عَبَسَ سورة

عَبَسَ (سورة): قرآن مجيد جي نمبر 80 سورة جو نالو عَبَس. لفظي معنيٰ: ان هڪ ماڻهو منهن ۾ گهنج وڌا يا منهن ڦيريو. هن سورة ۾ ‘ان ماڻهو’ مان مراد خود حضور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي ذات مبارڪ آهي. هي سورة قرآن مجيد جي سورة ‘نازعات’ کان پوءِ ۽ سورة ‘تڪوير’ کان اڳ ۾ آيل آهي. هن سورة جا ٻيا نالا ‘الساختھ’، ‘السفرة’ ۽ ‘الاعميٰ’ پڻ نقل ٿيل آهن.هي سورة مڪي شريف ۾ نازل ٿي. هن جو شان نزول هن طرح بيان ڪيو ويو آهي تہ هڪ ڏينهن حضرت بي بي خديجہ رضہ جو ماروٽ ابن ام مڪتوم رضہ قرآن مجيد جي تعليم سکڻ لاءِ حضور نبي ڪريم صہ جن جي خدمت مبارڪ ۾ آيو، ان وقت پاڻ ڪريم صہ جن قريش جي سردارن عتبه، شيبه، ابوجهل، عباس بن عبدالمطلب، اميه بن خلف ۽ وليد بن مغيره سان ڳالهائي رهيا هئا ۽ کين اسلام جي دعوت ڏئي رهيا هئا. ابن ام مڪتوم جيئن تہ ڄائي ڄم کان نابين هو (۽ قريش سردارن کي ڏسي نہ سگهندو هو) سو بنا ڊپ ڊاءَ جي پاڻ ڪريم صہ جن وٽ اچي چوڻ لڳو يا رسول : مون کي قرآن سيکاريو ۽ جيڪي ڪجهہ تعاليٰ اوهان کي سيکاريو آهي، سو مون کي بہ سيکاريو. هو لاعلميءَ ۾ اهي لفظ ورجائيندو رهيو. پاڻ ڪريم صہ جن کي اها ڳالھہ نہ وڻي تہ هن کي ماٺ رهڻ لاءِ چيائون ۽ هن کان منهن مبارڪ ڦيرائي قريشن ڏانهن توجھہ ڪيائون. تعاليٰ اهو رنگ ڏسي رهيو هو ۽ پوءِ وحيءَ ذريعي سورة عَبَس نازل فرمايائين تہ ان انڌڙي کان، جنهن جي دل ايمان جي روشنيءَ سان آباد آهي، هي منهن مٽائڻ ڇا لاءِ؟ ڪهڙي خبر جو حق جي تعليم جو فائدو ان کي پهتو هجي ۽ حق کان لاپرواهي ڪندڙن ڏانهن ايترو ڌيان ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ۽ اهي حق تي نہ بہ هلن تہ ان مان اوهان کي ڪهڙو فرق پوي ها.؟ هي سورة هن لحاظ کان بہ وڏي اهم آهي تہ ان ۾ هڪ پاسي حق لاءِ شوق ۽ ذوق جي اظهار ڪندڙن جو ذڪر خاص اهتمام سان ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي پاسي خود رسول صہ جن تي ڪنهن ٻي هستي ( تعاليٰ) جي نگران هجڻ جو دليل ثابت ڪيو ويو آهي ۽ اهي منڪر، جيڪي چون ٿا تہ ’نعوذ باالله‘ قرآني آيتون تعاليٰ جي طرفان ناهن، بلڪہ نبي ڪريم صہ جن پاڻ ٺاهيون آهن. هاڻي هن سورة جي نازل ٿيڻ کان پوءِ اهي بي جواز ۽ لاجواب ٿي وڃن ٿا.
هن سورة بابت پاڻ ڪريمن صہ فرمايو تہ جيڪو شخص هي سورة پڙهندو رهندو، سو قيامت جي ڏينهن خوش خوش ٿي کلندو ايندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو