غنچه اميد

غنچه اميد (رسالو): هي ماهوار رسالو شڪارپور جي ساڃاھہ وند هندو ۽ مسلمانن پاران آگسٽ 1940ع کان جاري ڪيو ويو. رسالي جو پرنٽر ۽ پبلشر ڪشنچند چاولا هو. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ طرفان لاهور ۾ پاڪستان جي تاريخي ٺهراءَ ذريعي انگريزن کان ٻن جدا ۽ خودمخيار مملڪتن جي وجود ۾ آڻڻ جي گهر ڪئي وئي. جنهن سبب ننڍي کنڊ ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ نظرياتي ۽ سياسي اختلاف پيدا ٿيا، ان ڪري فرقيوارانه فسادن کي هٿي ملي ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ شڪارپور جي ڪجهہ دردمند دل رکندڙ ماڻهن امن، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي ضرورت محسوس ڪندي، هي رسالو جاري ڪيو. هن رسالي ۾ مشھور اديبن ۽ سياستدانن جا مضمون ۽ شاعرن جي شاعري، هندو مسلم اتحاد ۽ ڀائيچاري جي موضوع تي شايع ٿيندي هئي. هي رسالو 1942ع تائين لاڳيتو جاري ٿيندو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو