غزل ڇو نه چوان

غزل ڇو نه چوان

غزل ڇو نه چوان

غزل ڇو نه چوان (ڪتاب): هي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار شاعره نذير ناز جي شاعري جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ کي ڪيل آهي. ڪتاب ۾ ’ٻه اکر‘ جي عنوان سان سنڌي ٻوليءَ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي. پنهنجي پاران ‘من ڀاونائون’ جي عنوان سان نذير ناز لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ حمد، نعت، سلام، نوحا، منقبت، آزاد نظم، نظم، غزل، گيت، وايون، ڪافيون، قطعه ۽ آخر ۾ اردو شاعري شامل آهي. ڊيمي سائيز پڪي جلد، رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران نومبر 2004ع ۾ ڇپيو. 224 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو