غازي محمد سمون: غازي محمد سمون ولد قائم محمد سمون، نبي سر، تعلقي ڪنري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس وڏا پوءِ چيلهه بند لڏي آيا. نبي سر ۾ لوهارن واري مسجد اڄ به سلامت آهي. غازي محمد ذات جو سمون ۽ ڌنڌو لوهارڪو (يعني لوه، ٽامي، پيتل ۽ ڪنجهي جو ڪم) ڪندو هو. 65 سالن جي عمر ۾ جولاءِ 1986ع ۾ چيلهه ۾ ئي وفات ڪيائين. سندس مدفن چيلهه جي سيدن واري مقام ۾ ٿيو. غازي سمون پتل خصوصاً ڪنجهي مان جيڪي سُرمي جون ڪانيون ٺاهيندو هو اُهي هند ۽ سنڌ ۾ مشهور هيون. پري پري کان ماڻهو اچي وٽائنس ڪانيون ۽ گهوڙن جا لغام ڪلياڻ (لغام جوقسم) ۽ ڪڙي وارو لغام خريدڻ ايندا هئا. ان کانسواءِ سندن ٺاهيل ڪانيون، چاقو، سوهڙيون (سوپارين ڀڃڻ واريون) ۽ ڇرين ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو. هو گهوڙن جو معالج هو. گهوڙن جي بيمارين بابت ڪتاب به موجود اٿس. اهو ڪم پوءِ سندس سؤٽ خالق ڏني به جاري رکيو، جيڪو به ڊسمبر 1996ع رحلت ڪري ويو ۽ هن فن جو سلسلو بند ٿي ويو.