻ جن اهم موقعن تي شريڪ ٿيو، تن ۾ ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جو خيرپور اسيمبليءَ کي خطاب، هزهائينس مير علي مراد خان ٽالپر جي شاديءَ جو جشن،پير ڳوٺ ۾پير شاھہ مردان شاھہ (سڪندر شاھہ) پير صاحب پاڳاري جي تاج پوشيءَ جي رسم ۽ ٻيا اهم موقعا شامل آهن. هو جيتوڻيڪ باضابطه طور ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نہ ٿيو، پر خدمت جي جذبي تحت محدود پئماني تي سياست ۾ بہ حصو ورتائين. 1943ع ۾ جڏهن حر تحريڪ پنھنجي عروج تي هئي، تڏهن انگريز سرڪار سورهيه بادشاھہ سان ذاتي تعلق جي ڪري کيس گرفتار ڪري لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ نظربند ڪيو. سنڌ جي تڏهوڪي وزير خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي مداخلت بعد کيس آزاد ڪيو ويو. ميان عنايت ﷲ 1952ع ۾ حج لاءِ اسهيو ۽ ان سفر ۾ مخدوم شفيع محمد درگاھہ مخاديم کهڙا ۽ پير سيد محمد شاھہ (سيد غلام مرتضى شاھہ جو فرزند) پير آف گنبٽ، جيڪو سندس گهرو دوست هو سندس همسفر هئا.سندس رفيقن ۽ دوستن جو حلقو تمام وسيع هو، جن ۾ پير محمد شاھہ،مخدوم شفيع محمد، ميان عبدالحليم، درگاھہ شهدادڪوٽ، مولانامحمد قاسم مشوري شريف، پير جان جانان (سجادہ نشين درگاھہ رحمتپورلاڙڪاڻو)، مولوي نور محمد منڱله، سيد حسين شاھہ لڪياري، سيد ثابت علي شاھہ، نواب خان کيمٽيو، پير حسام الدين شاھہ راشدي، علي محمد شاھہ راشدي'>پير علي محمد شاھہ راشدي ۽ سڪندر علي ڀٽو (شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ڀاءُ) قابلِ ذڪر آهن.
ميان عنايت ﷲ مهيسر، 09 ذوالقعد 1391ھہ/ 27 ڊسمبر 1971ع تي وفات ڪئي.