غلام مرتضيٰ شاھہ

غلام مرتضيٰ ‘شاھہ’: کرڙيءَ جي جنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ ميرن جي لشڪر جو سپھہ سالار غلام مرتضيٰ ‘شاھہ’ مير سهراب خان جي لشڪر جي سپھہ سالار هو. سندس والد جو نالو گولا شاھہ ڪهيري هو، جيڪو بھاولپور مان لڏي سنڌ ۾ ڪوٽڏجي ڀرسان ڳوٺ ٻڌي آباد ٿيو. ڳوٺ اڳتي هلي ‘گولي شاھہ’ جي نسبت ‘ٽنڊو شاھہ’ سڏجڻ ۾ آيو، بعد ۾ هن لڏي اچي خيرپور ۾ رهائش اختيار ڪئي. گولا شاھہ کي ميرن طرفان ‘شاھہ’ لقب مليل هو، جنهن جي نسبت سان ‘گولا شاھہ’ سڏبو هو ۽ سندس پٽ بہ غلام مرتضيٰ شاھہ سڏجڻ لڳو.
غلام مرتضيٰ شاھہ جي تعليم ۽ تربيت والد جي نگرانيءَ ۾ ٿي. سندس والد جي 1821ع ۾ وفات بعد ٽالپر حڪمرانن غلام مرتضيٰ شاھہ کي پنھنجي لشڪر جو سپھہ سالار مقرر ڪيو. غلام مرتضيٰ ڪيترن ئي اعليٰ صلاحيتن سان اڀري اڳيان آيو. ذهن جي بلنديءَ ۽ شعوري قوت سبب سڀني سردارن تي برتري حاصل ڪري ورتائين. شاھہ شجاع جڏهن شڪارپور تي قبضو ڪري ورتو ۽ ٻن ناظمن سيد ڪاطم شاھہ ۽ عالم خان مريءَ کي جبري هٽائي ڇڏيائين، تڏهن عالم شاھہ لشڪر گڏ ڪري پٺاڻن سان ويڙھہ ڪئي، جنهن ۾ ميرن جي لشڪر جي ڳچ سپاهين سان گڏ هو بہ مارجي ويو هو. جنهن بعد کرڙيءَ واري جنگ لڳي. شاھہ شجاع پٺاڻ وٽ ٽي هزار لشڪر هو، پر اهي جنگي مهارت رکندڙ هئا. جڏهن تہ انهن وٽ جديد هٿيار، جن ۾ گولا اڇلائيندڙ توب ۽ بندوقون هيون. ميرن جي لشڪر ۾ ويڙهاڪن جي گهڻائي هئي، پر جنگ جي ڏانءُ کان اڻ واقف هئا ۽ انهن کي فقط تلوارون ۽ ڀالا هٿن ۾ هئا. پر ڌرتيءَ تي ڌارين جي قبضي خلاف سندن اندر ۾ نفرت جا مچ ٻري رهيا هئا.
شاھہ شجاع جي لشڪر اڳواٽ کرڙيءَ جي ميدان کي گهيري ۾ آڻي، ٽڪرين تي توبون رکي ڇڏيون هيون. هوڏانهن ميرن جي دلچسپي نہ هجڻ باوجود غلام مرتضيٰ شاھہ ۽ ٻيا سمورا تلوارون هٿن ۾ کڻي جنگ جي ميدان ۾ ڪاهي پيا. شڪارپور جي جبري هٽايل ناظم عالم خان جو پٽ جھان خان ۽ ٻيا ڪيترائي سردار بهادرن جا لشڪر وٺي اچي ميدان ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. ميرن جو لشڪر، پٺاڻن جي جنگي مهارت ۽ جديد هٿيارن کان باخبر هجڻ باوجود اڳتي وڌندو رهيو. هوڏانهن توپن جي ڌماڪن سڄي علائقي کي گونجائي ڇڏيو، پر ٽالپرن جي لشڪر پير پوئتي نہ هٽايو. لاشن جا ڍير لڳي ويا، پوءِ غلام مرتضيٰ شاھہ تلوار هٿ ۾ کڻي هڪلون ڪندي توپن جي منهن ۾ ڪاهي پيو ۽ وطن جي آزاديءَ جي جنگ وڙهندي شهادت ماڻيائين. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر خليفي نبي بخش ‘قاسم’ کرڙيءَ جي جنگ تي ڪيڏارو لکيو، جنهن ۾ هڪ هنڌ غلام مرتضيٰ لاءِ لکيو آهي تہ:
هي گل گولي شاھہ، پرکا ڪارڻ پوکيو،
ڪندو سنجهہ صباح، مقابلو ميدان ۾.
ان کان سواءِ خيرپور جي مقامي شاعر آندل فقير ڀٽ کرڙيءَ جي شھيدن جي شان ۾ شعر چيا آهن.
غلام مرتضيٰ شاھہ جي کرڙيءَ جي جنگ ۾ شهادت واري تاريخ ڪتاب ‘سکر: تاريخ ۽ سماج’ ۾ شامل ڊاڪٽر نواز علي شوق جي مضمون ۾، 18 شعبان 1247ھہ/ مطابق 30 ڊسمبر 1833ع لکيل آهي. جڏهن تہ پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسيءَ پنھنجي ڪتاب ‘کرڙي جي جنگ جا نامور شھيد’ ۾، هي تاريخ 27 شعبان 1249ھہ مطابق 8 جنوري 1834ع ڄاڻائي آهي. غلام مرتضيٰ شاھہ جي آخري آرامگاھہ قادر بخش جا قبا واري قبرستان ۾ سندس والد گولي شاھہ جي مقبري ۾ آهي.


لفظ غلام مرتضيٰ شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو