
غلام علي فقير مسرور
غلام علي فقير ‘مسرور’: مشھور صوفي شاعر فقير غلام علي ‘مسرور’ ٽين فيبروري 1894ع مطابق 26 رجب 1311ھہ تي ميان رحيم بدويءَ جي گهر شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد شڪارپور جي مشھور ورنيڪيولر اسڪول نمبر پهرئين (موجودہ قاضي محله پرائمري اسڪول) جي اولين استادن مان هو ۽ ڪيترو عرصو ان اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تي پڻ فائز رهيو. فقير غلام علي ‘مسرور’ جي تعليم ۽ تربيت سندس والد جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. کيس پهرين جولاءِ 1899ع تي ورنيڪيولر اسڪول نمبر پهرين جي ٻاراڻي ڪلاس ۾ داخل ڪرايو ويو. ان ئي اسڪول مان پرائمري تعليم جا ٻہ درجا پاس ڪيائين. جنهن کان پوءِ 31 جولاءِ 1901ع تي سندس والد اتان سرٽيفڪيٽ وٺي، کيس 2 جنوري 1902ع تي ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 (موجودہ جماڻي هال اسڪول) ۾ ٽئين درجي ۾ داخل ڪرايو. ميان غلام علي ’مسرور‘ اتان چوٿون درجو پاس ڪري 24 ڊسمبر 1903ع تي انگريزي پڙهڻ ويو. انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو پهريائين هو پفل اڪيڊمي شڪارپور ۾ داخل ٿيو، جتي ڪجهہ عرصو تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪن مجبورين سبب اهو ڇڏي چوٿون درجو انگريزي خيرپور ۾ پڙهڻ کانپوءِ 19 نومبر 1908ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ وڃي پڙهڻ لڳو. اتي هو پنجين ڪلاس ۾ داخل ٿيو، مگر مسلسل غير حاضريءَ سبب هو اتان پڙهائي ڇڏي، شڪارپور واپس وريو ۽ 1910ع ۾ ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد ٻہ سال تپيداري اسڪول حيدرآباد ۾ ٽريننگ ورتائين. امتحان پاس ڪري سن 1912ع ۾ تپيداريءَ جي نوڪري ڪرڻ لڳو. 1923ع ڌاري شادي ڪيائين. کيس ڇھہ فرزند ۽ پنج نياڻيون ٿيون. ملازمت دوران شڪارپور جي مختلف تپن تي ڊيوٽي ڪندي، سن 1928ع ۾ کيس ترقي ملي ۽ براج مختيارڪار سکر جي آفيس ۾ سپروائيزن تپيدار جي عهدي تي فائز ٿيو. سال 1948ع ۾ هو خير ۽ خوبي سان پنھنجي ملازمت جو عرصو پورو ڪري، اچي شڪارپور ۾ مقيم ٿيو، جيئن تہ کيس وڏو ڪٽنب هو ۽ مسڪيني گذر هو، ان ڪري گهر جي پورائي لاءِ کيس خانگي ملازمت اختيار ڪرڻي پيئي. آخري ايام ۾ شڪارپور جي مشھور صوفي شاعر سردار محمد بخش ڪوجهيءَ جي زمينن سنڀالڻ لاءِ ٽنڊي آدم اچي رهيو هو. فقير غلام علي ‘مسرور’ ننڍپڻ کان ئي فقيري طبيعت جو مالڪ هو. سندس شاعريءَ جي لاڙي بابت ٻہ رايا آڏو اچن ٿا، جي فقير صاحب جي صحبتين هن طرح قلمبند ڪيا آهن: مولائي شيدائي لکي ٿو ته، خيرپور ۾ پنھنجي والد بزرگوار جي برڪت واري صحبت سان گڏوگڏ گل محمد خان ‘گل’، رسول بخش خان تخلص ‘راهي’ ۽ مخدوم الھہ بخش ‘عاصي’ جي شعر ۽ شاعريءَ جي مجلس ۾ شرڪت ڪندو هو. ميان شفيع احمد اوج علوي لکي ٿو تہ: ان فن ۾ تربيت شاگردي جي زماني کان محمد عثمان فقيه ۽ پنھنجي چاچي حاجي امام بخش ‘خادم’ کان ورتائين ۽ ٻين صوفي شاعرن، قطب شاھہ جي صحبتن ۽ بيدل مرشد ۽ ٻين ان گروھہ جي صوفي شاعرن جي ڪلام جي باريڪ مطالعي مان سندس شعر ۾ ٻولي خواھہ فڪري پختگي پيدا ٿي. فقير ‘مسرور’ جي پنھنجي مرشد قادر بخش بيدل سان بيحد عقيدت هوندي هئي.
ملازمت ۾ گهڙڻ کان پوءِ بہ پنھنجي ذوق ۽ شوق کي قائم رکندو آيو. حضرت بيدل جي درگاھہ تي باقاعدہ حاضري ۽ اها ئي دل جي تپش ۽ درد جي طلب. راتين جون راتيون، هو بيخودي ۽ استغراق جي حالت ۾ درگاھہ جي ايوان ۾ نظر ايندو هو. فقير صاحب جو سنڌي کان علاوہ هندي، اردو ۽ فارسي شاعريءَ جو بہ گهڻو گهرو مطالعو ڪيل هو. فقير صاحب جي اوطاق تي هندن ۽ مسلمانن جي هڪجهڙي اچ وڃ هوندي هئي، هر ڪو ماڻهو وٽائنس بنا ڀيد ڀاوَ جي هڪ جيتري عزت ۽ احترام لهندو هو. مسلمانن سان گڏ هندو بہ فقير صاحب کي پنهنجو اوتار سمجهندا هئا. ورهاڱي کان اڳ هڪ ڀيري هندو مسلم ايڪتا جي سلسلي ۾ شڪارپور جي جماڻي هال ۾ صوفي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ رام پنجواڻيءَ جي ڪوشش سان اڪبر اعظم جو ڏينهن ملهايو ويو ۽ ان موقعي تي هڪ وڏو جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت فقير غلام علي مسرور ڪئي هئي. ناميارو شاعر شيخ اياز ان جلسي لاءِ لکي ٿو تہ: ’مرحوم لطف ﷲ بدوي، احسان بدوي، لعل محمد لعل ۽ آءُ گڏجي نڪتا هئاسين، جلسي ۾ دير سان پهتا هئاسين ۽ خالي ڪرسيون نہ ملڻ سبب، پاسو وٺي بيٺا هئاسين. جلسي جي آخر ۾ مسرور فقير صدارتي تقرير لاءِ اٿيو. مون هن ڏانهن ڏٺو تہ هو شاھہ بلوط جي شهتير وانگر سڌو سنئون ٿي نظر آيو. مسرور فقير نهايت مختصر تقرير ڪئي، هونءَ بہ سپ وٽ هڪ موتي هوندو آهي. مون کي هن جي تقرير تہ ياد نہ آهي، پر هن جون اکيون ياد اچي رهيون آهن، جن کي ڏسي مون لوڪ گيت جي سٽ “اکيون ادل جون ٻرن مشعالا” جهنگاري هئي. فقير غلام علي ‘مسرور’ علمي ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ بہ شرڪت ڪندو رهندو هو. سندس ڪلام ماهوار ‘اديب سنڌ’ ۽ ‘سنڌو’ کان علاوہ ٻين رسالن ۾ بہ ڇپبو هو. سندس تصنيف ‘مسدس مسرور عرف هيرن جو هار’ کي بمبئي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. پاڻ اعليٰ پايي جي شاعر کان سواءِ موسيقيءَ جي علم جو بہ وڏو ڄاڻو هو. شاھہ باغ واري هانڊي ۾ بھار جي موسم ۽ ٻين موقعن تي صوفي سماگم ٿيندو هو. ان ۾ فقير موصوف پاڻ بہ حصو وٺندو هو. سازن تي ڪلاسيڪي ۽ صوفياڻين چوڪين بيدل جي درگاھہ ۽ ٻين محفلين ۾ حصو وٺندو هو ۽ پنھنجي سر راڳ جو شغل جاري رکندو هو. سندس موسيقيءَ جي تربيت ۽ مهارت ۾ اوائلي ۽ ماهر موسيقارن استاد سيندو خان، استاد احمد ۽ ٻين ڪلاسيڪي موسيقيءَ جون محفلون ڪافي عرصي تائين سندس تڪيہ يا اوتاري تي ٿينديون رهنديون هيون. فقير ‘مسرور’ نظم کان علاوہ نثر ۾ بہ ڪجهہ تصنيفات ڇڏيون آهن، جيڪي سندس پوين وٽ محفوظ آهن: ‘ڪليات مسرور’، ‘مثنوي هير رانجهو’، ‘مسدس مسرور عرف هيرن جو هار’، ‘اسرار حسيني’، ‘ستگرو سائين جي سوکڙي’، ‘پريم ساگر’ (هندي ۽ اردو ڪلام)، ‘حسنِ ازل’ (فارسي ڪلام)، ‘عشق نامو’، ‘سرور نامو’، ‘وحدت نامون’، ‘قيامت نامو’، ‘رهنمائي موسيقي’، ‘راڳ جي شرعي حيثيت’، ‘من جي مستي’، ‘سلطاني سهاڳ ’ ، ‘مڪتوبات مسرور’، ‘فقير واليڏني جو ڪلام’، ‘ڪنڊڙي جا ڪلتا’، ‘بيدل فقير جو سنڌي ڪلام’، ‘بيدل فقير جا فارسي رسالا’، ‘صديق فقير سومري’ جو ڪلام اچي وڃن ٿا.
هن 9 آگسٽ 1953ع تي ٽنڊي آدم ۾ وفات ڪئي.