غلام مرتضيٰ اعظم عباسي: نامياري شاعر حڪيم غلام مرتضى ولد ميان جان محمد عباسي 2 فيبروري 1925ع تي ڳوٺ نبي شاھہ وڳڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي بعد سندس خاندان رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيو. هن ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزيءَ سميت ٻہ سال فارسي ۽ چار سال عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. هن حڪمت ۽ ڊسپينسريءَ جا ڪورس بہ ڪيا، حڪمت جو پيشو کيس وڏڙن کان ورثي ۾ مليو. مرتضى اعظم عباسي ننڍي عمر کان ئي شاعريءَ جي شروعات ڪئي، ويتر جو فارسيءَ جي تعليم پرائڻ وقت فارسي نصاب ۾ مثنويون ۽ نظم پڙهيائين تہ شاعريءَ ڏانهن سندس رغبت هيڪاري وڌندي وئي. هو سنڌي ٻوليءَ سان گڏ فارسي، عربي، اردو ۽ سرائيڪي ٻولين جو بہ ڄاڻو هو ۽ انهن پنجن ئي ٻولين ۾ شاعري ڪيائين. هن شاعريءَ ۾ پهريان ‘ملازم’ ۽ پوءِ ‘اعظم’ جو تخلص ڪتب آندو. هن کي علم عروض جي سٺي ڄاڻ هئي ۽ تاريخ تي بہ کيس دسترس حاصل هئي. مرتضى اعظم ‘جميعت الشعراءِ سنڌ’ جو ڪارڪن بہ ٿي رهيو. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب ‘عشق عظيم’ ۽ ‘سراج السالڪين’ ڇپيل آهن.
مرتضى اعظم پيشي جي لحاظ کان هڪ مڃيل حڪيم هو، قديم يوناني حڪمت توڙي جديد ميڊيڪل سائنس جي ڄاڻ ۽ تجربي سان علاج ڪرڻ ڪري سندس شمار تر جي مڃيل ويڄن ۾ ٿيندو هو. پاڻ بنيادي طور تي هڪ غريب گهراڻي جو فرد هو. شاگرديءَ واري زماني ۾ کٽون واڻيائين، پر بعد ۾ سندس شوق جي بنياد تي ان کٽن واڻڻ واري ڪم ۾ پنهنجون ذهني صلاحيتون استعمال ڪندي کٽن تي خطاطي ۽ ڊزائينون ٺاهڻ جا ڪامياب ۽ شاهڪار فني تجربا ڪيائين ۽ منفرد نموني سان کٽون واڻيندو هو. سندس نادر فني نموني جي هڪ کٽ رتيديري سندس دواخاني تي اڄ بہ رکيل آهي، جنهن تي واڻ سان سنڌ جو نقشو ۽ ان نقشي ۾ لطيف سائين جو بيت ’سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار‘ سھڻي نموني ۽ ڪاريگريءَ سان ڊزائين ڪيو اٿس. سندس واڻيل اهڙيون کٽون استعمال ڪرڻ بجاءِ سجاوٽ طور رتيديري جي مختلف جاين تي رکيل آهن. هن پهرين ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي.