
غنويٰ ڀٽو
غنويٰ ڀٽو : مير مرتضيٰ ڀُٽي جي بيوھہ ۽ شھيد بينظير جي ڀاڄائي غنويٰ، لبنان ۾ ڄائي. هوءَ مير مرتضيٰ جي ٻِي گهر واري ۽ فاطمہ ڀٽو جي ويڳي ماءُ آهي. جڏهن 1996ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو شھيد ٿيو تہ غنويٰ ڀٽو پاڪستان آئي ۽ پنھنجي مڙس جو قتل ڪيس وڙهيائين. 1997ع ۾ هن ”پ. پ شھيد ڀٽو“ پارٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جي چيئرپرسن بڻي. هن لاڙڪاڻي مان 2002ع واري چونڊ بہ وڙهي. پر اليڪشن ڪميشن گريجوئيٽ نہ هئڻ ڪري سندس نامزدگي فارم رد ڪيو. ان بعد هن 2007ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ اميدوار طور بي. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ 2008ع واري اليڪشن ۾ حصو ورتائين، پر وري بہ ڪامياب نہ ٿي سگهي. ان کان اڳ جڏهن بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊيءَ ۾ شھيد ڪيو ويو تہ غنويٰ ڀٽو اختلافن باوجود پنھنجي ڌيءَ فاطمہ ۽ پٽ ذوالفقار جونيئر سان گڏ تدفين تي پهتي هئي. نومبر 2009ع ۾ مير مرتضيٰ ۽ سندس ساٿين جي قتل واري ڪيس تي عدالت مقتولن کي بيڏوھہ قرار ڏنو ۽ الزامن هيٺ آيل ملزمن کي بہ انهن رمارڪس سان آزاد ڪيو تہ مٿن واضح شاهديون نہ آهن. جڏهن تہ اهڙي فيصلي تي غنويٰ ڀٽو ۽ سندس پارٽيءَ کي مايوسي ٿي.