سنديلو غلام علي

سنديلو غلام علي

غلام علي سنديلو

غلام علي سنديلو : نامياري فنڪار غلام علي ولد حسين بخش سنديلي 1958ع ڌاري روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. راڳ کيس ورثي ۾ مليو، هن جو سندس والد حسين بخش سنديلو بہ سنڌ جو مشھور راڳي هو. جيڪو ماضيءَ ۾ لونگ فقير جي نالي سان مشھور هو. غلام علي سنديلي جو والد ۽ سندس چاچو قلندر بخش سنديلو گڏجي جوڙيءَ جي صورت ۾ ڳائيندا هئا ۽ سندن آواز ۾ ڳايل گرامون فون جا رڪارڊ ورهاڱي کان اڳ ڪافي مقبول هوندا هئا. غلام علي سنديلي ابتدائي نصابي تعليم روهڙيءَ مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ بيدل بيڪس هاءِ اسڪول روهڙيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان 1976ع ڌاران پاس ڪري اسلاميہ ڪاليج سکر ۾ داخلا ورتائين. سندس پڙهائيءَ وارن ڏينهن دؤران گهر ۾ والد ۽ چاچي پاران سندس راڳ جي تربيت ٿيندي رهي، ان دؤران ئي هيءَ پنھنجي والد ۽ چاچي سان گڏجي محفلن ۾ پڻ ڳائيندو هو. غلام علي سنديلي انٽر تائين تعليم حاصل ڪري مڪمل طرح موسيقيءَ طرف توجھہ ڏنو ۽ راڳ جي باقاعدي تربيت مشھور گويي استاد خورشيد علي خان کان حاصل ڪيائين. غلام عليءَ 1983ع ڌاري فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان خيرپور کان ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جو پڻ تازو افتتاح ٿيو هو . سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل پهريون ڪلام سچل سائينءَ جو ”جاني تو نہ جڳائي، رسڻ نماڻيءَ سان“ هو، جنهن کانپوءِ ريڊيو تي سندس ڪافي ڪلام رڪارڊ ٿيا ۽ کيس مقبوليت ملي. ٽيليوزن تي کيس مرحوم ممتاز مرزا متعارف ڪيو، جتي هن پروگرام ’سنڌ سينگار‘ ۾ ڳايو. ان کانپوءِ بہ ڪيترن پروگرامن ۾ پرفارم ڪيائين. غلام علي سنديلي جون سندس وفات تائين 20 آڊيو ڪئسٽون رليز ٿيون. سندس شاعريءَ جي چونڊ معياري هوندي هئي، هو بھترين ڪمپوزر پڻ هو. شاھہ لطيف، سچل سرمست، سيد صالح شاھہ، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڪرم ٽالپر، اياز گل، مير محمد عباسي، اعجاز ٻرڙي سميت ڪيترن شاعرن جي شاعري ڳايائين. سندس ڳايل ڪلامن ۾’لوڪ ڀلي ڪري ريسان، يار ملي تہ مين جيسان‘، ’تنھنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري‘، ’اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا‘، ’تو کان نہ مليو پيار گهرڻ مون ڇڏي ڏنو.‘، ’پيرين اگهاڙي پهتاسين پرين تنھنجا سلام جو پهتا‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام مشھور ٿيا. هن سريلي فنڪار 11 مارچ 2013ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2013.03.11  عيسوي

نامياري فنڪار غلام علي ولد حسين بخش سنديلي 1958ع ڌاري روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. هن سريلي فنڪار 11 مارچ 2013ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خادم حسين سمو
راحت فتح علي خان
سرمد سنڌي
صابري غلام فريد
چندرو آتماچندرو آتما
استاد محمد جمن
فائزا علي
استاد سلامت علي خان
صنم مارئي
اڪبر بروهي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون