ميان غلام شاهه ڪلهوڙو

ميان غلام شاهه ڪلهوڙو

غلام شاهه ڪلهوڙو ميان

غلام شاهه ڪلهوڙو، ميان: ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، ڪلهوڙا حڪمران گهراڻي جو هاڪاري حڪمران ٿي گذريو آهي. سندس والد ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دربدريءَ دوران وفات کانپوءِ محمد مرادياب خان نئون والي مقرر ٿيو، جنهن جي چئن سالن تائين ناڪام حڪومت رهڻ بعد، کيس معزول ڪيو ويو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ميان غلام شاهه حڪمران بڻيو. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور ڀاڱي ٻئي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ‘دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري’ جي مصنف ميجر جنرل هيگ جو بيان آهي ته “ميان غلام شاهه، ڪلهوڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ قابل، همت وارو ۽ چست هو. انهي کانسواءِ خاندان ۽ قبيلي جي خودداري، عزم ۽ جنگي هنر منجهس وڏي پيماني تي موجود هئا. سيرت جي پختگيءَ ۽ ملڪي ڪاروبار جي صلاحيت جي اعتبار کان هو خاندان جو آخري نمائندو هو. هن جو مضبوط هٿ سڄي ملڪ ۾ محسوس ٿيندو هو. هن جڏهن وفات ڪئي، تڏهن حاڪم عهدي جي قوت گهٽجي وئي ۽ سنڌ جو علائقو نئين سر بدانتظامي جي خوفناڪ طوفان ۾ غرق ٿي ويو.” (تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، ڀاڱو ٻيو، ص 607). غلام شاهه جي حڪمران ٿيڻ کانپوءِ افغان مداخلت رهي، جنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا حڪومت حاصل ڪيائين پر وري وري سندن هٿن مان حاڪميت ويندي رهي، جنهن سبب غلام شاهه چار دفعا حڪمراني جي مسند تي ويٺو. پهريون ڀيرو هن آگسٽ 1757ع ۾ حڪومت سنڀالي. حڪومت تي ويهڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ سنڌو درياهه ‘مرادآباد’ کي ٻوڙي ڇڏيو، جنهن سبب ميان غلام شاهه پنهنجي والد جي شهر ‘محمدآباد’ جي ڀرسان ‘الهه آباد’ نالي سان نئون شهر اڏائي، اتي ڪيمپ قائم ڪئي.
هوڏانهن احمديار خان، جيڪو مرادياب خان جو سڳو ڀاءُ هو، تنهن غلام شاهه جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. حالانڪه غلام شاهه به سندن ڀاءُ هو، پر هي پيءُ جي رشتي ۾ ڀاءُ هو، جڏهن ته احمد يار خان ۽ مرادياب خان ماءُ توڙي پيءُ ٻنهي رشتن ۾ ڀائر هئا، جنهن سبب احمد يار خان مرادياب خان جو پاسو کنيو، ان دوران شاهه بهاري جو پٽ مقصودو فقير به احمد يار سان گڏجي ويو پر پوءِ پيءُ جي سمجهائڻ تي اچي غلام شاهه وٽ حاضر ٿيو. ٻئي طرف عطر خان افغان درٻار ۾ ويٺو هو، ان سنڌ جي حڪومت جو پروانو پنهنجي لاءِ حاصل ڪري ورتو. جڏهن ته محمد مرادياب خان انهي آسري ۾ ويٺو هو ته عطر خان سندس لاءِ پروانو حاصل ڪندو. غلام شاهه کي جڏهن عطر خان جي نالي پرواني جاري ٿيڻ جي خبر پئي، تڏهن 1757ع ۾ ٿر ڏانهن روانو ٿي ويو. مقصودو فقير مرادياب کي آزادڪرائي، وري عطر خان جي استقبال ۾لڳي ويو. غلام شاهه 4 مهينا حڪومت ڪرڻ کانپوءِ مسند هٿان وڃائي ويٺو. محمد عطر خان پروانو وٺي سنڌ ۾ نوشهري پهچڻ بعد مرادياب خان سان ملڻ به پسند نه ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته کيس خداآباد ۾ رهايو وڃي. محمد عطر خان بيوس حڪمران هو، سندس ڪو به حڪم نه پئي هليو. افغاني عملدارن ڍل ۽ محصولن ۾ ڦرلٽ لاهي ڏني. غلام شاهه ٿر مان اڌيپور (راجستان) هليو ويو، جتان پوءِ بهاولپور پهتو. اتي ٽي مهينا ترسي جنگ جي تياري ڪيائين. امير بهاولپور محمد مبارڪ خان سندس هر طرح جي مدد ڪئي. ٽن مهينن کانپوءِ محمد سرفراز خان ڪلهوڙي کي ٻارن ٻچن سان گڏ بهاولپور ۾ ڇڏي مئي 1758ع ۾ لشڪر سميت سنڌ طرف آيو. مئي جي آخر ڌاري روهڙي جي ڀرسان، امرڪس و اهه جي ڪناري تي غلام شاهه ۽ محمد عطر خان وچ ۾ لڙائي ٿي. جنهن ۾ محمد عطر خان، احمد يار خان ۽ مقصودو فقير شڪست کائي ڀڄي ويا ۽ ملڪ جون واڳون ٻيهر غلام شاهه جي هٿ ۾ آيون.
غلام شاهه جون 1758ع ۾ عيد جي ڏينهن تي ڪيمپ ۾ پهچي ويو. رستي ۾ ايندي محمد مرادياب خان جي تعزيت لاءِ خداآباد ويو، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ۾ وفات ڪري ويو هو، بعد ۾ محمد آباد ويو، جتان ٿي الهه آباد، ۾ پنهنجي ڪيمپ ۾ پهتو. انهن ڏينهن ۾ ‘انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني’ جا سنڌ سان ٻيهر واپاري لاڳاپا جڙيا. سنڌ جي حڪمرانن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي عملدارن ۾ پهريون معاهدو 22 سيپٽمبر 1758ع تي ٿيو، جنهن بعد ڪمپنيءَ سنڌ ۾ پنهنجا واپاري مرڪز قائم ڪيا (ايڇ ٽي سورلي: شاهه عبداللطيف آف ڀٽ،ص 50). ساڳئي سال ۾ مختلف طريقن سان حالتون خراب ڪيون ويون. عطر خان ۽ احمد يار خان شڪست کائڻ کانپوءِ سنڌ مان نڪري افغانستان وڃڻ لاءِ، قلات پهچي ويا. ان وقت قلات جو حڪمران محمد نصير خان هو، جيڪو ميان غلام شاهه جو دوست هو. تنهن انهن ٻنهي کي افغانستان وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. احمد شاهه ابداليءَ حالات معلوم ڪري احمد يار خان کي درٻار ۾ يرغمال رکيو ۽ حڪومت جو پروانو ٻيهر ميان عطر خان جي نالي جاري ڪيو. جنهن سبب ميان غلام شاهه کان ٻيو ڀيرو حڪومت کسجي وئي، هي واقعو ڊسمبر 1758ع ۾ پيش آيو. (ڪلهوڙا دور.ص 148) ميان غلام شاهه، عطر خان جي نالي پروانو جاري ٿيڻ جو ٻڌي وچ سنڌ ڇڏي لاڙ جي شهر ڪجي (ڪجو) پهتو. شهر جو نالو بدلائي ‘شاهه ڳڙهه’ رکيائين.
شهر جي سامهون ‘شاهه بندر’ تعمير ڪرايائين، خوبصورت جايون پڻ ٺهرايائين. محمد سرفراز خان کي ٻارن ٻچن سان اتي رهڻ جو حڪم ڏنائين. عطر خان جي ٻيو ڀيرو حڪمران ٿيڻ سان افغانين ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڏني، سنڌ تي هڪ قسم جو عذاب نازل ٿي پيو. ان صورتحال جو فائدو وٺندي جوکيا قبيلي جي ماڻهن ٺٽي شهر ۾ گهڙي مولا ٺٽي محلي ۾ ڦرلٽ ڪئي. ميان غلام شاهه کي اطلاع مليو ته عطر خان مقصودي فقير کي وٺي چاچڪان طرف وڌي رهيو آهي، ميان به لشڪر تيار ڪري اچي سامهون ٿيو، پوءِ ٻنهي پاسي جنگ جي تياري ٿي وئي پر ٻيا وچ ۾ پيا، جنهن سبب صلح ٿي ويو. سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. شاهه ڳڙهه کان نصرپور تائين ٺٽي سميت ملڪ جو حصو غلام شاهه کي مليو. ملڪ جو باقي سڄو حصو محمد عطر خان کي مليو. ميان غلام شاهه ڊسمبر 1758ع ۾ ٺاهه موجب ملڪ جي مخصوص حصي جو حڪمران بڻيو. اهو سندس حڪمرانيءَ جو ٽيون دور هو، ميان غلام شاهه ٺاهه بعد شاهه ڳڙهه موٽي ويو ۽ عطر خان نوشهري پهتو. ملڪ جو ورهاڱو امن خاطر ڪيو ويو، پر اهو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو. ان وقت احمد يار خان افغان درٻار ۾ هو، جنهن افغان بادشاهه کي پڪ ڏياري ته عطر خان کان ملڪ جو وهنوار نه هلندو، ان بادشاهه کيس حڪومت جو پروانو ڏئي سنڌ روانو ڪيو ۽ احمد يار خان جي پٽ کي يرغمال بڻائي پاڻ وٽ رکيو، (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 278). ان وقت افغان سڄي سنڌ کي ڦري ۽ لٽي رهيا هئا. هر طرف بدامني ۽ غير يقينيءَ واري صورتحال هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ٺٽي جي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، ملڪ ۾ شرعي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ فرمان جاري ڪيو، جيڪو 31 مارچ 1758ع تي جاري ٿيو. (پيغام لطيف، ص54-55). ميان غلام شاهه ملڪي خرابين ۽ احمد يار خان جي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي، سڄي ملڪ تي حڪمراني قائم ڪرڻ جي خيال سان اپريل 1758ع ۾ لشڪر وٺي نڪري پيو. عطر خان غلام شاهه جي سرگرمين جو ٻڌي نوشهري فيروز ڇڏي ڀڄي ويو.
احمد يار خان کي جيئن ميان غلام شاهه جي فوجي تيارين جي خبر پئي ته سنڌ ۾ داخل ٿيڻ واري سوچ ختم ڪري ڇڏيائين. ميان غلام شاهه نصرپور جي آسپاس هو ته کيس عطر خان جي ڀڄي وڃڻ ۽ احمد يار خان جي سنڌ ۾ داخل نه ٿيڻ واري فيصلي جي خبر پئي. جنهن بعد هن اڳتي وڌي عيد جي ڏينهن (پهرين شوال 1172هه/ 28 مئي 1759ع) سڄي سنڌ تي قبضو ڪري، سڄي ملڪ ۾ پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 278). ان ڏينهن کان ميان غلام شاهه جي حڪومت جو چوٿون دور شروع ٿيو. (مرادياب خان جي مغرولي کان وٺي ميان غلام شاهه جي چوٿون ڀيرو حڪمران بڻجڻ تائين، ٻن سالن جي عرصي ۾ بار بار اقتداري ايوانن ۾ تبديلي، خزاني جي بربادي ۽ رعيت کان ڦرلٽ سبب ملڪ جون حالتون مايوسي واريون هيون. غلام شاهه کي چوٿون ڀيرو حڪمراني ملڻ کانپوءِ ماڻهن ۾ سک جو ساهه کڻڻ جي اميد پيدا ٿي، افغانين جي ڦرلٽ کان تنگ ٿيل ماڻهن غلام شاهه کي اميد ڀرين نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو. ميان غلام شاهه سڀ کان پهرين ملڪي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عطر خان حڪومت هٿ مان وڃڻ کانپوءِ وائڙپ جو شڪار ٿي ويو ۽ خط لکيائين ته “آءُ ملڪ مان نڪري وڃان ٿو، اوهان ڄاڻو ۽ منهنجو ڀاءُ ڄاڻي.” ميان غلام شاهه ان وقت عطر خان جي رهيل ساٿين کي هٿ ڪري پنهنجو ڪيو. اهڙيءَ حالت ۾ سندس فوجي طاقت اڃا به وڌي وئي. ميان لشڪر ساڻ ڪري لاڙڪاڻي پهتو، اتي جا انتظام بهتر بڻائي، خداآباد روانو ٿيو. بدامنيءَ واري دور ۾ خداآباد کي جن کوسن سردارن ڦريو ۽ لٽيو هو، تن کي سخت سزا ڏئي. ڪن سردارن کي موت جي سزا ڏنائين ۽ خداآباد ۾ هڪ فوجي چونڪي قائم ڪئي وئي ته جيئن امن امان قائم رهي. عطر خان سنڌ مان نڪري بهاولپور هليو ويو. احمد يار خان لاءِ مشهور ٿيو ته هو هندستان هليو ويو آهي، عطر خان فوجي مدد لاءِ امير بهاولپور محمد مبارڪ خان کي اپيل ڪئي پر هن غلام شاهه سان دوستي هجڻ سبب ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. البت هڪ مقامي زميندار بهادر خان دائودپوٽي، ايراضي نلي لڪ وٽ جويا قلعي تي حملو ڪري امير بهاولپور جي منع باوجود عطر خان جي مدد ڪئي ۽ لشڪر وٺي اوٻاوڙي پهتو. ميان غلام شاهه به خبر پوڻ تي لشڪر سان اوٻاوڙي پهچي ويو، ٻنهي لشڪرن ۾ جنگ لڳي، بهادر خان مارجي ويو ۽ عطر خان جي مارجڻ بعد ميان غلام شاهه ڳڙهي اختيار خان (شايد امير بهادر جي بستيءَ) کي تاراج ڪرڻ لاءِ اوٻاوڙي مان لشڪر سان بهاولپور روانو ٿيو، ليڪن امير بهاولپور محمد مبارڪ خان جي وچ ۾ پوڻ تي واپس سنڌ موٽي آيو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 152-151) ان دور ۾ سنڌو درياهه جي وهڪري ۾ تبديلي نمودار ٿي، اڄوڪي دور ۾سنڌو درياهه جيڪو حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي وچ کان وهي ٿو. 59-1758ع کان اڳ، انهي هنڌان فقط درياهه جي هڪ شاخ وهندي هئي، اصل درياهه موجوده حيدرآباد شهر جي اوڀر ۾ وهندو هو. درياهه جي انهي ڦيرڦار سنڌ جي جاگرافيائي صورت تي تمام وڏو اثر وڌو، ڦليلي ڦاٽ تڏهن وجود ۾ آيو. اڳتي هلي ميان غلام شاهه کي حيدرآباد شهر جي قيام ۾ مدد ملي (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ص 118 کان 150). ميان غلام شاهه 19 آڪٽوبر 1759ع تي ’الهه آباد‘ کي ڇڏي نئين آباد ڪيل شهر شاهپور ۾ اچي لٿو، جتي ڇانوڻي قائم ڪيائين ۽ شاهه ڳڙهه کان پنهنجن ٻارن ٻچن کي گهرائي اتي رهايائين. ان بعد لاڙ ۾ ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر کي 1760ع ڌاري قدم کڻي شڪست ڏنائين. ڄام ڏيسر/ ڏهيسر 8 ڊسمبر 1760ع تي فوجي معرڪي کانپوءِ پنهنجو ‘آباد’ وارو قلعو ڇڏي ڪڇ ڏانهن هليو ويو. جڏهن ته ڄام ڏيسر جو پٽ ‘هردار جي’ شروع کان ميان غلام شاهه جي ملازمت ۾ رهيو. ميان غلام شاهه کي آگسٽ 1761ع (1175هه) افغاني بادشاهه احمد شاهه ابداليءَ پاران مڃتا طور ‘شاهه وردي خان’ جو خطاب، هڪ هاٿي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نوازشون عطا ٿيون. خانپور ۾ دائودپوٽن مسئلو پيدا ڪيو ته ميان انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ لشڪر وٺي ان طرف ويو، پر اچ جي ساداتن جي سفارش سبب معاملو درگذر ڪري واپس موٽي آيو (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 280-279). جڏهن ته بهاولپور جي ماخذن ۾ ڄاڻايل آهي ته دائودپوٽن اهو مسئلو محمد عطر خان جي تابعداري ۾ ڪيو هو، جنهن کي اڃا به اقتدار حاصل ڪرڻ جي خواهش هئي.
ڪڇ ۽ سنڌ پاڙيسري ملڪ رهيا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ مختلف وقتن تي لاڳاپا رهيا آهن (ايم. ايڇ پنهور: سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا، سنڌي-مختلف صفحا)، جڏهن ته ميان غلام شاهه جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا بگڙي ويا. مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي ته “آڪٽوبر 1762ع (ربيع الثاني 1176هه) ۾ ڪڇ جي ماڻهن کي سڌي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ رستي ۾ ‘سندري’ جو قلعو فتح ڪيائين. جاڙي جبل تي اٽڪل 6 هزار ماڻهو تلوارن جو کاڄ ٿيا، اتان سوڀارو ٿي اڳتي وڌندو ڀڄ کان ٻارهن ڪوهن تي پهتو، (رستي ۾) ڪيئي ڳوٺ ۽ واهڻ ڦريا، لٽيا ۽ تابعدار ٿيا. بستا بندر، لکپت بندر جا قلعا پڻ فتح ٿيا. آخرڪار ڪڇ جي راءِ لاکي جي نيزاري ۽ صلح جي دروازي کڙڪائڻ تي، ڪاميابيءَ سان موٽي اچي 2 رجب 1176هه/ 17 جنوري 1763ع تي شاهپور پهتو. ٻن سالن کانپوءِ ڪڇ تي حملي جو اتفاق ٿيو، رستي ۾ ‘مورو جي’ جو قلعو زبردستي فتح ڪري، ڀڄ کان پنجن ڪوهن تي وڃي منزل اندوز ٿيو. ڪڇ جي راءُ ڪيترائي وسيلا وچ ۾ آندا، جنهن سبب صلح ڪري واپس موٽيو.” مير علي شير قانع وڌيڪ لکي ٿو ته “ڪڇ کان موٽڻ تي گهڻي مٽي ۽ واءُ لڳڻ ڪري پراڻي شاهپور کان نئين شاهپور لڏي آيو. افغان بادشاهه پاران هنن سوڀن تي کيس اڳئين لقب سان گڏ ‘صمصام الدوله’ جو خطاب پڻ مليو. ان دور ۾ مقصودو فقير گذاري ويو ته محمد عطر خان اڪيلو ٿي اچي ميان غلام شاهه جي خدمت ۾ پيش ٿيو. ميان کيس معاف ڪري ڀاڪر پاتو ۽ طرحين طرحين نوازشون ڪيائين. خداپاڪ جي فضل سان ميان غلام شاهه جو بخت بالا ٿي ويو.” (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 281-280). جيمس برنس لکيو آهي ته “ڏيسل کانپوءِ ڪڇ ۾ لڪاجي راءُ بڻيو. لڪاجيءَ کانپوءِ گوري ڪڇ جو راءُ بڻيو. پر سيٺ پونجا ڀڄي اچي سنڌ پهتو. پونجا کانپوءِ جيونسنگهه وزير مقرر ٿيو، جيڪا ڳالهه پونجا کي پسند نه آئي. هن پسمنظر ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ٿي، سنڌي لشڪر ڪڇ کي فتح ڪرڻ وارو هو، پر پونجا جي مداخلت تي ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو.” (سنڌ جي درٻار، سنڌي، ص 121 کان 124). جڏهن ته انهي صلح ۾ طئه ٿيو ته راءُ جي ڀيڻ سان ميان غلام شاهه جي شادي ٿيندي. لکپت ۽ بستا بندر سنڌ جي قبضي ۾ رهندا ۽ سيٺ پونجا کي وري ڪڇ ۾ وزير بڻايو ويندو، برنس وڌيڪ لکي ٿو ته، “سنڌ جي حاڪم واپس ٿيندي لکپت ۾ پنج هزار فوجين جو جٿو ڇڏيو، لکپت ان دور ۾ معمولي ڳوٺ هو، سنڌو جي اوڀارين شاخ لکپت جي ڀرسان وهندي هئي. ميان غلام شاهه جي حڪم تي ان شاخ کي بند ڏنو ويو، ان ريت پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ بند ٿي ويو، جنهن سبب زرخيز علائقو ڪلراٺو ٿي ويو. هتان سارين جي پيدائش مان ڀڄ سرڪار کي ساليانو اٺ لک ڪوڙين جي اپت ٿيندي هئي.” (سنڌ جي درٻار، ص 124)
سنڌ پاران ڪڇ تي ٻي ڪاهه 1764ع ۾ ٿي. ان جو پسمنظر ڏيندي جيمس برنس لکيو آهي ته، اصل ۾ ڪڇ جو راءُ وعدي مخالف نڪتو. هن سيٺ پونجا کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ٻئي طرف رشتي (شادي) بابت ڪيل انجام به نه پاڙيو. ميان غلام شاهه پنجاهه هزار لشڪر وٺي ڪڇ ڏانهن وڌيو. لکپت کان وڌي قلعي ‘مورو جي’ تي حملو ڪيو ويو. ڪڇين جو وڏو تعداد مارجي ويو ۽ قلعو فتح ٿي ويو. ڪڇ جي راءُ کوهن ۾ زهر وجهرائي، سنڌي لشڪر لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون. ليڪن ميان صاحب رستو تبديل ڪري ڀُڄ طرف وڌيو. ڀُڄ کان پنج ڪوهه پري هو ته راءِ جي طرفان صلح جو پيغام پهتو. راءُ پنهنجي سؤٽ جي نياڻي، ميان غلام شاهه جي نڪاح ۾ ڏيڻي ڪئي. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 471) هن شاديءَ متعلق هڪ راءِ هن ريت به ملي ٿي: ڪڇ تي ٻي ڪاهه وقت ميان کي کوکرن جي سردار جي ڌيءُ ڏني وئي. راءُ کانپوءِ ڪڇ جي گاديءَ تي کوکرن جو حق سمجهيو ويندو هو. هي راءِ درست نه آهي. ابتدائي ٺاهه ۾ طئي ٿيو هو ته راءُ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ ڏيندو. ليڪن ان تي عمل نه ٿيو. ٻئي حملي کانپوءِ راءُ پنهنجي والد جي سؤٽ ايسوجيءَ جي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو. هيءَ شادي 1770ع ۾ ٿي. شاديءَ جي تاريخ تي مؤرخن ۾ اختلاف آهن. شاديءَ جي موقعي تي ٻنهي طرفن کان ڪيتريون رسمون بجا آنديون ويون. هن حرم کي ميان غلام شاهه طرفان ‘سنڌ راڻي’ جو لقب مليو. ان دور ۾ ميان صاحب بستا بندر ۽ لکپت بندر جا علائقا، ڪڇ جي حاڪم کي موٽائي ڏنا. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 155- 160)
ميان غلام شاهه جي حڪومت ۾ لاڳيتو استحڪام ۽ وسعت ايندي وئي. 1767ع ۾ افغان بادشاهه ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان جي حڪومت به ميان غلام شاهه جي حوالي ڪئي. سنڌ جو حاڪم پنهنجي سر سيپٽمبر 1767ع ۾ ديرن طرف روانو ٿيو. ٽي مهينا اتي رهي فسادين کي ناس ڪري، بندوبست ٺيڪ ڪري پنهنجا فوجي جٿا مقرر ڪري، 09 ڊسمبر 1767ع تي واپس موٽي آيو. ياد رهي ته يار محمد ڪلهوڙي ۽ نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ بولان لَڪ تائين وارا سمورا علائقا ‘ميان ڪلهوڙن’ جي بندوبست ۾ هئا، پر 1740ع ۾ نادر شاهه اُهي علائقا قلات جي واليءَ کي ڏئي ڇڏيا هئا. ميان صاحب وطن پهتو ته فسادي وري نروار ٿيا. نصرت نالي هڪ بدنام فسادي باهه ٻاري ڏني. ان ڪري 1768ع ۾ هي علائقا ميان کان واپس وٺي سردار جهان خان جي حوالي ڪيا ويا هئا. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 471) 1768ع ۾ ٺٽي جي امن لاءِ خطرو پيدا ٿيو. نومڙيا قبيلي جي سردار گهڻي لشڪر سان بجار خان جوکيي تي حملو ڪيو. بجار خان بچاءَ خاطر ٺٽي طرف ڀڳو. ميان غلام شاهه کي هي اطلاع مليو ته پاڻ ڇهه هزار فوج ٺٽي جي بچاءَ ۽ نومڙين جي تاديب لاءِ موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيائين. جهيڙي جي خاتمي کانپوءِ به، ٻه هزار لشڪر مستقل طور ٺٽي ۾ رکيو ويو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 158- 159)
ميان غلام شاهه حڪومت ورتي تڏهن ‘مرادآباد’ سرڪاري مرڪز هو. هي شهر ٻڏي ويو ته ’الهه آباد‘ جو ماڳ وجود ۾ آيو. ان کانپوءِ ‘شاهه پور’ جي نالي سان ٻه شهر تعمير ٿيا. ميان غلام شاهه حڪومتي اوج جي وقت ۾، هڪ نئين شهر ۽ قلعي جي اڏاوت جو فيصلو ڪيو. عبدالمجيد جوکيو لکي ٿو ته، هڪ ڏينهن ميان غلام شاهه پنهنجن مدبرن سان صلاح ڪئي ته، “اسان جا ابا ڏاڏا، الله جي رحمت سان، ڪجهه پيڙهين کان سنڌ جي حڪومت تي فائز آهن، پر انهن ڪا به اهڙي مستحڪم اڏاوت نه ڪرائي آهي، جا مشڪل وقت ۾ اسان جي ڪم اچي. اسين چاهيون ٿا ته ڪنهن سٺي ماڳ تي هڪ اهڙو قلعو اڏايون، جو رهنديءَ دنيا تائين اسان جو يادگار رهي.” (تاريخ بلوچي، اردو ترجمو، ص 15) قديم شهر ‘نيرون ڪوٽ‘’ [نوٽ: ان سان محقق اختلاف رکن ٿا ته نيرون، رنيڪوٽ هو ۽ هي هنڌ گنجي ٽڪر وارو هو] جي سرزمين تي شهر ۽ قلعي جي تعمير جو حڪم ڏنو ويو. ميان غلام شاهه جي حڪم کانپوءِ ٻن سالن ۾ ئي هڪ مضبوط قلعو جڙي راس ٿيو ۽ ان تي ’حيدرآباد‘ نالو رکيو ويو. قلعي جي سامهون ٽڪر جي مٿان شهر اڏائي رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايو ويو. سنڌ جو حاڪم سيد غلام شاهه ذوالحج مهيني ۾ ديري (ديره غازي خان) کان موٽي اچي هن قلعي ۾ رهيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 281) ياد رهي ته قلعي جي تعمير جو فيصلو ذوالقعد 1182هه/ مارچ 1769ع ۾ ٿي چڪو هو.
ميان صاحب حيدرآباد ۾ هو ته مئي 1770ع (محرم 1184هه) ۾ حبيب فقير نائچ کي ٺٽي جو ناظم مقرر ڪيو ويو. هن سال وري ديره غازي خان جو انتظام ميان صاحب کان واپس وٺي، سردار جهان خان کي ڏنو ويو. هيءُ علائقو هڪ سال اڳ ميان کي مليو هو. پاڻ اتي وڃي انتظام کي درست ڪري موٽيو هو. ميان غلام شاهه ذڪر هيٺ دور ۾، پنهنجي عروج کي پهتو هو. هن کي سنڌ ۾ افغان تسلط بلڪل پسند نه هو. ان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت سوچيندو رهندو هو. هڪ موقعي تي درٻار ۾ نامور اميرن ۽ سپهه سالارن کي چيائين ته تيار رهو، اسين ڪيڏي مهل به احمدآباد (قنڌار) کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪري سگهون ٿا. (تاريخ بلوچي، ص 16) آزاديءَ جي تڙپ ۽ افغان ڏچي مان ڇوٽڪارو، غلام شاهه جي هڪ وڏي خواهش هئي. اهڙي شاهدي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رپورٽن مان به ملي ٿي. ميان غلام شاهه جي دور ۾ قلات جو خان مير نصير خان بروهي هو. ابتدا کان ڪلهوڙا- بروهي لاڳاپا سٺا نه رهيا هئا، پر مير نصير خان سنڌ جي حاڪم سان بهتر تعلقات لاءِ، 07 مئي 1772ع تي هڪ عهدنامو ڪيو. ان ريت پوءِ هر مشڪل وقت ۾، خان قلات، ڪلهوڙا حاڪمن جي مدد ڪئي.
1772ع (1186هه) ۾ غلام شاهه تي فالج جو موتمار حملو ٿيو. هن بيماريءَ سبب ميان 01 آگسٽ 1772ع (02 جمادي الاول 1186هه) تي وفات ڪري ويو. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 473- 474) ميان صاحب کي پنهنجي ئي تعمير ڪرايل شهر (حيدرآباد) ۾ دفن ڪيو ويو.
ڪلهوڙا حاڪمن ۾ ميان غلام شاهه پهريون حاڪم آهي، جنهن جي مقبري تي سنگ مرمر جو پٿر استعمال ٿيل آهي. مقبري جو گنبذ 1920ع ڌاري ڪِري پيو هو. (سنڌ جو سيلاني، ص 128) پر اڄ تائين ان جي تعمير نه ٿي سگهي آهي. غلام شاهه جي وفات سان هڪ مدبر، معاملي فهم، دور انديش ۽ باهمت حڪمران جو دور پورو ٿيو. سفارت، سياست ۽ فوجي طاقت ۾ کيس گهڻيون سوڀون حاصل ٿيون. هي افغان تسلط جي خلاف هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪارندن جي ارادن کان به واقف هو. آزادي ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ سندس جستجو قابل تعريف رهي. ارمان اهو آهي ته اهڙي مدبر حاڪم جي ڄمار گهڻي نه ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو