غلام محمد شاهواڻي

غلام محمد شاهواڻي

غلام محمد شاهواڻي

غلام محمد شاهواڻي : سنڌ جو ناميارو عالم، شاهه جو پارکو ۽ تعليمي ماهر غلام محمد شاهواڻي حيدرآباد جي قديم علائقي ڪورين جي پڙ ۾، شاهواڻي گهٽيءَ ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حڪيم محمد ابراهيم شاهواڻي هو. حڪيم صاحب انگريزن جي دؤر ۾ حيدرآباد جي ميونسپل جو صدر رهيو ۽ شهر جي خدمت ڪيائين. هو حڪمت کان علاوه سماجي اڳواڻ، عالم ۽ سياسي ماڻهو هو. سندس وڏا اگهم ڪوٽ کان حيدرآباد لڏي اچي رهيا هئا. حيدرآباد جي جنهن پاڙي ۾ هن جو خاندان آباد ٿيو، ان کي شاهواڻي گهٽي طور سڃاتو وڃي ٿو. غلام محمد، حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۽ بمبئي يونيورسٽي مان پڙهي ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪري، تعليم واري شعبي سان وابسته ٿيو. سنڌ جي تڏهوڪي گورنر سر غلام حسين هدايت الله جيڪو سندس ويجهو دوست پڻ هو، حڪومتي اعليٰ عهدن جي آڇ ڪيائين، پر غلام محمد شاهواڻي انڪار ڪيو. هو عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور رکندو هو. غلام محمد شاهواڻيءَ کي تعليم ۽ پڙهائڻ سان وڏو چاهه هو. هو جڏهن نور محمد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو ته گهڻي کان گهڻو وقت پنهنجي اداري کي ڏيندو هو. نور محمد هاءِ اسڪول انهيءَ وقت تمام وڏو تعليمي ادارو هو، جنهن مان لاتعداد عالمن، فاضلن، سياسي مدبرن ۽ ٻين شخصيتن تعليم حاصل ڪئي. غلام محمد شاهواڻي هيڊماستريءَ واري دور ۾ اسڪول جي معيار کي اعليٰ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو هو. تعليم سان سندس دلچسپيءَ جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن اباڻو گهر ڇڏي، اسڪول جي آڏو نئون گهر اچي آباد ڪيو. هن تعليمي ادارن جي ڀلائيءَ لاءِ ‘مسلم ايجوڪيشن فائونڊيشن’ نالي تنظيم پڻ قائم ڪئي. انهيءَ اداري جي ذريعي مسلم هاءِ اسڪول، مسلم لا ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم ڪيا، جيڪي سنڌ جي مسلمانن لاءِ مشعل بڻجي ڪم آيا. هن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پڻ قائم ڪئي، جيڪا ادبي واڌويجهه لاءِ هڪ پليٽفارم بڻي جتان ڪيترائي علمي، ادبي ۽ اشاعتي سلسلا پنهنجي منزل تائين هلي پهتا. غلام محمد شاهواڻي بهترين نثر نويس ۽ نقاد هو. شاهه لطيف جي ڪلام جو پارکو ۽ اسلامي تاريخ جو عالم هو. هن پهريون ڪتاب 1940ع۾ ‘چاليهه حديثون’ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پاران ڇپايو. ان کان پوءِ رسول پاڪ جن جي سيرت تي ڪتاب آيس ۽ بعد ۾ 25 ڪتابن جو شاندار سلسلو هليو، جيڪو ‘شاهه جي رسالي’ تائين پورو ٿيو. هن جي ڪتابن ۾ ‘ترڪن جي بهادري’ (تاريخ 1942ع) ترڪ قوم جي تاريخ تي آهي. ‘گلشن بهارشيخ سعدي جي فارسي ڪتاب ‘گلستان سعدي’ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. ‘علمي خزانو ’ مولانا رومي جي مثنويءَ جو ٽن جلدن ۾ ترجمو ڪيائين. ‘ادبي خزانو’ (1945ع) سنڌي مضمونن تي ‘ادبي اصول’ (1948ع ٻه ڀاڱا)، هي سنڌي ادب جو تنقيدنگاريءَ جي مغربي اصولن تي ۽ قانون موجب پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ٻن جلدن تي ٻڌل آهي. لطيفيات تي ‘سر سارنگ’، ‘سر سامونڊي’ ۽ ‘سر سسئي آبري’ تي شرح شايع ٿي. هن ‘خلفاءِ راشدين’، ‘خليفو پهريون’، ‘خليفو ٻيو’، ‘خليفو ٽيون‘ ۽ ‘خليفو چوٿون‘ سوانح حيات تي مبني ڪتاب لکيا، جيڪي چئني خليفن بابت آهن. تعليم جي لحاظ کان ‘سنڌي گرامر’، ‘نظري ۽ علمي تعليم’ ڪتاب لکيائين، جيڪي استادن جي درسي سکيا لاءِ نهايت ڀلا ڪتاب آهن. سندس ٻين ڪتابن ۾ ‘انتخـاب نثـر’ (مضمون)، ‘چونڊ نثر ۽ نظم’ (ادبي ڪتاب)، ‘روحـاني راز’ (اسلامي مضمون: 1964)، ‘فتوح الغيب’ (ٻن ڀاڱن ۾ عربيءَ مان ترجمو)، ‘اسلامي افسانه’، ‘فلسفه روزه’ (اسلامي موضوعن جو ڪتاب)، ‘سنڌي گرامر’، ‘گلدسته اقوال’ (ناميارن فلسفين جي قولن تي ٻڌل ڪتاب: 1950) غلام محمد شاهواڻيءَ جو اهم ڪارنامو ’شاهه جو رسالو‘ آهي، جيڪو هن کي امر ڪري ويو. هن جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته هي پهريون شاهه جو رسالو آهي، جيڪو هڪڙي ئي جلد ۾ معنائن سان گڏ آيو. ٽيهن سرن تي ٻڌل هي رسالو، موجوده سنڌيءَ واري رسم الخط ۾ آهي. شاهواڻي صاحب ڪوشش ڪري قديم ٻوليءَ کي موجوده صورتخطيءَ ۾ قائم رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ جي دؤر ۾ شاهه جو رسالو پڙهندڙن کي غلام محمد شاهواڻيءَ وارو ترتيب ڏنل رسالو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو سمجهيو وڃي ٿو. غلام محمد شاهواڻي آخر ۾ شگر جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو. هو تمام گهڻو ڪمزور ٿيندو ويو. سندس حالت تيزيءَ سان بگڙجڻ لڳي، علاج سانگي حيدرآباد کان ڪراچي ويو ۽ پوءِ ڪراچيءَ کان لاهور تائين ويو، پر اتي آپريشن دوران 14 ڊسمبر 1950ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي قديم قبرستان ٽنڊي يوسف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.14  عيسوي

غلام محمد شاهواڻي حيدرآباد جي قديم علائقي ڪورين جي پڙ ۾، شاهواڻي گهٽيءَ ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿيو. 14 ڊسمبر 1950ع تي وفات ڪري ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي محمد ٻاگهلائي مولوي
نور محمد حسيني پتافي مولوي
شيخ محمد مريد سيوهاڻي
عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ابو جعفر المنصوري
درس محمد واصل
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
پاٽائي دين محمد مخدوم
عبدالعزيز ٿريچاڻوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون