غلام مرتضيٰ اعظم عباسي

غلام مرتضيٰ اعظم عباسي: نامياري شاعر حڪيم غلام مرتضى ولد ميان جان محمد عباسي 2 فيبروري 1925ع تي ڳوٺ نبي شاھہ وڳڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي بعد سندس خاندان رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيو. هن ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزيءَ سميت ٻہ سال فارسي ۽ چار سال عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. هن حڪمت ۽ ڊسپينسريءَ جا ڪورس بہ ڪيا، حڪمت جو پيشو کيس وڏڙن کان ورثي ۾ مليو. مرتضى اعظم عباسي ننڍي عمر کان ئي شاعريءَ جي شروعات ڪئي، ويتر جو فارسيءَ جي تعليم پرائڻ وقت فارسي نصاب ۾ مثنويون ۽ نظم پڙهيائين تہ شاعريءَ ڏانهن سندس رغبت هيڪاري وڌندي وئي. هو سنڌي ٻوليءَ سان گڏ فارسي، عربي، اردو ۽ سرائيڪي ٻولين جو بہ ڄاڻو هو ۽ انهن پنجن ئي ٻولين ۾ شاعري ڪيائين. هن شاعريءَ ۾ پهريان ‘ملازم’ ۽ پوءِ ‘اعظم’ جو تخلص ڪتب آندو. هن کي علم عروض جي سٺي ڄاڻ هئي ۽ تاريخ تي بہ کيس دسترس حاصل هئي. مرتضى اعظم ‘جميعت الشعراءِ سنڌ’ جو ڪارڪن بہ ٿي رهيو. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب ‘عشق عظيم’ ۽ ‘سراج السالڪين’ ڇپيل آهن.
مرتضى اعظم پيشي جي لحاظ کان هڪ مڃيل حڪيم هو، قديم يوناني حڪمت توڙي جديد ميڊيڪل سائنس جي ڄاڻ ۽ تجربي سان علاج ڪرڻ ڪري سندس شمار تر جي مڃيل ويڄن ۾ ٿيندو هو. پاڻ بنيادي طور تي هڪ غريب گهراڻي جو فرد هو. شاگرديءَ واري زماني ۾ کٽون واڻيائين، پر بعد ۾ سندس شوق جي بنياد تي ان کٽن واڻڻ واري ڪم ۾ پنهنجون ذهني صلاحيتون استعمال ڪندي کٽن تي خطاطي ۽ ڊزائينون ٺاهڻ جا ڪامياب ۽ شاهڪار فني تجربا ڪيائين ۽ منفرد نموني سان کٽون واڻيندو هو. سندس نادر فني نموني جي هڪ کٽ رتيديري سندس دواخاني تي اڄ بہ رکيل آهي، جنهن تي واڻ سان سنڌ جو نقشو ۽ ان نقشي ۾ لطيف سائين جو بيت ’سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار‘ سھڻي نموني ۽ ڪاريگريءَ سان ڊزائين ڪيو اٿس. سندس واڻيل اهڙيون کٽون استعمال ڪرڻ بجاءِ سجاوٽ طور رتيديري جي مختلف جاين تي رکيل آهن. هن پهرين ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو