غلام نبي عبداللطيف

غلام نبي عبداللطيف

غلام نبي عبداللطيف

غلام نبي عبداللطيف: سنڌ ڌرتي جا ٻہ موسيقار ۽ ڀائر غلام نبي ۽ عبداللطيف، جن جو واسطو ماڙيچي گهراڻي سان آهي. اهو گهراڻو اصل جيسلمير جو آهي. هن گهراڻي وارن مان ڪيترائي گائڪ ۽ وڄوت ٿيا آهن. غلام نبي ۽ عبداللطيف ٻئي پٽ حيدر بخش خان ڏگي آهن. حيدر بخش پاڻ بہ سٺو وڄائيندڙ هو. ڪيترائي ساز وڄائي ڄاڻندو هو. غلام نبي، عبداللطيف کان عمر ۾ وڏو هو. غلام نبي 1925ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. جڏهن تہ عبداللطيف 1927ع ۾ جمال شاھہ جي پڙ حيدرآباد ۾ ڄائو. غلام نبي پرائمري ۽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهيو. گهر ۾ راڳ ۽ تال موجود هو، غلام نبي والد جي سکيا کان پوءِ وقت جي وڏي گائڪ استاد ڇوٽي غلام علي خان جو ڳاني ٻڌو شاگرد ٿيو. اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن کي احساس ٿيو تہ ڇو نہ سنڌي پرڪاش جي راڳڻين ۾ سنڌيءَ جا ڪلام فلمن لاءِ ڪمپوز ڪجن. اها ساڳي سوچ ٻن ٻين وڏن موسيقارن غلام علي ۽ فيروز الدين کي بہ آئي. غلام نبي سڀ کان پهرين سيد حسين شاھہ فاضلاڻيءَ جي فلم ‘عمر مارئي’ (1950ع) جي موسيقي ترتيب ڏني، جنهن سان گڏ غلام علي هو. هنن ٻنهي ڀائرن ڌنن تي ڏاڍي محنت ڪئي ۽ فلم جا گانا ڪامياب ٿيا. هيءُ تاريخي فلم هئڻ سان گڏ پهرين مڪمل سنڌي فلم هئي.
فلم ‘عمر مارئيءَ’ جو هڪ گانو تہ اڄ بہ وڄندو آهي “يا خدا تقدير جو آهي، آهي بهانو بي وفا”. هي گانو محمد ابراهيم جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو هو. 1957ع ۾ کين هڪ اردو فلم ‘بڙا آدمي’ جي موسيقي ملي، جنهن جو ڊائريڪٽر همايون مرزا هو. 1958ع ۾ حسين شاھہ فاضلاڻي سنڌي فلم ‘پرديسي’ ٺاهي تہ ان جي موسيقي غلام نبي عبداللطيف ترتيب ڏني. هن فلم جو ڊائريڪٽر شيخ حسن هو. هيءَ هڪ ڪامياب فلم هئي، جنهن جا گانا هند توڙي سنڌ ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا. سندن ٻئي فلمون هندستان ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيون هيون. سندن چوٿين سنڌي فلم ’سسئي پنھون‘ هئي، هن فلم جو فلمساز سعيد اي هارون هو، جنهن جو واسطو مشھور عبدالله هارون جي سياسي خاندان سان هو ۽ کيس ايسٽرن فلمز اسٽوڊيو بہ پنهنجو هو. هن فلم جون هدايتون علي اڪبر ڏنيون. هيءَ فلم بہ 1955ع ۾ رليز ٿي. ان کان پوءِ ڪيتريون فلمون آيون، جن جي موسيقي هنن ٻنهي ڀائرن ترتيب ڏني هئي، جن ۾ ‘پرائي زمين’ (1958ع)، ‘ڌوپ ڇانو’ (1963ع)، ‘شھرو فيروز’ (1968ع)، ‘عورت اور زمانا’ (1968ع)، ‘سورٺ’ (1973ع)، ‘بادل ۽ برسات’ (1974ع)، ‘ڌرتي لال ڪنوار’ (1975ع)، ‘رم جهم’، ‘هاري’، ‘ملهار’، ‘مومل راڻو’ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. فلم ‘سورٺ’ شاھہ جي ڪردار ‘سورٺ راءِ ڏياچ’ تي آڌاريل شاندار فلم هئي، جنهن جو هڪ گانو مسعود رانا بہ ڳايو هو ۽ ڏاڍو مشھور ٿيو. اهو هو ’صورت ۾ سلطان‘ ان کان پوءِ هنن جي موسيقيءَ ۾ اردو فلم ‘آگ ڪا دريا’ آئي، جنهن ۾ محمد علي هيرو ۽ شميم آرا هيروئن هئي. هيءَ فلم اردو زبان ۾ سنڌي سماج تي ٺاهي وئي. غلام نبي عبداللطيف سنڌي سر ڪوهياري ۾ ‘من جا من جا بالم من جا...’ گانو ڪمپوز ڪيو ۽ ڏاڍو ڪامياب ويو. ان کان سواءِ بہ فلم جا ٻيا گانا: “اي وطن هم هين تيري شمع ڪي پروانون ۾”، “رات آئي تو ساقي ني بڙي ڌوم مچا دي” ۽ “هوا سي موتي برس رهي هين” وغيرہ سٺا ڪامياب ٿيا. ان کان پوءِ کين لاهور جون ٻيون بہ کوڙ فلمون مليون، جن جي هنن ڀائرن موسيقي ترتيب ڏني، انهن ۾: ”واھہ ري زمانا، مين ڪهان منزل ڪهان“ (استادون ڪي استاد) وغيرہ.
ريڊيو حيدرآباد تي غلام نبي عبداللطيف تمام گهڻيون ڌنون ڪمپوز ڪيون ۽ خاص طور سنڌ جي وڏي شاعر امداد حسينيءَ جي ڪن گيتن کي بہ ڪمپوز ڪيو هو، جن مان ٻن گيتن جو ذڪر امداد حسينيءَ پنهنجين ساروڻين ۾ ڪيو آهي، اهي گيت هئا:
(1) اسان روئي روئي کلايو جن کي، اڪيلا جي ٿيندا تہ روئندا تہ هوندا.
(2) رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن، ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن.
اهي ٻئي ڌنون صادق عليءَ ڳايون هيون. ان کان سواءِ هڪ گيت امداد حسينيءَ جو عابدہ جي آواز ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو هو، ان جي ڪمپوزيشن بہ غلام نبي عبداللطيف ڪئي هئي. گيت هو:
ڪاري ڪاري رات، مٿان برسات، نہ وڃ اڄ رات، رهي پئه.
هنن ٻنهي ڀائرن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، سڀ کان اول عبداللطيف 1964ع ۾ ان وقت جي وزير قانون غلام نبي ميمڻ جي سفارش تي ريڊيو تي ملازم ٿيو ۽ پوءِ 1966ع ۾ غلام نبي ڀرتي ٿيو. هنن اتي بہ ڪيتريون ئي ڌنون ڪمپوز ڪيون، تفصيلي ذڪرريڊيو حيدرآباد ’ نالي ڪتاب ۾ موجود آهي. ‘پيرين پوندي سانِ چوندي سانِ’ ڪلام جي ڌن بہ سندس ترتيب ڏنل آهي. غلام نبيءَ کي چار پٽ ٿيا: رجب علي انجنيئر، طالب علي انجنيئر، غلام رضا ۽ غلام حجم. جڏهن تہ سندن خاندان مان هن وقت ياسر علي ڳائيندو آهي، جڏهن تہ سجاد حيدر موسيقار آهي. جن فلمن ۾ هنن ٻنهي ڀائرن موسيقي ترتيب ڏني، انهن مان ڪن جو وچور هي آهي: (1) عمر ماروي (1956ع)، (2) بڙا آدمي (1957ع)، (3) پرديسي (1958ع)، (4) پنھون '>سسئي پنھون (1958ع)، (5) پرائي زمين (1958ع)، (6) ڌوپ ڇائون (1963ع)، (7) چانڊوڪي (1964ع)، )8) شھرو فيروز (1968ع)، (9) عورت اور زمانا (1968ع)، (10) سورٺ (1973ع)، (11) بادل ۽ برسات (1974ع)، ڌرتي لال ڪنوار (1975ع). سال 1965ع ۾ کين نگار اوارڊ بہ مليو هو. اهو اوارڊ کين فلم ‘آگ ڪا دريا’ تي مليو هو. غلام نبي 10 مارچ 1991ع تي ۽ عبداللطيف 27 ڊسمبر 1993ع ۾ وفات ڪئي. موسيقيءَ جي دنيا ۾ سندن خدمتون ياد رهنديون، ٻئي ڀائر قديمي قبرستان ٽنڊي يوسف ۾ دفن ٿيل آهن.
سندن موسيقيءَ ۾ ڪيترن ئي فنڪارن پنھنجي فن جا جوهر ڏيکاريا ۽ پنھنجي فن کي ماڻهن جي سامهون آندو، پر پردي جي پويان غلام نبي عبداللطيف جو فن اجرو بيٺو آهي. نور جهان، ثريا حيدرآبادي، مبارڪ بيگم، عابدہ پروين، نگهت سلطانه، ڪوثر پروين، دينا ليليٰ، احمد رشدي، مهدي حسن، محمد جمن، محمد ابراهيم، محمد يوسف، صادق علي، سليمان شاھہ، وحيد علي، زبيدہ بيگم، مالا، اقبال بانو ۽ ٻيا کوڙ فنڪار ۽ فنڪارائون سندن ٺاهيل ڌنن تي مقبول گانا ڳائي چڪا آهن.


لفظ غلام نبي عبداللطيفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو