غالب حسين ڊومڪي

غالب حسين ڊومڪي

غالب حسين ڊومڪي مير

غالب حسين ڊومڪي، مير: مشھور سياستدان ۽ ڊومڪي قبيلي جو چيف سردار، مير غالب حسين خان ڊومڪي ولد مير شاھہ علي خان، 01 ڊسمبر 1964ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تعلق هڪ سياسي خاندان سان آهي. مير غالب 1993ع ۾ آزاد اميدوار طور ڪشمور جي PS-18 تڪ تان ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ميمبر چونڊجڻ بعد پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙجي ويو ۽ 1993ع کان 1996ع تائين ثقافت ۽ نوجوانن جي معاملن جو صوبائي وزير رهيو. سندس ڏاڏو علي بلاول خان ڊومڪي انگريز دور ۾ قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي رهيو. کيس انگريزن طرفان ‘خان صاحب’ جو لقب بہ ڏنو ويو هو. مير غالب، ڊومڪي قبيلي جي نک گلوئي جو چيف مقدم ۽ ڊومڪي قبيلي جو سردار پڻ آهي.
پاڻ پرويز مشرف جي اقتداري دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 2008ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. هن وقت تائين آسٽريليا، چين، هانگ ڪانگ، جاپان، منگوليا، سعودي عرب، ٿائيلينڊ ۽ گڏيل امارات جو سفر ڪري چڪو آهي. 2013ع جي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار طور PS-18 تان بيٺو، پر پ پ پ اميدوار حاجي عبدالرئوف کوسي کان شڪست کاڌائين. کيس سير سياحت جو تمام گهڻو شوق آهي.
مير غالب پنھنجي قبيلي طرفان پڳ هئڻ سبب ذات وارن جا فيصلا پڻ ڪندو آهي، ۽ تر جي ترقياتي ڪمن ۾ سندس اهم ڪردار آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.12.01  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ ڊومڪي قبيلي جو چيف سردار، مير غالب حسين خان ڊومڪي ولد مير شاهه علي خان، 01 ڊسمبر 1964ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
بابا ذهين شاھہ تاجي
ضياء الدين احمد سيد
جمعو شيدي 1
جـيـن جـيـڪس روسـو
علي سيد خطاط
تقي عليہ السلام امام
سريچند ميلهومل ڪيسواڻي
تارا ٻائي
اعجاز قريشي پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون