
سمو غلام نبي
سمو، غلام نبي (فنڪار): نامياري شھنائي نواز غلام نبي ولد محمد اڪرم سمي جو جنم، 14 ڊسمبر 1942ع تي ڳوٺ جادي ڪلهوڙي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. موسيقيءَ جو فن کيس ورثي ۾ مليو. سندس والد پنھنجي وقت جو ڍولڪ نواز هو ۽ سنڌ جو ناميارو راڳي ديدار حسين سمو سندس ننڍو ڀاءُ آهي، جڏهن تہ نئين نسل جو نوجوان راڳي ماسٽر فتح علي سندس ڀائٽيو آهي، جيڪو گهڻو مشھور فنڪار آهي. غلام نبيءَ کي سندس والد 15 سالن جي عمر کان شرناءِ جي فن جي بنيادي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي سريلي شھنائي نواز استاد محمد اڪرم سمي لاڙڪاڻي واري کان شرناءِ جي باقاعدي سکيا ورتائين. پنھنجي استاد محمد اڪرم جي وفات کانپوءِ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي ڪجهه ڄاڻ سنڌ جي ناليواري ڪلاسيڪل فنڪار استاد منڌر خان جيڪب آباد واري کان پڻ ورتائين. استاد غلام نبي سمو شهنائيءَ جي فن ۾ رياض ۽ محنت ڪري لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪل جي سنگم کي نمايان ڪرڻ واسطي ڪافي حد تائين گهڻائي ڪامياب تجربا ڪيا، کيس ماضي قريب کان وٺي حال تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪلاسيڪي ڇنن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت ڏئي گهرايو ويندو آهي. هڪ ڀيري 1988ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڇنو منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ستن ضلعن جي سريلن مڱڻهارن کي دعوت ڏئي گهرايو ويو، ان ڇني جو پهريون نمبر انعام ان وقت ۾ هڪ هزار روپيا مقرر ڪيو ويو، جيڪو انعام استاد غلام نبي سمي پنھنجي فن ۾ مهارت سبب کٽيو هو. سندس کوڙ سارا شاگرد ضلعي لاڙڪاڻي فني خدمتون سرانجام ڏيندا اچن ٿا. استاد غلام نبي سمو شرناءِ سان گڏ دهل بہ وڄائيندو آهي، پر گهڻي قدر شرناءِ نواز طور کيس سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ پنھنجي چئن گهرن جي برادريءَ جو چڱو مڙس بہ آهي، ان ڪري کيس سندس برادريءَ وارا ’رئيس غلام نبي‘ جي نالي سان بہ سڏيندا آهن. غلام نبي سمو، قلندر لعل شھباز سان بي انتها محبت ۽ عقيدت رکندڙ آهي ۽ قلندر جي هر ميلي ۾ شريڪ ٿي درگاھہ جي دروازي جي سامهون پنھنجي جوڙ سميت پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري حاضري ڀريندو آهي. غلام نبي ۽ سندس جوڙ کي ڪيترائي ڀيرا پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي دعوت ڏئي گهرايو ويو آهي، جتي هن ڪلاسيڪي توڙي لوڪ موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. توڙي جو هن وقت سندس عمر ستر سالن کان وڏي آهي، پر سندس فن ۽ فن سان عشق هن وقت بہ جوان آهي.
1942.12.14 عيسوي
نامياري شهنائي نواز غلام نبي ولد محمد اڪرم سمي جو جنم، 14 ڊسمبر 1942ع تي ڳوٺ جادي ڪلهوڙي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.