غلام حسين خان ٽالپر جو مقبرو

غلام حسين خان ٽالپر جو مقبرو

غلام حسين خان ٽالپر جو مقبرو

غلام حسين خان ٽالپر جو مقبرو: ٽالپر حڪمران مير غلام حسين خان جو هيءُ مقبرو، حيدرآباد ۾ موجود ميرن جا قبا (قبرستان) ۾ مير ڪرم علي خان جي مقبري جي ڏکڻ اولهه طرف واقع آهي. هيءُ واحد مقبرو آهي، جيڪو مجموعي طور اڪريل پٿر سان تعمير ٿيل ٿو ڏسجي. پيلسري پٿر تي اڪريل نفيس ۽ خوبصورت گلڪاري هن مقبري کي ٻين جي ڀيٽ ۾ منفرد ڪري بيهاري ٿي. هڪ ڪمري جي ايراضيءَ تي مشتمل هي مقبرو چئني طرفن کان هڪجهرو ڏيک ڏئي ٿو سواءِ مهاڙي واري ديوار جي، جنهن ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڪاٺ جو در نصب ڪيل آهي. در جي مٿان نوڪدار ونگ ڏنل آهي، جنهن ۾ جاميٽريءَ جي مدد سان سهڻي ڊزائين جي ڄاري آهي ۽ ٻنهي ڪنڊن تي هڪ هڪ گل اڪريل آهي. مقبري جي اندرئين ديوارن تي به جاميٽريءَ جي مدد سان نقش نگار ٺهيل آهن ۽ چئني ڪنڊن جي ماکيءَ جي ماناري مثل ٽڪنڊيون ڄاريون ٺهيل آهن. مقبري اندر هڪ ٿلهي تي ٽي پڪ سريون قبرون آهن، جن مان پهرين قبر مير غلام حسين، ٻي مير بهرام خان ۽ ٽين قبر مير غلام شاهه ٽالپر جي آهي. مير خان ٽالپر'>غلام حسين خان ٽالپر جي قبر تي لڳل ڪتبي مٿان فارسيءَ ۾ قطعه تاريخ درج آهي، جنهن مطابق سندس تاريخ وفات جمادي الثاني 1279هه/ 1862ع ڄاڻايل آهي. 2011ع ۾ اونهاري جي برساتن سبب مقبري جو گنبذ مڪمل طور ڊهي چڪو آهي، جڏهن ته مقبري جو باقي حصو پڻ تيزيءَ سان ميسارجي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو