غلام حسين شيخ
غلام حسين شيخ: موسيقيءَ جو ماهر ۽ نامور براڊڪاسٽر غلام حسين شيخ ولد راڻو خان، 1933ع ڌاري جمال شاهه جي پڙ، ڌرم شالا روڊ، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل جيسلمير جا هئا. سندس والد مشهور سارنگي نواز هو ۽ گهڻو عرصو جيوڻي ٻائيءَ سان ساٿ ۾ رهيو. غلام حسين پنهنجي والد جو اڪيلو اولاد هو. هن سندس تعليم تي خاص توجهه ڏنو. هن شروعاتي تعليم قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪئي. سندس پرورش هڪ موسيقيءَ جي گهراڻي ۾ ٿي. غلام حسين کي هارمونيم وڄائڻ ۾ ملڪو حاصل هو. پاڻ ڳائيندو به هو. غلام حسين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر مقرر ٿيو، جنهن دوران هن لوڪ موسيقيءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي، هن ڪيترائي فنڪار متعارف ڪرايا، جن ۾ مراد فقير، عابده پروين، نور بانو، امينا، ٻڍو فقير، مائي ڀاڳي، حسين فقير ۽ جلال چانڊيو وغيره شامل آهن. هن ڪيترن ئي صداڪارن کي به ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جن ۾ شفيع محمد شاهه اهم صداڪار هو، جيڪو پوءِ ٽي وي ۽ فلمن جو مشهور اداڪار ثابت ٿيو. غلام حسين، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي ريڊيو تي رڪارڊ ڪرائڻ ۾ تمام اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. هن سيد صالح محمد شاهه سان گڏجي ڀٽ شاهه جي فقير ۽ راڳ جي ڄاڻو غلام شاهه کي ڪيتريون ئي راتيون ڀٽ شاهه تي رهي رڪارڊ ڪيو ۽ شاهه جا 18 سُر سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيا، جيڪي ريڊيو لائبرريءَ ۾ موجود آهن. غلام حسين شيخ جي ٻي شادي مشهور فنڪاره عابده پروين سان 1976ع ۾ ٿي. غلام حسين پروڊيوسر مان ترقي ماڻي پروگرام مئنيجر ۽ پوءِ اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿيو. هن ‘پارس’ نالي ڪيسٽ جي ڪمپني به کولي، جنهن ۾ هن سنڌ جي فنڪارن کي ڪيسٽن ذريعي عوام سان متعارف ڪرايو. 57 سالن جي عمر ۾ وقت کان اڳ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. غلام حسين 1994ع ۾ عابده پروين سان گڏ لنڊن ويو، جتي عابده کي ڪامن ويلٿ هال ۾ ڳائڻو هو، جنهن پروگرام ۾ تڏهوڪي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو به موجود هئي.
غلام حسين شيخ، عابده پروين سان گڏ پروگرام تان 8 ڊسمبر 1994ع تي پي. آءِ. اي جي اڏام 782 ذريعي واپس وطن اچي رهيو هو، ته کيس جهاز ۾ سيني ۾ سور ٿيو، جنهن سبب هن 62 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي. سندس جنازي نماز علامه تراب علي پڙهائي. سندس آخري آرامگاهه ٽنڊو يوسف قبرستان حيدرآباد ۾ آهي. غلام حسين شيخ جون ٻه شاديون ٿيل هيون، پهرين گهر واريءَ مان کيس 3 پٽن ۽ 2 نياڻين ۽ ٻي گهر واريءَ عابده پروين مان هڪ پٽ سارنگ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.