پروفيسرغفور احمد

پروفيسرغفور احمد

غفور احمد پروفيسر

غفور احمد، پروفيسر: ناليواري سياستدان ۽ جماعت اسلامي جي نائب امير پروفيسر غفور احمد 26 جون 1927ع تي ڀارت جي شهر بريليءَ ۾ جنم ورتو. هن مختلف ادارن ۾ تعليم پرائي، 1948ع ۾ واپار ۾ ماسٽرس جي ڊگري لکنو يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪري هن سياست ۾ پير پاتائين. 1950ع ۾ جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ آخري دم تائين انهيءَ سان واڳيل رهيو، پروفيسر غفور احمد پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۾ انتهائي سادي طبيعت وارو ماڻهو هو ۽ سڄي زندگي جماعت اسلامي سان ڪميٽيڊ رهيو، جڏهن ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران جماعت اسلامي حڪومت جو باقاعده حصو بڻي ته تنظيم ۾ وڏو ڏڦيڙ پئجي ويو ۽ ڪيترائي اڳواڻ تنظيم کي ڇڏي ويا، پر پروفيسر غفور تنظيم اندر رهي اختلافن کي نبيرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ هڪ ڀيرو سينيٽر ٿيو ۽ ايم. اين. اي به چونڊيو ويو، ان کان سواءِ پروفيسر غفور احمد پاڪستان جي پهرئين گڏيل آئين جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ 1973ع ۾ آئين جوڙڻ لاءِ ٺاهيل ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. گڏوگڏ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي قومي اتحاد وچ ۾ ڳالهين جو حصو پڻ رهيو هو ۽ جمهوري مفاد جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. پروفيسر غفور احمد ڀلوڙ ليکڪ هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جيڪي تاريخي طور هڪ وڏي اهميت رکن ٿا، پاڻ هڪ اصول پرست انسان هو ۽ خاص ڪري ڪارڪنن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو. پروفيسر غفور احمد سڄي زندگي دين اسلام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هي نظرياتي ماڻهو هئڻ ڪري اسلام جي فروغ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيائين. هن سينيئر سياستدان گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد 85 سالن جي ڄمار ۾ 29 ڊسمبر 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، کيس سخي حسن قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.06.26  عيسوي

ناليواري سياستدان ۽ جماعت اسلامي جي نائب امير پروفيسر غفور احمد 26 جون 1927ع تي ڀارت جي شهر بريليءَ ۾ جنم ورتو.


2012.12.29  عيسوي

پروفيسر غفور احمد 85 سالن جي ڄمار ۾ 29 ڊسمبر 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، کيس سخي حسن قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان مارشل
پاٽينجر هينري
محمد حسين سومرو
رتن ملڪ
مير علي احمد خان ٽالپر
استاد سينڌو خان
مخدوم سجاد حسين قريشي
اسلم خيرپوري
پارس حميد
خانبهادر غلام علي نانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون