عيسو هالائي عاجز

عيسو هالائي، عاجز: نامور صوفي بزرگ شاعر عيسي هالائيءَ جو پورو نالو محمد عيسيٰ ولد قاضي محمد يوسف لاکو هو. هيءُ ڳوٺ سليم راهو، ڀٽ شاهه جو رهاڪو هو. کيس مائٽ ننڍپڻ ۾ بلو ڪري سڏيندا هئا. سندس والد پنهنجي وقت جو نامور عالم هو. جنهن سبب کيس ‘قاضي’ جو لقب مليل هو. عيسيٰ ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. تعليم سان گڏ جنڊيءَ جو هنر به سکيائين. قرآن شريف جي تعليم حاجي خليفي محمد صاحب وٽان ورتائين. هن شاعريءَ جي سکيا اختر هالائي ۽ سليم هالائيءَ وٽان حاصل ڪئي. هيءُ شاعريءَ ۾ عاجز تخلص استعمال ڪندو هو. هن شاعريءَ جي ابتدا 1934ع ڌاري ڪئي ۽ راڳ جي سکيا ڀٽائيءَ جي راڳي حاجي محمد اسحاق کان ورتائين. نامور شاعر طالب الموليٰ سندس ڪلام کان متاثر ٿي 1953ع ۾ ماهوار وظيفو مقرر ڪيو، جيڪو سندس مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهيو. عاجز جو ڪلام مرثيي، سلام، نوحي، غزل، قطع، رباعي، مثنوي، ڪافي، مستزاد وغيره تي مشتمل آهي. هن هڪ سنڌي لغات ‘تجنيس اللغات’ پڻ لکي. سندس ڪلام هالا جي مرثيي خوان سيد عالم شاهه شيرازيءَ وٽ محفوظ آهي.
هن 28 صفر 1405هه مطابق 22 نومبر 1984ع تي وفات ڪئي. مرزا امام علي بيگ ‘افسر’ کيس پنهنجي وقت جو نامور شاعر ڪري لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو