غالب مرزا اسدالله خان
غالب جو مقبرو
غالب جي حويلي
غالب ميوزيم
غالب، مرزا اسدالله خان: اردو ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر نجم الدوله دبير الملڪ مرزا نوشه اسدالله خان ‘غالب’ نظام جنگ، 27 ڊسمبر 1797ع ۾ ڪالا محل، آگري ۾ ڄائو. غالب جي عظمت جو ڪمال رڳو سندس شاعريءَ ۾ ڪونهي، پر هو زندگيءَ جي حقيقتن ۽ انساني نفسيات جو گهرو ڄاڻو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن سادگيءَ سان زندگيءَ جي حقيقتن کي شاعريءَ ۾ ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو. غالب، مغل سلطنت جي آخري ورهين ۾ اردو شاعريءَ جو تمام وڏو نالو ٿي اُڀريو. هن شاعريءَ ۾ اسد ۽ غالب جا تخلص ڪم آندا. هن جي شاعريءَ جو وڏو حصو فارسي ٻوليءَ تي به مشتمل آهي.
مرزا غالب، ڪالا محل، آگري ۾ ڄائو. خانداني طور سندس واسطو ايبڪ ترڪن سان هو، جيڪي سمرقند (ازبڪستان) کان هندستان آيا هئا. هندستان لڏي ايندڙ غالب جو ڏاڏو قوقان خان ان وقت هتي آيو، جڏهن مغلن جي بادشاهي آخري پساهن ۾ هئي. قوقان خان ڪجهه عرصو معين الملڪ ناظم پنجاب وٽ نوڪري ڪئي. پوءِ شاهه عالم وٽ دهليءَ ۾ نوڪري ڪئي. اهڙي نموني سندس سڄي عمر بادشاهن جي خدمتگذاريءَ ۾ گذري. کيس چئن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد ٿيو. عبدالله بيگ خان، اسدالله بيگ غالب جو والد پهريان لکنؤ ۾ آصف الدوله وٽ ۽ پوءِ حيدرآباد دکن جي نظام علي خان وٽ فوجي ملازمت ڪئي. آخر ۾ کيس الور جي رياست ڏانهن ڪنهن فوجي مهم تي موڪليو ويو، اُتي هو شهيد ٿي ويو ۽ راڄ ڳڙهه ۾ دفن آهي. عبدالله خان جي وفات وقت غالب جي عمر پنج سال ۽ سندس ڀاءُ يوسف جي عمر ٽي سال هئي.
غالب ابتدائي تعليم شيخ معظم کان ورتي. چوڏهن سالن جي عمر ۾ هڪ زرتشتي مذهب مان مسلمان ٿيل عالم عبدالصمد کان عربي ۽ فارسيءَ جي تڪميل ڪيائين، جيڪو ڪجهه وقت وٽس اچي رهيو هو. ڏهن سالن جي عمر کان ئي غالب شعر چوڻ شروع ڪيو. شروع ۾ هو پنهنجي همعصرن وانگر ريخته ۾ شعر چوندو هو. 15 سالن تائين وٽس ‘ديوان’ جيترو شعر جمع ٿي ويو. سندس شعر لکڻ ۽ چوڻ جو انداز خوبصورت هو. تنهنڪري هندستان ۾ سندس شهرت پکڙي. جوانيءَ ۾ هن گهڻو شعر فارسيءَ ۾ چيو، جڏهن ته اردوءَ تي سندس گهٽ ڌيان هو.
13 سالن جي عمر ۾ غالب ‘امرائو بيگم’ سان شادي ڪئي، جيڪا نواب الاهي بخش جي ڌيءُ هئي. جلد ئي پاڻ پنهنجي ڀاءُ مرزا يوسف خان سان گڏ دهليءَ لڏي آيو. امرائو بيگم سان شاديءَ مان کيس ستن ٻارن جو اولاد ٿيو، پر ڪوبه زندهه رهي نه سگهيو. انهيءَ الميي جا اثر غالب تي پڇاڙيءَ تائين رهيا. جن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ شدت سان ملي ٿو.
جڏهن هو دهليءَ لڏي آيو ته وٽس رهڻ لاءِ جڳهه ڪانه هئي. پوءِ هو سڄي عمر مسواڙ جي جاءِ ۾ رهيو. کيس شاهي درٻار مان وظيفو ملندو هو، جنهن تي گذرسفر ڪندو هو. هميشه جي تنگ دستيءَ سبب هو سخت پريشان رهندو هو، جڏهن ته سندس پينشن ۾ انگريزن اضافو نه ڪيو، ته 1830ع تائين هو چاليهه پنجاهه هزار روپين جو قرضي ٿي ويو.
دهليءَ جي هڪ ڪاليج ۾ کيس انگريز سرڪار نوڪري ڏيڻ ٿي چاهي، هو پالڪيءَ ۾ چڙهي ڪاليج تائين پهتو، کيس اميد هئي ته سندس شاهي استقبال ڪيو ويندو، پر کيس ٻڌايو ويو ته جيئن ته پاڻ نوڪري وٺڻ آيو آهي، نه ڪي درٻار ۾. درٻار ۾ سندس تعظيم ڪئي ويندي، پر هتي اها تعظيم ڪانه ٿيندي، ان لاءِ هو نوڪري وٺڻ کان انڪار ڪندي واپس آيو. چيائين جتي عزت نه هجي، اُتي نوڪريءَ مان فائدو؟ 1847ع ۾ غالب جوا جي الزام ۾ گرفتار ٿي پيو. شاهي درٻار ۽ ٻين سفارشن باوجود به کيس ڇهه مهينا سخت پورهئي سان سزا ۽ ڏهه روپيا ڏنڊ وڌو ويو. اپيل ڪرڻ تي به سزا برقرار رهي، ايترو سو ٿيو ته کيس ڪورٽ حڪم ڏنو ته هو پنجاهه روپيه ڏيئي پورهئي واري سزا معاف ڪرائي سگهي. پر وٽس پنجاهه روپيا ڪونه هئا. پاڻ جيل ويو، ٽي مهينا سزا ڀوڳيائين. پوءِ سول سرجن دهليءَ جي سفارش تي آزاد ٿيو. قيد واري عرصي ۾ هن فارسيءَ ۾ شاندار شاعري ڪئي. 1850ع ۾ بهادر شاهه (ثاني)، نصيرالدين ۽ حڪيم احسن جي سفارش تي کيس تيموري خاندان جي تاريخ لکڻ تي ملازم رکيو. کيس نجم الدوله دبير الملڪ جو خطاب مليو. 1853ع ۾ مشهور شاعر مرزا ابراهيم ذوق جي وفات ٿي ته غالب کي بادشاهه ظفر شاهه جو استاد مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ولي عهد شهزادو فتح الملڪ ۽ شهزادو نصير به سندس شاگرديءَ ۾ آيا.
1857ع واري عرصي ۾ مغل حڪومت ختم ٿي وئي. پينشن به بند ڪئي وئي، جيڪا ٽن سالن کانپوءِ سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جي سفارش تي بحال ٿي. کيس رامپور جي درٻار مان هڪ سئو رپيه ۽ خلعت ملندي هئي.
آخري عمر ۾ شراب نوشيءَ سبب سندس صحت تمام خراب ٿي پئي. مٿس بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا ۽ پوءِ دماغ تي فالج ڪري پيس. بيهوشيءَ ۾ ئي 15 فيبروري 1869ع تي وفات ڪري ويو. سندس جنازي نماز دهلي دروازي کان ٻاهر پڙهي وئي ۽ کيس نظام الدين اولياءَ جي مقبري لڳ دهليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر کي پڪ سرو لوڙهو سندس هڪ هندو شاگرد ڏياريو هو، جڏهن ته هاڻي غالب جي قبر جي مٿان سنگ مرمر جو خوبصورت قبو اڏيل آهي. فلم ساز سهراب مودي پنهنجي فلم ‘غالب’ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ٺهرايو هو.
فارسي توڙي اردوءَ ۾ سندس تصنيفون هي آهن: (1) پنج آهنگ (فارسي) (2) مهر نيمروز (تيموري تاريخ جو پهريون حصو) (3) دست نجو (دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو احوال) (4) قاطع برهان (لغت تي ڪم) (5) گل عنا (اردو ۽ فارسي غزل) (6) ڪليات نظم فارسي (7) ابر گهُر بار (غزوات تي شاهنامي جهڙو ڪم) (8) سبد چين (شاعري) (9) سبد باغ رودر (فارسي) (10) دعاءِ صباح (دعائن جو فارسي ترجمو) (11) ڪليات طيبات (نثر فارسي) (12) متفرڪاتِ غالب (13) ديوان اردو (14) نخسه حميديه (15) عود هندي (16) اردوي معليٰ (17) مڪاتبِ غالب (18) نادرات غالب (19) نڪات رقعان (20) قادرنامه (21) انتخابِ غالب (22) لطائف غيبي وغيره.
مرزا غالب تي ڪيترائي ڊراما ۽ فلمون ٺاهيون ويون آهن. ڪجهه جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) 1954ع ۾ هندستان ۾ ‘مرزا غالب’ نالي فلم ٺاهي وئي هئي، جيڪا بليڪ اينڊ وائيٽ هئي. هن فلم ۾ ڀارت ڀوشن مرزا غالب جو ڪردار، جڏهن ته ثريا هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو. فلم جو ميوزڪ ڊائريڪٽر غلام محمد هو. هي موسيقيءَ سان ڀرپور فلم هئي، جنهن ۾ مرزا غالب جي پورٽريٽ کان سواءِ سندس شاعري به ڳائي وئي هئي. اها فلم ناليواري هدايت ڪار ۽ فلم ساز سهراب موديءَ ٺاهي.
(2) 1961ع ۾ پاڪستان ۾ ‘غالب’ جي نالي سان فلم ٺهي، جنهن ۾ سڌير غالب جو ڪردار ڪيو، جڏهن ته فلم جي هيروئن نورجهان هئي. فلم جي موسيقي تصدق حسين ڏني هئي.
(3) 1988ع ۾ مشهور شاعر گلزار، مرزا غالب جي نالي سان ڊي. ڊي. نيشنل ٽي. ويءَ تي هڪ سيريل ٺاهي هئي. جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي، جنهن ۾ نصيرالدين شاهه غالب جو ڪردار نڀايو هو. جڳجيت سنگهه ۽ چترا سنگهه غالب جا غزل ڳايا هئا. جڏهن ته سيريل جي موسيقي به ٻنهي ڄڻن ترتيب ڏني هئي. هيءَ ٽي. وي سيريل پوءِ 7 يا 8 سي ڊين تي رليز ٿي هئي. جنهن ۾ نصيرالدين شاهه اعليٰ اداڪاري ڪئي هئي. گلزار جي اها سيريل هاڻ ‘مرزا غالب- ايڪ سوانحي منظرنامه’ جي نالي سان انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪي آهي.
غالب واحد شاعر آهي، جنهن تي نه رڳو فلم ۽ ٽي. وي تي سندس فن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، پر اسٽيج تي به سندس زندگيءَ کي اجاگر ڪيو ويو.
غالب جو مقبرو: مشهور شاعر مرزا غالب جو مقبرو حضرت نظام الدين اولياءَ واري قبرستان ۾، چونسٺ کهبا جي اتر طرف دهليءَ ۾ آهي. مرزا غالب جي مزار سندس وفات کان هڪ سؤ سال پوءِ ٺاهي وئي هئي. مقبرو ننڍو آهي، جنهن کي سادو لوهه جو دروازو ڏنو ويو آهي. جيڪو گهڻو ڪري بند رهندو آهي. غالب جي مقبري جي اڳيان چوڪور ننڍڙي ٿلهي تي سندس نالو لکيل آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته غالب جو مقبرو هن طرف آهي. سڄو مقبرو سفيد ماربل سان ٺهيل آهي، جيڪو اڏاوت جو شاندار نمونو چئي سگهي ٿو. هن مقبري ۾ سندس ٻين مٽن مائٽن جون قبرون به آهن. ‘غالب اڪيڊمي’ جيڪا سندس فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ هندستان جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جي دلچسپيءَ سان وجود ۾ آئي. ان ۾ هڪ آڊيٽوريم، لئبرري، مهمان خانو، غالب ۽ سندس دور جي باري ۾ اهم تصويرون به رکيون ويون آهن. هتان هڪ جرنل ‘غالب’ پڻ ڇپيو وڃي ٿو. ‘غالب اڪيڊميءَ’ ۾ اردو ادب جا ڪافي ڪتاب پيل آهن، جن ۾ غالب تي ٿيل ادبي ڪم وارا ڪتاب به شامل آهن. توڙي جو مقبرو ننڍو آهي، پر پوءِ به سوين ماڻهو سندس قبر تي اچن ٿا. توڙي جو سندس واسطو هندستان جي بادشاهه بهادر شاهه ظفر سان هو. سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان به سندس معتقدن مان هو. پوءِ به سڄي عمر قرضي رهيو.
غالب جي حويلي: غالب جي رهائش واري جاءِ کي ‘غالب ڪي حويلي’ جي نالي سان ‘آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا’ وارن ثقافتي ورثو قرار ڏيندي ان کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي. هن حويليءَ ۾ اهڙيون شيون رکيون ويون آهن، جن کي مرزا غالب استعمال ڪندو هو. اڏاوت جو نمونو به مغل دور جو آهي. هي ماڳ ‘گلي قاسم جان’، ‘ڪوچه بلي ماران’ پراڻي دهليءَ ۾ آهي. حويليءَ جون ڀتيون مرزا غالب جي وڏن مجسمن سان سنواريل آهن. حڪومت جي تحويل ۾ اچڻ کانپوءِ هاڻي هيءَ حويلي غالب جي يادگار ميوزيم طور استعمال ٿي رهي آهي. انهيءَ ۾ غالب جي استعمال جون شيون ۽ سندس هٿ سان لکيل شاعريءَ کي به محفوظ ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ سندس دور جي همعصر شاعرن استاد ابراهيم ذوق، ابو ظفر، مومن ۽ ٻين جا مجسما وغيره رکيا ويا آهن. 27 ڊسمبر 2010ع تي دهليءَ جي چيف منسٽر شيلا ڊڪشٽ غالب جي مجسمي جو افتتاح ڪيو هو. هي مجسمو هندستان جي بهترين مجسمي ساز ڀڳوان رامپوريءَ ٺاهيو. مرزا غالب آگري مان جڏهن دهلي لڏي آيو، ته هن حويليءَ ۾ مسواڙ تي اچي رهيو هو ۽ آخر تائين هتي ئي رهيو. هن انهيءَ حويليءَ ۾ اردو توڙي فارسي ڪلام لکيو ۽ ڪيترو ئي نثر به هتي سرجيو هئائين. 1999ع کان هن حويليءَ کي سرڪار ثقافتي ورثو قرار ڏيندي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
غالب ميوزيم: مرزا غالب جي نالي سان نظام الدين اولياء جي درگاهه جي اولهه ۾ غالب اڪيڊمي دهليءَ طرفان هڪ ميوزيم قائم ڪيل آهي. هن ميوزيم جي شروعات 22 فبروري 1969ع کان ٿي. هي ميوزيم غالب اڪيڊميءَ جي ٽين ماڙ تي قائم آهي. هن ميوزيم ۾ غالب جي رهڻ واري جاءِ جا فوٽو، کاڌي پيتي جو سامان، غالب جي استعمال جون شيون، ۽ ٻيا اسم، جيڪي غالب جي استعمال ۾ هئا، انهن کي سجائي رکيو ويو آهي. هن ميوزيم ۾ غالب جي استعمال جون مهرون، اُن دور جا سڪا، غالب جون پوسٽ وارن طرفان ڪڍيل ٽڪليون وغيره به سجايل آهن. غالب تي ايم. ايف. حسين، ستيش گجرال ۽ انيس فاروقيءَ جون پينٽنگس به سهڻي نموني سجايون ويون آهن. ان کان سواءِ غالب جي شاعريءَ جي ڪيليگرافي ۽ ٻيو اهڙي قسم جو ڪم به هن ميوزيم جو حصو آهن. غالب جو مقبرو اڪيڊميءَ جي ڀرسان آهي.
مرزا غالب جي قصيده گوئي: مرزا اسد الله غالب اردوءَ سان گڏ فارسيءَ جو به وڏو شاعر هو، هن پنهنجي اردو شاعريءَ کي ‘بي رنگ’ ۽ پنهنجي فارسي شاعريءَ کي ‘نقش هاءِ رنگ رنگ’ چيو آهي. مرزا غالب تي تحقيق ڪندڙ پرتو روهيله چواڻي “غالب جي فارسي شاعري اهو اونداهو کنڊ آهي، جتي ادب جو اڃا تائين ڪو به مهم جو نه پهتو آهي.” غالب کي جيڪا شهرت ۽ انفراديت حاصل آهي، اها گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿي، مرزا غالب غزلن کانسواءِ قصيده ۽ مثنويون به لکيون، هن اهي قصيدا اردو ۽ فارسيءَ ۾ لکيا، غالب جا فارسي قصيدا حمد، نعت، منقبت ۽ مداحن تي مشتمل آهن، غالب جو دور شخصي بادشاهت جي خاتمي ۽ غير ملڪي آمرن جي تسلط جو دور هو، هن آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي بي اختياري، مغزولي ۽ جلاوطني به ڏٺي، هن جو واسطو انهن انگريز گورنر جنرلن ۽ وائسرائن سان به پيو، جن انگلينڊ مان اچي ننڍي کنڊ تي حڪومت ڪئي، مرزا غالب بهادر شاهه ظفر جو درٻاري شاعر هو ۽ درٻار ۾ کيس سُٺي عزت ۽ اهميت حاصل هئي، مرزا غالب، بهادر شاهه ظفر کي وظيفي مقرر ڪرڻ جي لاءِ جيڪا درخواست قصيدي جي صورت ۾ لکي، انهن جو هڪ بند هن ريت آهي:
آپ ڪا بنده اور پهرون ننگا،
آپ ڪا نوڪر اور کائون اڌار.
مرزا غالب اهي قصيدا ڇو لکيا، انهن جي باري ۾ مرزا غالب جي فارسي قصيدن جو ‘نقش هاءِ رنگ رنگ’ جي نالي سان اردو ترجمو ڪندڙ ڊاڪٽر صابر آفاقي لکي ٿو، “چيو وڃي ٿو ته غالب آزاد خيال خوددار ۽ انا پرست شاعر هو، جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته پوءِ اسين انهن قصيدن کي ڪهڙي کاتي ۾ رکنداسين، جيڪي غالب انگريز لارڊز جي واکاڻ ۾ لکيا، غالب ڪنهن وڏي ڪٽنب جو سنڀاليندڙ ۽ ڪفيل به نه هو، سندس ڪٽنب ۾ ٽي چار ڀاتي هئا ۽ سندس ماهوار خرچ به ايترو نه هو ته پوءِ غالب انهن انگريزن جي در تي ڇو ٻاڏايو.”
انهن جو جواب جيتوڻيڪ ڊاڪٽر آفاقيءَ نه ڏنو آهي، فقط ايترو چئي اڳتي وڌي وڃي ٿو ته “اهي منظوم درخواستون انگريزن جي درٻار ۾ قبول نه ٿيون ۽ غالب بدستور پنهنجي غربت جو روئڻو روئندو رهيو، انهن سوالن تي غالب جي طرفدارن کي سوچڻ گهرجي يا نه پر سُخن فهمن کي ضرور ويچارڻ گهرجي.”
غالب انهن قصيدن ۾ انگريزن ۽ ديسي نوابن کي ڇو ٻاڏايو، انهيءَ جو سبب غالب جي غربت چئي سگهجي ٿي، پر ان غربت جي پويان به غالب جو پنهنجو هٿ نه هو، کيس جيڪو ڪجهه ملندو هو، اهو هو اڏائي دڦ ڪري ڇڏيندو هو، غالب لاءِ مؤرخ لکن ٿا ته هو وڏو هٿ ڦاڙ هو.
مرزا غالب جا ڪل 71 فارسي قصيدا ملن ٿا، جيڪي ‘قصائد و مثنويات فارسي’ نالي ڪتاب ۾ ملن ٿا، جيڪو مولانا غلام رسول مهر مرتب ڪيو ۽ 1969ع ۾ ڇپيو، انهن قصيدن مان ٻارنهن قصيدا ديني موضوعن تي آهن، جيڪي حضرت نبي ڪريم صه، حضرت علي رضه، امام حسين رضه، حضرت عباس رضه جي واکاڻ ۾ آهن، هڪ قصيدو مغل بادشاهه اڪبر شاهه ثاني، پندرهن قصيدا بهادر شاهه ظفر جي واکاڻ ۾، ٽن قصيدن ۾ راڻي وڪٽوريه جي ساراهه ڪئي وئي آهي، سورهن قصيدا انهن انگريز عملدارن جي واکاڻ ۾ لکيل آهن، جيڪي ننڍي کنڊ تي حڪمراني ڪرڻ جي لاءِ ايندا رهيا، باقي ٻيا قصيدا ديسي نوابن جي مدح ۾ چيل آهن، جن کان غالب انعام ۽ اڪرام جي خواهش ڪئي، مرزا غالب جن انگريز گورنر جنرلن ۽ وائسرائن جي شان ۾ قصيدا لکيا، انهن جا نالا هن ريت آهن، لارڊ آڪلينڊ، لارڊ الن برا، چارلس بيرن مٽڪاف، جيمز ٿامسن، هنري ٿوبي پرنسپ، سر ٿامس هربرٽ ماڊڪ، اينڊريو اسٽرلنگ، وليم فريزر، جارج رسل ڪالون، هنري هارڊنگ، سرچارج فريڊرڪ ايڊمنسٽن، چارلس جان ارل ڪيننگ، لارڊ منٽگمري، جيمس بروس، لارڊ، الگن اول، لارڊ جان سر رابرٽ، انهن کانسواءِ ڪجهه ننڍن انگريز آفيسرن جي باري ۾ به سندس قصيدا آهن.
انهن قصيدن جو جائزو وٺندي ڊاڪٽر صابر آفاقي لکي ٿو: “انهن قصيدن جو وڏو عيب اهو آهي ته غالب انهن ۾ حد کان وڌيڪ وڌاءَ کان ڪم ورتو آهي ۽ جنهن بابت به قصيدو لکيو اٿس، ان جي واکاڻ ۾ اهي گڻ به لکي ڇڏيا اٿائين، جيڪي انسان ۾ هوندا ئي ڪو نه آهن.“ ان عيب ڏانهن اشارو ڪندي مولانا غلام رسول مهر چوي ٿو ته ”پر گهڻا قصيدا اهڙا هئا، جن کي حد کان وڌيڪ وڌاءَ ۽ ساراهه جي عجيب غريب موقعن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.”
مرزا غالب جي انهن قصيدن مان هڪ ادنيٰ انگريز آفيسر سيسل بيڊن جي لاءِ جيڪو قصيدو لکيائين، انهن جي هڪ بند ۾ چيو اٿائين.
حيف باشد ڪه زرالطاف تو مانند محروم
همچومن بنده ديرين ونمڪ خوار ڪهن.
(حيف آهي، جي تنهنجي مهربانيءَ کان محروم رهجي وڃي، مون جهڙو پراڻو ٻانهو ۽ جهونو نمڪ خوار)
انگريز گورنر لارڊ آڪلينڊ جي شان ۾ لکيل قصيدي ۾ لکيو اٿس، “آئون اها ڳالهه ڇو لڪايان، صاف صاف ڇو نه چئي ڇڏيان ته هندستان آڪلينڊ جي ڪري ئي رونق پاتي آهي”. ٻي بند ۾ چيو اٿس “ان وقت تائين آڪلينڊ جو جهنڊو اوچو رهي، جيستائين هو پنهنجي پاڇي هيٺ سڄو ملڪ فتح نه ڪري وٺي.”
لارڊ آلن برا جي مدح ۾ لکيل قصيدي ۾ لکي ٿو “ايثار ۾ هر ڪنهن کي هڪ خاص گڻ ڏنو ويو آهي، منهنجو ڪم واکاڻ ڪرڻ آهي ۽ لارڊ آلن برا جو ڪم خزانو ورهائڻ آهي.”
سر چارلس مٽڪاف جي شان ۾ غالب جي لکيل قصيدي ۾ سندس هيئن ٿو واکاڻ ڪري. “اهو مٽڪاف آهي، جو هندستان ۾ سندس عدل ۽ انصاف جي برڪت سان، جهرڪيءَ باز جي پنجن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي رکيو آهي، زمانو، زمين تي سندس عدل جي ڪري بيهي رهيو آهي، جو ماڻهو تي پوندڙ پاڇو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ نٿو رهي.”
هن هڪ ٻي گورنر جنرل جارج فريڊرڪ اڊمنسٽن جي شان ۾ لکيل 64 بندن تي ٻڌل قصيدو لکيو، جنهن ۾ هو لکي ٿو “تو ڪو ٻڌو! ڪيخسرو کانپوءِ هاڻ ملڪ ڪيننگ کي مليو آهي، جو هي سخت محنتي، ڏاهو ۽ خوشقسمت ثابت ٿيو آهي. شهنشاهه جو اهو خاص صلاحڪار اچي ويو آهي، جنهن جي حڪمرانيءَ ۾ سندس بارگاهه جي ٿنڀ آسمان کي سنڀالي رکيو آهي، ڪيننگ دلير ۽ شينهن جهڙو حاڪم آهي، شينهن ته سندس اڳيان هڪڙو ننڍڙو شڪار آهي.”
لارڊ منٽگمريءَ جي باري ۾ مرزا غالب جي لکيل قصيدي جي ڪن بندن جا ترجما به پڙهندا هلئون. “خبر اٿئي ته قلم ڪاغذ تي مٿو ڇو ٿو رکي، ڇاڪاڻ اهو ليفٽيننٽ گورنر جي مدح جو ارادو رکي ٿو، هي اهو ئي منٽگمري آهي، جنهن جي اڳيان جيڪو به لنگهي ٿو، هو نرڙ مان ئي سمجهي وٺي ٿو ته سندس من ۾ ڇا آهي، اڄ پنجاب جي ڀاڳن جي يونان به واکاڻ ٿو ڪري جو کيس عقلمند گورنر مليو آهي، اي عادل گورنر! نياز مند غالب جيڪو تنهنجي ساراهه ٿو ڪري، هن ستم گر آسمان جي شڪايت ٿو ڪري.”
غالب هڪ من موجي ماڻهو هو، سندس زندگي گذارڻ جو طريقو عام ماڻهن کان ڌار هو، پنهنجي زال جي رهائش لاءِ ٻه گهر مسواڙ تي ورتا هئائين، چار پنج نوڪر به رکيل هئس، ولايتي ڪپڙي مان ڪپڙا سبرائيندو هو، جوا کيڏڻ جي به عادت هئس، هڪ ڀيري جوا کيڏڻ جي الزام ۾ جهلجي به پيو ۽ کيس بهادر شاهه ظفر جي سفارش تي ڇڏيو ويو، انهن سڀني خرچن جي لاءِ چڱي موچاري رقم گهربل هئي، پر غالب جي گذر سفر جو سڄو دارومدار سندس چاچي جي ملندڙ پينشن مان سندس آيل حصي تي هو، جڏهن پينشن جي ملندڙ رقم مان گذرسفر نه ٿيندو هو ته زالهنس جا ڳهه ڳٺا وڪڻي ڪم هلائيندو هو. غالب پنهنجي ان پينشن جي باري ۾ جيڪي وقت جي عملدارن کي درخواستون لکيون، اهي هڪ ڪتاب ‘غالب ڪي خانداني پينشن اور ديگر امور’ ۾ ڇاپيون ويون آهن، ان ڪتاب ۾ شامل هڪ درخواست ۾ هڪ هنڌ غالب ڏاڍي جذباتي انداز ۾ لکي ٿو: .”جيڪڏهن حڪومت مون سان ڪيل ناانصافين جي تلافي ڪئي ۽ منهنجي دعوائن جي شنوائي ڪئي ته آئون خوش ٿي پنهنجي وطن واپس موٽي ويندس ۽ باقي زندگي آرام سان گذاريندس ۽ پنهنجي غريب ڀاءَ جي علاج لاءِ ڪوشش ڪندس پر جيڪڏهن وس وارن منهنجي ڪيس جي جاچ ڪرڻ جي تڪيلف گوارا نه ڪئي ته پوءِ جيڏانهن ايندم، منهن ڪري هليو ويندس، ڪپڙا ڦاڙي، مٿي ۾ مٽي وجهي عربستان ۾ ڪن ٻين اوپرن شهرن ۾ سڄي زندگي ان اعزاز سان پيو گذاريندس ته منهنجا حڪومت هندستان سان لاڳاپا سٺا هئا ۽ آئون هندستان جي در تي پنڻ جو تصور نه ٿو ڪري سگهان.“
1797.12.27 عيسوي
اردو ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر نجم الدوله دبير الملڪ مرزا نوشه اسدالله خان ’غالب‘ نظام جنگ، 27 ڊسمبر 1797ع ۾ ڪالا محل، آگري ۾ ڄائو.
1869.02.15 عيسوي
غالب، مرزا اسدالله خان 15 فيبروري 1869ع تي وفات ڪري ويو. سندس جنازي نماز دهلي دروازي کان ٻاهر پڙهي وئي ۽ کيس نظام الدين اولياءَ جي مقبري لڳ دهليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر کي پڪ سرو لوڙهو سندس هڪ هندو شاگرد ڏياريو هو، جڏهن ته هاڻي غالب جي قبر جي مٿان سنگ مرمر جو خوبصورت قبو اڏيل آهي. فلم ساز سهراب مودي پنهنجي فلم ‘غالب’ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ٺهرايو هو.