غلام نبي گل

غلام نبي گل

غلام نبي گل

غلام نبي گل: ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس، غلام نبي گل ولد عبدالواسع ٻرڙو 10 سيپٽمبر 1932ع تي قنبر تعلقي جي وڏي ڳوٺ گهٽهڙ جي مذهبي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ورنيڪيولر فائنل، عالم فاضل ۽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪيائين. تعليم کاتي ۾ 1948ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ 1992ع ۾ هيڊماستر طور رٽائر ٿيو. پاڻ 1953ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. ان وقت سندس شاعريءَ تي فارسي رنگ چڙهيل هو. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ سندس نظر ۽ فڪر ۾ ڪافي تبديلي آئي. 1955ع ڌاري گهٽهڙ ۾ ‘ڊراما ايسوسيئيشن’ قائم ٿي تہ سندس ٽي ڊراما ‘باغي’، ‘شيرين فرهاد’ ۽ ‘محبت’ اسٽيج ڪيا ويا. ان کان سواءِ آغا حشر ڪاشميريءَ جو ڊرامو پڻ پيش ٿيو. سندس ڪيتروئي ڪلام سنڌ جي مشھور ڳائڻن ڳايو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) رات باقي آ (شاعري: ڊسمبر 1990ع)، (2) آواز جي خوشبو (شاعري) 1993ع، (3) آئينو چپ آ (شاعري) آڪٽوبر 1995ع، (4) جيون پياسو سمنڊ (ناول) 1997ع، (5) اڃا تازي قبر آهي (شاعري) جولاءِ 1997ع، (6) آخري شام (شاعري) 2001ع، (7) نہ راهون ساڻ هلنديون هن (ناول) 2001ع، (8) دعا جا پير (ڪهاڻيون) 2002ع، (9) بکري منظر (اردو شاعري) آگسٽ 2002ع، (10) جوڳي (ناول) 2003ع، (11) لمحن جو درد (شاعري) 2003ع)، (12) مان ڪير آهيان (ڪهاڻيون) 2004ع، (13) ٻيو جنم (شاعري) 2004ع، (14) فاصلي (اردو ناول) 2004ع، (15) ٽٽل شيشو (ناول)، (16) درد جو چنڊ (شاعري)، (17) خدا جي سرگوشي (شاعري)، (18) تنھائي (شاعري)، (19) خيالن ۾ سمنڊ (شاعري)، (20) گگن گونگو ٻڌائي ڇا (شاعري)، (21) توبھہ ڪي بعد (اردو ڪهاڻيون) وغيرہ.
غلام نبي گل سان 2005ع ۾ ‘اڪيڊمي ادبيات پاڪستان’ ڪراچيءَ پاران هڪ رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾ کيس ادبيات طرفان ‘مڃتا شيلڊ’ ڏني وئي.
هن 17 نومبر 2016ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ اباڻي قبرستان گهٽهڙ ۾ آهي.


لفظ غلام نبي گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو