ميان غلام شاهه ڪلهوڙو

ميان غلام شاهه ڪلهوڙو

غلام شاھہ ڪلهوڙو ميان

غلام شاھہ ڪلهوڙو، ميان: ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو، ڪلهوڙا حڪمران گهراڻي جو هاڪاري حڪمران ٿي گذريو آهي. سندس والد ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دربدريءَ دوران وفات کانپوءِ محمد مرادياب خان نئون والي مقرر ٿيو، جنهن جي چئن سالن تائين ناڪام حڪومت رهڻ بعد، کيس معزول ڪيو ويو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ميان غلام شاھہ حڪمران بڻيو. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور ڀاڱي ٻئي ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ ‘دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري’ جي مصنف ميجر جنرل هيگ جو بيان آهي تہ “ميان غلام شاھہ، ڪلهوڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ قابل، همت وارو ۽ چست هو. انهي کانسواءِ خاندان ۽ قبيلي جي خودداري، عزم ۽ جنگي هنر منجهس وڏي پيماني تي موجود هئا. سيرت جي پختگيءَ ۽ ملڪي ڪاروبار جي صلاحيت جي اعتبار کان هو خاندان جو آخري نمائندو هو. هن جو مضبوط هٿ سڄي ملڪ ۾ محسوس ٿيندو هو. هن جڏهن وفات ڪئي، تڏهن حاڪم عهدي جي قوت گهٽجي وئي ۽ سنڌ جو علائقو نئين سر بدانتظامي جي خوفناڪ طوفان ۾ غرق ٿي ويو.” (تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، ڀاڱو ٻيو، ص 607). غلام شاھہ جي حڪمران ٿيڻ کانپوءِ افغان مداخلت رهي، جنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا حڪومت حاصل ڪيائين پر وري وري سندن هٿن مان حاڪميت ويندي رهي، جنهن سبب غلام شاھہ چار دفعا حڪمراني جي مسند تي ويٺو. پهريون ڀيرو هن آگسٽ 1757ع ۾ حڪومت سنڀالي. حڪومت تي ويهڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ سنڌو درياھہ ‘مرادآباد’ کي ٻوڙي ڇڏيو، جنهن سبب ميان غلام شاھہ پنھنجي والد جي شھر ‘محمدآباد’ جي ڀرسان ‘الھہ آباد’ نالي سان نئون شھر اڏائي، اتي ڪيمپ قائم ڪئي.
هوڏانهن احمديار خان، جيڪو مرادياب خان جو سڳو ڀاءُ هو، تنهن غلام شاھہ جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. حالانڪہ غلام شاھہ بہ سندن ڀاءُ هو، پر هي پيءُ جي رشتي ۾ ڀاءُ هو، جڏهن تہ احمد يار خان ۽ مرادياب خان ماءُ توڙي پيءُ ٻنهي رشتن ۾ ڀائر هئا، جنهن سبب احمد يار خان مرادياب خان جو پاسو کنيو، ان دوران شاھہ بھاري جو پٽ مقصودو فقير بہ احمد يار سان گڏجي ويو پر پوءِ پيءُ جي سمجهائڻ تي اچي غلام شاھہ وٽ حاضر ٿيو. ٻئي طرف عطر خان افغان درٻار ۾ ويٺو هو، ان سنڌ جي حڪومت جو پروانو پنھنجي لاءِ حاصل ڪري ورتو. جڏهن تہ محمد مرادياب خان انهي آسري ۾ ويٺو هو تہ عطر خان سندس لاءِ پروانو حاصل ڪندو. غلام شاھہ کي جڏهن عطر خان جي نالي پرواني جاري ٿيڻ جي خبر پئي، تڏهن 1757ع ۾ ٿر ڏانهن روانو ٿي ويو. مقصودو فقير مرادياب کي آزادڪرائي، وري عطر خان جي استقبال ۾لڳي ويو. غلام شاھہ 4 مهينا حڪومت ڪرڻ کانپوءِ مسند هٿان وڃائي ويٺو. محمد عطر خان پروانو وٺي سنڌ ۾ نوشهري پهچڻ بعد مرادياب خان سان ملڻ بہ پسند نہ ڪيو ۽ حڪم ڪيائين تہ کيس خداآباد ۾ رهايو وڃي. محمد عطر خان بيوس حڪمران هو، سندس ڪو بہ حڪم نہ پئي هليو. افغاني عملدارن ڍل ۽ محصولن ۾ ڦرلٽ لاهي ڏني. غلام شاھہ ٿر مان اڌيپور (راجستان) هليو ويو، جتان پوءِ بھاولپور پهتو. اتي ٽي مهينا ترسي جنگ جي تياري ڪيائين. امير بھاولپور محمد مبارڪ خان سندس هر طرح جي مدد ڪئي. ٽن مهينن کانپوءِ محمد سرفراز خان ڪلهوڙي کي ٻارن ٻچن سان گڏ بھاولپور ۾ ڇڏي مئي 1758ع ۾ لشڪر سميت سنڌ طرف آيو. مئي جي آخر ڌاري روهڙي جي ڀرسان، امرڪس و اھہ جي ڪناري تي غلام شاھہ ۽ محمد عطر خان وچ ۾ لڙائي ٿي. جنهن ۾ محمد عطر خان، احمد يار خان ۽ مقصودو فقير شڪست کائي ڀڄي ويا ۽ ملڪ جون واڳون ٻيهر غلام شاھہ جي هٿ ۾ آيون.
غلام شاھہ جون 1758ع ۾ عيد جي ڏينهن تي ڪيمپ ۾ پهچي ويو. رستي ۾ ايندي محمد مرادياب خان جي تعزيت لاءِ خداآباد ويو، جيڪو ڪجهہ عرصو اڳ ۾ وفات ڪري ويو هو، بعد ۾ محمد آباد ويو، جتان ٿي الھہ آباد، ۾ پنھنجي ڪيمپ ۾ پهتو. انهن ڏينهن ۾ ‘انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني’ جا سنڌ سان ٻيهر واپاري لاڳاپا جڙيا. سنڌ جي حڪمرانن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي عملدارن ۾ پهريون معاهدو 22 سيپٽمبر 1758ع تي ٿيو، جنهن بعد ڪمپنيءَ سنڌ ۾ پنهنجا واپاري مرڪز قائم ڪيا (ايڇ ٽي سورلي: شاھہ عبداللطيف آف ڀٽ،ص 50). ساڳئي سال ۾ مختلف طريقن سان حالتون خراب ڪيون ويون. عطر خان ۽ احمد يار خان شڪست کائڻ کانپوءِ سنڌ مان نڪري افغانستان وڃڻ لاءِ، قلات پهچي ويا. ان وقت قلات جو حڪمران محمد نصير خان هو، جيڪو ميان غلام شاھہ جو دوست هو. تنهن انهن ٻنهي کي افغانستان وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. احمد شاھہ ابداليءَ حالات معلوم ڪري احمد يار خان کي درٻار ۾ يرغمال رکيو ۽ حڪومت جو پروانو ٻيهر ميان عطر خان جي نالي جاري ڪيو. جنهن سبب ميان غلام شاھہ کان ٻيو ڀيرو حڪومت کسجي وئي، هي واقعو ڊسمبر 1758ع ۾ پيش آيو. (ڪلهوڙا دور.ص 148) ميان غلام شاھہ، عطر خان جي نالي پروانو جاري ٿيڻ جو ٻڌي وچ سنڌ ڇڏي لاڙ جي شھر ڪجي (ڪجو) پهتو. شھر جو نالو بدلائي ‘شاھہ ڳڙھہ’ رکيائين.
شھر جي سامهون ‘شاھہ بندر’ تعمير ڪرايائين، خوبصورت جايون پڻ ٺهرايائين. محمد سرفراز خان کي ٻارن ٻچن سان اتي رهڻ جو حڪم ڏنائين. عطر خان جي ٻيو ڀيرو حڪمران ٿيڻ سان افغانين ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڏني، سنڌ تي هڪ قسم جو عذاب نازل ٿي پيو. ان صورتحال جو فائدو وٺندي جوکيا قبيلي جي ماڻهن ٺٽي شھر ۾ گهڙي مولا ٺٽي محلي ۾ ڦرلٽ ڪئي. ميان غلام شاھہ کي اطلاع مليو تہ عطر خان مقصودي فقير کي وٺي چاچڪان طرف وڌي رهيو آهي، ميان بہ لشڪر تيار ڪري اچي سامهون ٿيو، پوءِ ٻنهي پاسي جنگ جي تياري ٿي وئي پر ٻيا وچ ۾ پيا، جنهن سبب صلح ٿي ويو. سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. شاھہ ڳڙھہ کان نصرپور تائين ٺٽي سميت ملڪ جو حصو غلام شاھہ کي مليو. ملڪ جو باقي سڄو حصو محمد عطر خان کي مليو. ميان غلام شاھہ ڊسمبر 1758ع ۾ ٺاھہ موجب ملڪ جي مخصوص حصي جو حڪمران بڻيو. اهو سندس حڪمرانيءَ جو ٽيون دور هو، ميان غلام شاھہ ٺاھہ بعد شاھہ ڳڙھہ موٽي ويو ۽ عطر خان نوشهري پهتو. ملڪ جو ورهاڱو امن خاطر ڪيو ويو، پر اهو مقصد حاصل نہ ٿي سگهيو. ان وقت احمد يار خان افغان درٻار ۾ هو، جنهن افغان بادشاھہ کي پڪ ڏياري تہ عطر خان کان ملڪ جو وهنوار نہ هلندو، ان بادشاھہ کيس حڪومت جو پروانو ڏئي سنڌ روانو ڪيو ۽ احمد يار خان جي پٽ کي يرغمال بڻائي پاڻ وٽ رکيو، (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 278). ان وقت افغان سڄي سنڌ کي ڦري ۽ لٽي رهيا هئا. هر طرف بدامني ۽ غير يقينيءَ واري صورتحال هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ٺٽي جي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، ملڪ ۾ شرعي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ فرمان جاري ڪيو، جيڪو 31 مارچ 1758ع تي جاري ٿيو. (پيغام لطيف، ص54-55). ميان غلام شاھہ ملڪي خرابين ۽ احمد يار خان جي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي، سڄي ملڪ تي حڪمراني قائم ڪرڻ جي خيال سان اپريل 1758ع ۾ لشڪر وٺي نڪري پيو. عطر خان غلام شاھہ جي سرگرمين جو ٻڌي نوشهري فيروز ڇڏي ڀڄي ويو.
احمد يار خان کي جيئن ميان غلام شاھہ جي فوجي تيارين جي خبر پئي تہ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ واري سوچ ختم ڪري ڇڏيائين. ميان غلام شاھہ نصرپور جي آسپاس هو تہ کيس عطر خان جي ڀڄي وڃڻ ۽ احمد يار خان جي سنڌ ۾ داخل نہ ٿيڻ واري فيصلي جي خبر پئي. جنهن بعد هن اڳتي وڌي عيد جي ڏينهن (پهرين شوال 1172ھہ/ 28 مئي 1759ع) سڄي سنڌ تي قبضو ڪري، سڄي ملڪ ۾ پنھنجي حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 278). ان ڏينهن کان ميان غلام شاھہ جي حڪومت جو چوٿون دور شروع ٿيو. (مرادياب خان جي مغرولي کان وٺي ميان غلام شاھہ جي چوٿون ڀيرو حڪمران بڻجڻ تائين، ٻن سالن جي عرصي ۾ بار بار اقتداري ايوانن ۾ تبديلي، خزاني جي بربادي ۽ رعيت کان ڦرلٽ سبب ملڪ جون حالتون مايوسي واريون هيون. غلام شاھہ کي چوٿون ڀيرو حڪمراني ملڻ کانپوءِ ماڻهن ۾ سک جو ساھہ کڻڻ جي اميد پيدا ٿي، افغانين جي ڦرلٽ کان تنگ ٿيل ماڻهن غلام شاھہ کي اميد ڀرين نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو. ميان غلام شاھہ سڀ کان پهرين ملڪي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عطر خان حڪومت هٿ مان وڃڻ کانپوءِ وائڙپ جو شڪار ٿي ويو ۽ خط لکيائين تہ “آءُ ملڪ مان نڪري وڃان ٿو، اوهان ڄاڻو ۽ منهنجو ڀاءُ ڄاڻي.” ميان غلام شاھہ ان وقت عطر خان جي رهيل ساٿين کي هٿ ڪري پنهنجو ڪيو. اهڙيءَ حالت ۾ سندس فوجي طاقت اڃا بہ وڌي وئي. ميان لشڪر ساڻ ڪري لاڙڪاڻي پهتو، اتي جا انتظام بهتر بڻائي، خداآباد روانو ٿيو. بدامنيءَ واري دور ۾ خداآباد کي جن کوسن سردارن ڦريو ۽ لٽيو هو، تن کي سخت سزا ڏئي. ڪن سردارن کي موت جي سزا ڏنائين ۽ خداآباد ۾ هڪ فوجي چونڪي قائم ڪئي وئي تہ جيئن امن امان قائم رهي. عطر خان سنڌ مان نڪري بھاولپور هليو ويو. احمد يار خان لاءِ مشھور ٿيو تہ هو هندستان هليو ويو آهي، عطر خان فوجي مدد لاءِ امير بھاولپور محمد مبارڪ خان کي اپيل ڪئي پر هن غلام شاھہ سان دوستي هجڻ سبب ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. البت هڪ مقامي زميندار بھادر خان دائودپوٽي، ايراضي نلي لڪ وٽ جويا قلعي تي حملو ڪري امير بھاولپور جي منع باوجود عطر خان جي مدد ڪئي ۽ لشڪر وٺي اوٻاوڙي پهتو. ميان غلام شاھہ بہ خبر پوڻ تي لشڪر سان اوٻاوڙي پهچي ويو، ٻنهي لشڪرن ۾ جنگ لڳي، بھادر خان مارجي ويو ۽ عطر خان جي مارجڻ بعد ميان غلام شاھہ ڳڙهي اختيار خان (شايد امير بھادر جي بستيءَ) کي تاراج ڪرڻ لاءِ اوٻاوڙي مان لشڪر سان بھاولپور روانو ٿيو، ليڪن امير بھاولپور محمد مبارڪ خان جي وچ ۾ پوڻ تي واپس سنڌ موٽي آيو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 152-151) ان دور ۾ سنڌو درياھہ جي وهڪري ۾ تبديلي نمودار ٿي، اڄوڪي دور ۾سنڌو درياھہ جيڪو حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي وچ کان وهي ٿو. 59-1758ع کان اڳ، انهي هنڌان فقط درياھہ جي هڪ شاخ وهندي هئي، اصل درياھہ موجودہ حيدرآباد شھر جي اوڀر ۾ وهندو هو. درياھہ جي انهي ڦيرڦار سنڌ جي جاگرافيائي صورت تي تمام وڏو اثر وڌو، ڦليلي ڦاٽ تڏهن وجود ۾ آيو. اڳتي هلي ميان غلام شاھہ کي حيدرآباد شھر جي قيام ۾ مدد ملي (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ص 118 کان 150). ميان غلام شاھہ 19 آڪٽوبر 1759ع تي ’الھہ آباد‘ کي ڇڏي نئين آباد ڪيل شھر شاهپور ۾ اچي لٿو، جتي ڇانوڻي قائم ڪيائين ۽ شاھہ ڳڙھہ کان پنهنجن ٻارن ٻچن کي گهرائي اتي رهايائين. ان بعد لاڙ ۾ ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر کي 1760ع ڌاري قدم کڻي شڪست ڏنائين. ڄام ڏيسر/ ڏهيسر 8 ڊسمبر 1760ع تي فوجي معرڪي کانپوءِ پنهنجو ‘آباد’ وارو قلعو ڇڏي ڪڇ ڏانهن هليو ويو. جڏهن تہ ڄام ڏيسر جو پٽ ‘هردار جي’ شروع کان ميان غلام شاھہ جي ملازمت ۾ رهيو. ميان غلام شاھہ کي آگسٽ 1761ع (1175ھہ) افغاني بادشاھہ احمد شاھہ ابداليءَ پاران مڃتا طور ‘شاھہ وردي خان’ جو خطاب، هڪ هاٿي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نوازشون عطا ٿيون. خانپور ۾ دائودپوٽن مسئلو پيدا ڪيو تہ ميان انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ لشڪر وٺي ان طرف ويو، پر اچ جي ساداتن جي سفارش سبب معاملو درگذر ڪري واپس موٽي آيو (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 280-279). جڏهن تہ بھاولپور جي ماخذن ۾ ڄاڻايل آهي تہ دائودپوٽن اهو مسئلو محمد عطر خان جي تابعداري ۾ ڪيو هو، جنهن کي اڃا بہ اقتدار حاصل ڪرڻ جي خواهش هئي.
ڪڇ ۽ سنڌ پاڙيسري ملڪ رهيا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ مختلف وقتن تي لاڳاپا رهيا آهن (ايم. ايڇ پنهور: سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا، سنڌي-مختلف صفحا)، جڏهن تہ ميان غلام شاھہ جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا بگڙي ويا. مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي تہ “آڪٽوبر 1762ع (ربيع الثاني 1176ھہ) ۾ ڪڇ جي ماڻهن کي سڌي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ رستي ۾ ‘سندري’ جو قلعو فتح ڪيائين. جاڙي جبل تي اٽڪل 6 هزار ماڻهو تلوارن جو کاڄ ٿيا، اتان سوڀارو ٿي اڳتي وڌندو ڀڄ کان ٻارهن ڪوهن تي پهتو، (رستي ۾) ڪيئي ڳوٺ ۽ واهڻ ڦريا، لٽيا ۽ تابعدار ٿيا. بستا بندر، لکپت بندر جا قلعا پڻ فتح ٿيا. آخرڪار ڪڇ جي راءِ لاکي جي نيزاري ۽ صلح جي دروازي کڙڪائڻ تي، ڪاميابيءَ سان موٽي اچي 2 رجب 1176ھہ/ 17 جنوري 1763ع تي شاهپور پهتو. ٻن سالن کانپوءِ ڪڇ تي حملي جو اتفاق ٿيو، رستي ۾ ‘مورو جي’ جو قلعو زبردستي فتح ڪري، ڀڄ کان پنجن ڪوهن تي وڃي منزل اندوز ٿيو. ڪڇ جي راءُ ڪيترائي وسيلا وچ ۾ آندا، جنهن سبب صلح ڪري واپس موٽيو.” مير علي شير قانع وڌيڪ لکي ٿو تہ “ڪڇ کان موٽڻ تي گهڻي مٽي ۽ واءُ لڳڻ ڪري پراڻي شاهپور کان نئين شاهپور لڏي آيو. افغان بادشاھہ پاران هنن سوڀن تي کيس اڳئين لقب سان گڏ ‘صمصام الدوله’ جو خطاب پڻ مليو. ان دور ۾ مقصودو فقير گذاري ويو تہ محمد عطر خان اڪيلو ٿي اچي ميان غلام شاھہ جي خدمت ۾ پيش ٿيو. ميان کيس معاف ڪري ڀاڪر پاتو ۽ طرحين طرحين نوازشون ڪيائين. خداپاڪ جي فضل سان ميان غلام شاھہ جو بخت بالا ٿي ويو.” (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 281-280). جيمس برنس لکيو آهي تہ “ڏيسل کانپوءِ ڪڇ ۾ لڪاجي راءُ بڻيو. لڪاجيءَ کانپوءِ گوري ڪڇ جو راءُ بڻيو. پر سيٺ پونجا ڀڄي اچي سنڌ پهتو. پونجا کانپوءِ جيونسنگهہ وزير مقرر ٿيو، جيڪا ڳالھہ پونجا کي پسند نہ آئي. هن پسمنظر ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ٿي، سنڌي لشڪر ڪڇ کي فتح ڪرڻ وارو هو، پر پونجا جي مداخلت تي ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو.” (سنڌ جي درٻار، سنڌي، ص 121 کان 124). جڏهن تہ انهي صلح ۾ طئہ ٿيو تہ راءُ جي ڀيڻ سان ميان غلام شاھہ جي شادي ٿيندي. لکپت ۽ بستا بندر سنڌ جي قبضي ۾ رهندا ۽ سيٺ پونجا کي وري ڪڇ ۾ وزير بڻايو ويندو، برنس وڌيڪ لکي ٿو ته، “سنڌ جي حاڪم واپس ٿيندي لکپت ۾ پنج هزار فوجين جو جٿو ڇڏيو، لکپت ان دور ۾ معمولي ڳوٺ هو، سنڌو جي اوڀارين شاخ لکپت جي ڀرسان وهندي هئي. ميان غلام شاھہ جي حڪم تي ان شاخ کي بند ڏنو ويو، ان ريت پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ بند ٿي ويو، جنهن سبب زرخيز علائقو ڪلراٺو ٿي ويو. هتان سارين جي پيدائش مان ڀڄ سرڪار کي ساليانو اٺ لک ڪوڙين جي اپت ٿيندي هئي.” (سنڌ جي درٻار، ص 124)
سنڌ پاران ڪڇ تي ٻي ڪاھہ 1764ع ۾ ٿي. ان جو پسمنظر ڏيندي جيمس برنس لکيو آهي ته، اصل ۾ ڪڇ جو راءُ وعدي مخالف نڪتو. هن سيٺ پونجا کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ٻئي طرف رشتي (شادي) بابت ڪيل انجام بہ نہ پاڙيو. ميان غلام شاھہ پنجاھہ هزار لشڪر وٺي ڪڇ ڏانهن وڌيو. لکپت کان وڌي قلعي ‘مورو جي’ تي حملو ڪيو ويو. ڪڇين جو وڏو تعداد مارجي ويو ۽ قلعو فتح ٿي ويو. ڪڇ جي راءُ کوهن ۾ زهر وجهرائي، سنڌي لشڪر لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون. ليڪن ميان صاحب رستو تبديل ڪري ڀُڄ طرف وڌيو. ڀُڄ کان پنج ڪوھہ پري هو تہ راءِ جي طرفان صلح جو پيغام پهتو. راءُ پنھنجي سؤٽ جي نياڻي، ميان غلام شاھہ جي نڪاح ۾ ڏيڻي ڪئي. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 471) هن شاديءَ متعلق هڪ راءِ هن ريت بہ ملي ٿي: ڪڇ تي ٻي ڪاھہ وقت ميان کي کوکرن جي سردار جي ڌيءُ ڏني وئي. راءُ کانپوءِ ڪڇ جي گاديءَ تي کوکرن جو حق سمجهيو ويندو هو. هي راءِ درست نہ آهي. ابتدائي ٺاھہ ۾ طئي ٿيو هو تہ راءُ پنھنجي ڀيڻ جو سڱ ڏيندو. ليڪن ان تي عمل نہ ٿيو. ٻئي حملي کانپوءِ راءُ پنھنجي والد جي سؤٽ ايسوجيءَ جي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو. هيءَ شادي 1770ع ۾ ٿي. شاديءَ جي تاريخ تي مؤرخن ۾ اختلاف آهن. شاديءَ جي موقعي تي ٻنهي طرفن کان ڪيتريون رسمون بجا آنديون ويون. هن حرم کي ميان غلام شاھہ طرفان ‘سنڌ راڻي’ جو لقب مليو. ان دور ۾ ميان صاحب بستا بندر ۽ لکپت بندر جا علائقا، ڪڇ جي حاڪم کي موٽائي ڏنا. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 155- 160)
ميان غلام شاھہ جي حڪومت ۾ لاڳيتو استحڪام ۽ وسعت ايندي وئي. 1767ع ۾ افغان بادشاھہ ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان جي حڪومت بہ ميان غلام شاھہ جي حوالي ڪئي. سنڌ جو حاڪم پنھنجي سر سيپٽمبر 1767ع ۾ ديرن طرف روانو ٿيو. ٽي مهينا اتي رهي فسادين کي ناس ڪري، بندوبست ٺيڪ ڪري پنهنجا فوجي جٿا مقرر ڪري، 09 ڊسمبر 1767ع تي واپس موٽي آيو. ياد رهي تہ يار محمد ڪلهوڙي ۽ نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ بولان لَڪ تائين وارا سمورا علائقا ‘ميان ڪلهوڙن’ جي بندوبست ۾ هئا، پر 1740ع ۾ نادر شاھہ اُهي علائقا قلات جي واليءَ کي ڏئي ڇڏيا هئا. ميان صاحب وطن پهتو تہ فسادي وري نروار ٿيا. نصرت نالي هڪ بدنام فسادي باھہ ٻاري ڏني. ان ڪري 1768ع ۾ هي علائقا ميان کان واپس وٺي سردار جھان خان جي حوالي ڪيا ويا هئا. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 471) 1768ع ۾ ٺٽي جي امن لاءِ خطرو پيدا ٿيو. نومڙيا قبيلي جي سردار گهڻي لشڪر سان بجار خان جوکيي تي حملو ڪيو. بجار خان بچاءَ خاطر ٺٽي طرف ڀڳو. ميان غلام شاھہ کي هي اطلاع مليو تہ پاڻ ڇھہ هزار فوج ٺٽي جي بچاءَ ۽ نومڙين جي تاديب لاءِ موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيائين. جهيڙي جي خاتمي کانپوءِ به، ٻہ هزار لشڪر مستقل طور ٺٽي ۾ رکيو ويو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 158- 159)
ميان غلام شاھہ حڪومت ورتي تڏهن ‘مرادآباد’ سرڪاري مرڪز هو. هي شھر ٻڏي ويو تہ ’الھہ آباد‘ جو ماڳ وجود ۾ آيو. ان کانپوءِ ‘شاھہ پور’ جي نالي سان ٻہ شھر تعمير ٿيا. ميان غلام شاھہ حڪومتي اوج جي وقت ۾، هڪ نئين شھر ۽ قلعي جي اڏاوت جو فيصلو ڪيو. عبدالمجيد جوکيو لکي ٿو ته، هڪ ڏينهن ميان غلام شاھہ پنهنجن مدبرن سان صلاح ڪئي ته، “اسان جا ابا ڏاڏا، جي رحمت سان، ڪجهہ پيڙهين کان سنڌ جي حڪومت تي فائز آهن، پر انهن ڪا بہ اهڙي مستحڪم اڏاوت نہ ڪرائي آهي، جا مشڪل وقت ۾ اسان جي ڪم اچي. اسين چاهيون ٿا تہ ڪنهن سٺي ماڳ تي هڪ اهڙو قلعو اڏايون، جو رهنديءَ دنيا تائين اسان جو يادگار رهي.” (تاريخ بلوچي، اردو ترجمو، ص 15) قديم شھر ‘نيرون ڪوٽ‘’ [نوٽ: ان سان محقق اختلاف رکن ٿا تہ نيرون، رنيڪوٽ هو ۽ هي هنڌ گنجي ٽڪر وارو هو] جي سرزمين تي شھر ۽ قلعي جي تعمير جو حڪم ڏنو ويو. ميان غلام شاھہ جي حڪم کانپوءِ ٻن سالن ۾ ئي هڪ مضبوط قلعو جڙي راس ٿيو ۽ ان تي ’حيدرآباد‘ نالو رکيو ويو. قلعي جي سامهون ٽڪر جي مٿان شھر اڏائي رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايو ويو. سنڌ جو حاڪم سيد غلام شاھہ ذوالحج مهيني ۾ ديري (ديره غازي خان) کان موٽي اچي هن قلعي ۾ رهيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 281) ياد رهي تہ قلعي جي تعمير جو فيصلو ذوالقعد 1182ھہ/ مارچ 1769ع ۾ ٿي چڪو هو.
ميان صاحب حيدرآباد ۾ هو تہ مئي 1770ع (محرم 1184ھہ) ۾ حبيب فقير نائچ کي ٺٽي جو ناظم مقرر ڪيو ويو. هن سال وري ديره غازي خان جو انتظام ميان صاحب کان واپس وٺي، سردار جھان خان کي ڏنو ويو. هيءُ علائقو هڪ سال اڳ ميان کي مليو هو. پاڻ اتي وڃي انتظام کي درست ڪري موٽيو هو. ميان غلام شاھہ ذڪر هيٺ دور ۾، پنھنجي عروج کي پهتو هو. هن کي سنڌ ۾ افغان تسلط بلڪل پسند نہ هو. ان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت سوچيندو رهندو هو. هڪ موقعي تي درٻار ۾ نامور اميرن ۽ سپھہ سالارن کي چيائين تہ تيار رهو، اسين ڪيڏي مھل بہ احمدآباد (قنڌار) کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪري سگهون ٿا. (تاريخ بلوچي، ص 16) آزاديءَ جي تڙپ ۽ افغان ڏچي مان ڇوٽڪارو، غلام شاھہ جي هڪ وڏي خواهش هئي. اهڙي شاهدي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رپورٽن مان بہ ملي ٿي. ميان غلام شاھہ جي دور ۾ قلات جو خان مير نصير خان بروهي هو. ابتدا کان ڪلهوڙا- بروهي لاڳاپا سٺا نہ رهيا هئا، پر مير نصير خان سنڌ جي حاڪم سان بهتر تعلقات لاءِ، 07 مئي 1772ع تي هڪ عهدنامو ڪيو. ان ريت پوءِ هر مشڪل وقت ۾، خان قلات، ڪلهوڙا حاڪمن جي مدد ڪئي.
1772ع (1186ھہ) ۾ غلام شاھہ تي فالج جو موتمار حملو ٿيو. هن بيماريءَ سبب ميان 01 آگسٽ 1772ع (02 جمادي الاول 1186ھہ) تي وفات ڪري ويو. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 473- 474) ميان صاحب کي پنھنجي ئي تعمير ڪرايل شھر (حيدرآباد) ۾ دفن ڪيو ويو.
ڪلهوڙا حاڪمن ۾ ميان غلام شاھہ پهريون حاڪم آهي، جنهن جي مقبري تي سنگ مرمر جو پٿر استعمال ٿيل آهي. مقبري جو گنبذ 1920ع ڌاري ڪِري پيو هو. (سنڌ جو سيلاني، ص 128) پر اڄ تائين ان جي تعمير نہ ٿي سگهي آهي. غلام شاھہ جي وفات سان هڪ مدبر، معاملي فهم، دور انديش ۽ باهمت حڪمران جو دور پورو ٿيو. سفارت، سياست ۽ فوجي طاقت ۾ کيس گهڻيون سوڀون حاصل ٿيون. هي افغان تسلط جي خلاف هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪارندن جي ارادن کان بہ واقف هو. آزادي ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ سندس جستجو قابل تعريف رهي. ارمان اهو آهي تہ اهڙي مدبر حاڪم جي ڄمار گهڻي نہ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو