غلام اسحاق خان

غلام اسحاق خان: مشهور سياستدان ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان 20 جنوري 1915ع تي سرحد صوبي جي شهر اسماعيل خيل بنون ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مقامي طور تي ورتائين، ۽ بي.ايس.سي جي ڊگري پنجاب يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. هن 1940ع ۾ صوبي سرحد جي سول سروس جو امتحان پاس ڪري پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ غلام اسحاق خان هوم سيڪريٽري، سيڪريٽري خوراڪ ۽ ڪمشنر ترقيات جي عهدن تي رهيو. 1961ع کان 1966ع تائين واپڊا جو چيئرمين رهيو. اُن کان سواءِ گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ دفاع جي سيڪريٽري طور به خدمتون انجام ڏنائين. 1977ع ۾ جنرل ضياءُالحق کيس سيڪريٽري جنرل انچيف مقرر ڪيو. غلام اسحاق خان، ضياءُالحق جي دور ۾ خزاني جو وزير به رهيو. 1985ع ۾ سينيٽ آف پاڪستان جو چيئرمين منتخب ٿيو ۽ 17 اپريل 1988ع تي ضياءُالحق جي هوائي حادثي ۾ مري وڃڻ بعد پاڪستان جي قائم مقام صدر جو عهدو سنڀاليو. 12 ڊسمبر 1988ع تي پاڪستان جو مستقل صدر منتخب ٿيو، ان عهدي تي 19 جولاءِ 1993ع تائين فائز رهيو. غلام اسحاق خان 1990ع ۽ اپريل 1993ع ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي حڪومتن کي ختم ڪيو ۽ ائين هي پنهنجي ڪريئر جي آخري حصي ۾ هڪ تڪراري شخصيت طور سامهون آيو. صدارت جي عهدي تان استعيفا کانپوءِ هن پنهنجي عمر جو باقي حصو پشاور ۾ گذاريو ۽ 27 آڪٽوبر 2006ع تي پشاور ۾ وفات ڪئي. سندس نالي تي خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي'>غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (GIKI) خيبر پختونخوا ۾ قائم ڪيو ويو.


لفظ غلام اسحاق خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.01.20  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان 20 جنوري 1915ع تي سرحد صوبي جي شهر اسماعيل خيل بنون ۾ جنم ورتو.


2006.10.27  عيسوي

غلام اسحاق خان 27 آڪٽوبر 2006ع تي پشاور ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بختاور شھيد
زبير سومرو
ڄام ڪرن
امير بخش ڪلهوڙو
ڀليڏنو ڀنڀرو
انور وسطڙو ( راڳي)
احمد رضا شاهه جيلاني
اياز ڀاڳت
سعيد خان چغته
حڪيم قائم الدين مهر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون